هي ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن اڄ جيان ڪرڪيٽ جون اڪثر ميچون ٽي وي تي نه ڏيکاريون وينديون هيون ۽ ننڍي کنڊ ۾ ڪرڪيٽ شوقين لاءِ ڪرڪيٽ جي خبر چار جو ذريعو اخبار ۽ رڊيو هوندا هئا، ايستائين جو ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ظهير عباس گلوسٽر شائر لاءِ ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، جاويد ميانداد گليمورگن لاءِ ڪهڙو ڪارنامو انجام ڏنو يا وري عمران خان سسيڪس لاءِ ڇا ڪري رهيو آهي، وغيره.
ان ئي دوران هڪ ورلڊ رڪارڊ سامهون آيو جڏهن ڀارت جي ٻن نوجوان ڪرڪيٽرن بمبئي (هاڻ ممبئي) جي هڪ ٽورنامينٽ ”هيرس شيلڊ انٽر اسڪول“ جي سيمي فائنل ۾ 664 رنسن جي ناقابل شڪست ڀائيواري جو رڪارڊ قائم ڪئي، جيڪو ان وقت ڪنهن به وڪيٽ لاءِ ڪنهن به سطح جي ميچن ۾ هڪ رڪارڊ هو.
ان رڪارڊ سچن ٽنڊولڪر (326 ناٽ آئوٽ) ۽ ونود ڪامبلي (349 ناٽ آئوٽ) کي رات پيٽ ۾ هيرو بڻائي ڇڏيو، پر پوءِ ڳالهه سچن ٽنڊولڪر تي کُپي وئي ۽ ڪرڪيٽ جا پنڊت کيس ”ونڊر بواءِ “ ڪوٺڻ لڳا. جئين اڄڪلهه 15 ورهين ڪرڪيٽر ويڀَو سوريا ونشي کي ”مستقبل جو ٽنڊولڪر“ قرار ڏنو پيو وڃي، ائين ئي ٽنڊولڪر جو نالو تڏهن اڄ تائين جي سڀ کان عظيم بيٽر سر ڊان بريڊمين سان جوڙيو ويو هو.
اڄ ٽنڊولڪر 53 سالن جو ٿي ويو آهي ۽ هو ان مقام تي آهي جتي کيس ڀارت ۾ ڪرڪيٽ جو ”ديوتا“ چيو وڃي ٿو، جنهن جي نالي بيٽنگ جا هڙئي اهم رڪارڊ آهن.
سچن ٽنڊولڪر ۽ پاڪستان پراڻو تعلق رهيو آهي، هي تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا هن ڪو ورلڊ رڪارڊ قائم نه ڪيو هو ۽ پاڪستان جي ٽيم عمران خان جي قيادت ۾ ڪرڪيٽ ڪلب آف انڊيا جي گولڊن جوبلي جشن طور هڪ نمائشي ميچ لاءِ ڀارت جو دورو ڪري رهي هئي.
ميچ ۾ ماني جي وقفي دوران جڏهن جاويد ميانداد ۽ عبدالقادر ميدان کان ٻاهر هليا ويا ته پاڪستان جي مئنيجر انتظاميا کان متبادل رانديگر گهريو ۽ هنن 13 ورهين جي ٽنڊولڪر کي ميدان تي موڪليو، جنهن پاڪستان جي جرسِيءَ ۾ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين فيلڊنگ ڪئي ۽ چيو وڃي ٿو ان ڪپل ديو جو ڪيچ پڻ پڪڙيو هو.
پهرين ٽيسٽ
پر ٻن سالن کانپوءِ ٽنڊولڪر 15 ورهين جي عمر ۾ پاڪستان خلاف پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏي، جنهن ۾ پاڪستان طرفان ڊبييو ڪندڙ وقار يونس کيس 15 رنسن تي بولڊ ڪري ڇڏيو.
فيصل آباد ۾ کيڏيل ٻي ميچ ۾ 59 رنسن تي عمران خان کيس ايل بي ڊبليو ڪيو. ٻي اننگز ۾ هو اٺ رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، لاهور ۾ ٿيندڙ ٽِين ٽيسٽ ۾ عبدالقادر کيس 41 رنسن تي بولڊ ڪيو هو.
سيالڪوٽ ۾ کيڏيل چوٿين ٽيسٽ ۾ 35 رنسن تي وسيم اڪرم کيس ايل بي ڊبليو ڪيو، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ کيس عمران خان 57 رنسن پويلين ڀيڙو ڪيو، سيريز ڊرا ٿي وئي ۽ سچن ڪو وڏو ڪارنامو انجام نه ڏئي سگهيو.
پر پوءِ 16 ڊسمبر 1989 تي پشاور ۾ کيڏيل ميچ هڪ اهڙو يادگار مقابلو بڻجي ويو جيڪو اڃا تائين جاري آهي، هي ون ڊي 20-20 اوورن جي ميچ ۾ تبديل ڪئي وئي ۽ هي انٽرنيشنل بدران نمائشي ميچ بڻجي وئي. ان ميچ ۾ ٽنڊولڪر پهريون ڀيرو پنهنجي جهلڪ پسائي جيڪا پوءِ سندس سڃاڻپ بڻجي وئي.
ان ميچ بابت اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ڪامينٽيٽر آڪاش چوپڙا سان ڳالهائيندي ٽنڊولڪر ٻڌايو ته ””مشتاق (احمد) بالنگ ڪري رهيو هو، ان کي هڪ چوڪو ۽ ٻه ڇڪا هنيم ته عبدالقادر مون وٽ آيو ۽ چيائين ته مان بالنگ ڪيان ٿو، مونکي هڻي ڏيکار، مون چيو ته توهان ته سينئر رانديگر آهيو، مان توهان کي ايڏي سولائيءَ سان نه کيڏي سگهندس، پر پوءِان اوور ۾ ڪي 28 رنسون ٺهيون.“ ان اوور ۾ ٽنڊولڪر پهرئين بال تي ڇڪو، ٻيو ڊاٽ ڪيو، ٽئين تي چوڪو ۽ پوءِ لڳاتار ٽي ڇڪا هنيا.
بهر حال پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ۾ ٽنڊولڪر ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو، کيس هڪ ڀيرو وري وقار يونس آئوٽ ڪيو. ان کانپوءِ سچن کي سيريز جي ٻين ميچن ۾ موقعو نه ڏنو ويو
پاڪستان خلاف سڀ کان گهڻيون رنسون
ان کانپوءِ ٽنڊولڪر 1996 ۾ پاڪستان خلاف پهرين سينچري سنگر ڪپ سنگاپور ۾ اسڪور ڪئي، پوءِ 1998 ۾ سلور جوبلي ڪپ ۾ پاڪستان خلاف 95 رنسون ٺاهيون ۽ ٽي وڪيٽون پڻ ورتيون، هن پاڪستان خلاف ڀارت طرفان سڀ کان وڌيڪ ون ڊي رنسون ٺاهيون آهن، جن ۾ پنج سينچريون به شامل آهن.
ٽيسٽ ۾ هو پاڪستان خلاف رنسون ٺاهڻ واري معاملي ۾ گواسڪر کانپوءِ آهي، پر مجموعي طور ٽيسٽ، ون ڊي ۽ هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ ٻئي خلاف رنسون ٺاهڻ جي معاملي ۾ 3583 رنسن سان سڀ کان اڳتي آهي ۽ سندس ايوريج 40 رنسون في اننگز آهي، ان کانپوءِ جاويد ميانداد آهي جنهن 63 ميچن ۾ 60 کان وڌيڪ جي ايوريج سان 3403 رنسون ٺاهيون آهن.
ٽنڊولڪر پنهنجي دور جي تمام خطرناڪ بالرن آڏو پنهنجي بيٽنگ جا جوهر ڏيکاريا، جتي هڪ پاسي سندس خلاف بريٽ لي، ميڪ گرا، وسيم اڪرم، وقار يونس، ڪورٽني والش، ايمبروز، ايلن ڊونلڊ، شان پولاڪ ۽ جيمز اينڊرسن جهڙا فاسٽ بالر هئا، اتي ٻي پاسي وري شين وارن، مرلي ڌرين ۽ ثقلين مشتاق جهڙا اسپنر هئا.
پر سچن ٽنڊولڪر موجب، کيس سڀ کان وڌيڪ جنهن بالر منجهايو اِهو اِهو اڳوڻو ڏکڻ آفريڪي ڪپتان هينسي ڪرونئي هو، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي عبدالرزاق خلاف کيڏڻ کيس ڏکيو لڳندو هو، جيتوڻيڪ سندس جوڙيل ڪيئي رڪارڊ ٽٽي رهيا آهن، پر کوڙ سارا اهڙا رڪارڊ پڻ آهن جيڪي شايد ئي ٽٽي سگهن، سندس مستقل رنسون ٺاهڻ واري خوبيءَ سبب هڪ ڀيري بريڊمين پاڻ چيو هو ته کيس ٽنڊولڪر جي راند پنهنجي راند جا ڏينهن ياد ڏياري ٿي.
ڪيريئر
سچن جو عالمي ڪيريئر اٽڪل 24 سالن تي پکڙيل آهي. هن 200 ٽيسٽ ميچن ۾ 51 سينچرين جي مدد سان 15921 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته 463 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن ۾ 49 سينچرين جي مدد سان 18426 رنسون اسڪور ڪيون. هن رڳو هڪ ئي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل کيڏي جنهن ۾ هن 10 رنسون ٺاهيون، جيڪو سندس جرسِيءَ جو نمبر هو، ون ڊي ڪرڪيٽ جي پهرين ڊبل سينچري به سچن ٽنڊولڪر ئي اسڪور ڪئي هئي.
جيڪڏهن سندس رڪارڊن جي ڳالهه ڪجي ته سندس هم وطن اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي رڳو هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ سندس سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙيو آهي، باقي سمورا رڪارڊ وٽس ئي آهن، 14 نومبر تي جڏهن ويسٽ انڊيز خلاف سچن آخري ميچ کيڏي ته سڀني کي منجهانس هڪ يادگار سينچريءَ جي اميد هئي.
هو ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي انٽرنيشنل تان رٽائر ٿي چڪو هو، پنهنجي هوم گرائونڊ ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ هو پنهنجي آخري ميچ کيڏي رهيو هو. جڏهن هو 74 رنسن تي پڳو ته ڊيرن سيمي ڊيو نارائڻ جي بال تي سندس ڪيچ پڪڙي ورتو ۽ ڀارت جي لکين شوقينن جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو، شوقين پراميد هئا ته ڀلي ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وڃي پر سچن ٻي اننگز کيڏي، پر ڀارتي ٽيم اِها ميچ ٽئين ڏينهن هڪ اننگز ۽ 126 رنسن تان کٽي ورتي.
ڀارت رتن
ٽنڊولڪر لاءِ جيڪا تقريب ڪوٺائي وئي هئي ان ۾ دهليءَ کان وڏي انگ ۾ ڪانگريس اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ کيس ڀارت جي سڀ کان وڏي شهري ايوارڊ ”ڀارت رتن“ سان نوازيو ويو. هو سڀ کان ننڍي عمر ۾ اِهو ايوارڊ ماڻيندڙ شخص پڻ آهي ۽ انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن ۾ شامل آهي جيڪي اڃا حيات آهن.
هو عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ کانپوءِ به ڪرڪيٽ سان سندس رشتو قائم رکيو پيو اچي، آءِ پي ايل ۾ ممبئي انڊينز جي نمائندگي ڪرڻ کانپوءِ هاڻي هو ان فرنچائز جي صلاڪاري سٿ ۾ شامل آهي.