يامي گوتم پاران قرآن پاڪ جو مطالعو ڪرڻ جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم ”حق“ جي هدايتڪار سپرن ورما انڪشاف ڪيو آهي ته فلم جي مُک اداڪارا يامي گوتم پنهنجي ڪردار ”شازيه بانو” کي حقيقي بڻائڻ لاءِ باظابطا قرآن پاڪ جو مطالعو ڪيو ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي.
برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ سپرن ورما ٻڌايو ته فلم جي تياري دوران يامي گوتم پنهنجي ڪردار جي گهرائي کي سمجهڻ لاءِ قرآن پاڪ مان رهنمائي حاصل ڪئي ۽ ان سڄي عمل ۾ کيس اٽڪل چار مهينا لڳا.
هدايتڪار موجب، فلم ۾ قرآن پاڪ جا حوالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن، انهيءَ ڪري فلم جي پڄاڻي لفظ ”اقرا “ تي ڪئي وئي.
هن چيو ته جڏهن اسلام بابت ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته اڪثر غلط فهميون ۽ غلط ڄاڻ سامهون ايندي آهي ۽ اڄ جي دور ۾ ڄاڻ جي گهڻائي باوجود اهو طئي ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي ته ڪهڙي ڳالهه درست آهي، انهيءَ پس منظر ۾ هن چاهيو ته فلم ”حق“ ذريعي ڏسندڙن تائين وڌيڪ تصديقي ۽ صحيح ڄاڻ پهچائي وڃي.
سپرن ورما موجب، سندس ڪيئي مسلمان دوست آهن ۽ هو هدايتڪار طور مسلمان ڪميونٽي جي تجربن کي بهتر نموني سمجهڻ لاءِ پاڻ به تحقيق ڪندو رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته فلم جي تياري دوران لڳ ڀڳ ڏيڍ سال تائين اسلامي قانونن ۽ سماجي پهلوئن تي ڪم ڪيو ويو.
هدايتڪار جو چوڻ هو ته هو فلم ۾ ”ٽن طلاقن “ جهڙن موضوعن بابت موجود غلط فهمين کي ختم ڪرڻ چاهي پيو، جڏهن ته ”حق مھر“ واري تصور کي به هڪ سماجي معاهدي طور اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن هِيءَ ڪهاڻي 40 سال پراڻي آهي ته اصل سوال اِهو آهي ته ان عرصي ۾ عورتن جي زندگين ۾ ڪهڙي حقيقي تبديلي آئي آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ به ڪيئي عورتون سماجي دٻاءُ، تعصب ۽ حقن جي مسئلن لاءِ جهيڙي رهيون آهن.
واضح رهي ته فلم ”حق“ شازيه بانو نالي هڪ عورت جي ڪهاڻي کان متاثر ٿي ٺاهي وئي آهي، جنهن کي هڪ وڪيل عباس خان سان محبت ٿي وڃي ٿي، پر سندس ٻي ڳجهي شادي کانپوءِ ٻنهي جا لاڳاپا خراب ٿي وڃن ٿا ۽ شازيه انصاف لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ٿي.
هي ڪهاڻي جگنا وورا جي ڪتاب ”بانو: ڀارت جي ڌيءَ“ تان ورتل آهي، فلم ۾ يامي گوتم سان گڏ عمران هاشمي پڻ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.