آمريڪا-ايران جي ”مان نه مڃان واري ڪار“، قطر جي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ ڳالهيون رولڙي جو شڪار

تهران/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايگزيُوس دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل تازين ڳالهين ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي، جڏهن ته ڳالهين کان واقف ٽن ذريعن ٻڌايو آهي ته سفارتي اڳڀرائي لاءِ قطر جي ٽياڪڙي ڪوششون رولڙي جو شڪار آهن ۽ ٻئي ڌريون پنهنجي موقف تان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهن.
ايگزيُوس موجب، قطري ٽياڪڙ ڳالهين ۾ اڳڀرائي لاءِ ڪوششون جاري رکندا، پر آمريڪا ۽ ايران ٻنهي جي روين سبب سندن مايوسي وڌندي پئي وڃي.
رپورٽ موجب، ٻه ڏينهن اڳ قطري ٽياڪڙ علي الثوادي نيويارڪ ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ سندس ٽيم سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران قطر طرفان پيش ڪيل ٻن صفحن تي ٻڌل ٺاهه جي تجويز تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
تجويز ۾ ايران طرفان آمريڪي سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻ جي درخواست ۽ آمريڪا طرفان ايران کان جوهري معاملن ۾ رعايت ڏيڻ جو مطالبو شامل هو.
ايگزيُوس موجب، عباس عراقچي سان ملاقات کان پوءِ قطري ٽياڪڙ واشنگٽن ۾ جيرڊ ڪشنر ۽ ٻين آمريڪي اختيارين سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن جي هڪ حصي ۾ نائب صدر جَي ڊِي وينس به شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، پاڪستان ۽ مصر سميت ٻين علائقائي ٽياڪڙ پڻ ايران تي جوهري معاملن ۾ رعايت ڏيڻ لاءِ زور ڀريو، تنهن هوندي به ايران جو موقف آهي ته هو ان معاملي تي تڏهن ئي غور ڪندو، جڏهن آمريڪا جون جي مفاهمتي ٺاهه ڏانهن واپس ايندو.

You might also like