اها 1990 ۾ جنوري جي خوبصورت ٿڌڙي موسم واري ڪچڙي منجهند هئي، هو اسان جي گهوٽڪي ۾ قائم صحافتي هائيڊ پارڪ منوج بڪ اسٽور تي آيو ۽ اسان اسٽور جي ٻاهران اسٽيشن روڊ جي ڀرسان ڪچهري ڪري رهيا هئا سون، انهيءَ وقت مان عوامي آواز جو گهوٽڪي ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ٿيو هيم، صحافتي جنون مون کي ويهڻ نه ڏيندو هو، روايتي صحافت کان هٽي ڪنهن وقت سياسي، سماجي ۽ عوامي ماڻهن جا انٽرويو ڪندو رهندو هوس يا مختلف مسئلن تي سروي ڪري ماڻهن کي اخبار جي پڙهڻ جي عادت وجهڻ ۾ ڪوشش ڪندو رهندو هيم، اهڙي طرح مون اڄ هن شخص جو لاشعوري طور انٽرويو ڪري رهيو هيم ته جيئن هن سان ڪچهري ڪري سندس انٽرويو اخبار ۾ شايع ڪيان، هي شخص جنهن جو نالو سائينداد چاچڙ هيو، جنهن جي پراثر ۽ انقلابي ڪچهرين سبب مون 1981 ۾ وطن دوست ٻار تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، جنهن مون کي سسي نيزي پاند جهڙو انقلابي ناول ۽ڳاڙهو لالٽين جهڙو شاندار چيني ڊرامو پڙهايو هو، انهن ڪتابن جي ڪردارن جا نالا اڄ اڌ صدي گذرڻ جي باوجود منهنجي ذهن ۾ نقش ٿيل آهن، اهڙي شخص کي مان صرف وڏي ڀاءُ جيتري عزت نه ڏيندو هيم، پر سموري قافلي وانگر مان به کيس ڪامريڊ سڏڻ ۾ هڪڙو عجيب سرور محسوس ڪندو هيم
هاڻي هو ستر ورهين جي زندگيءَ مان اسان سڀني کان موڪلائي ابدي سفر تي روانو ٿيو آهي ته منهنجي ذهن ۾ منوج بڪ اسٽور جي ٻاهران شاندار ڪچهري آرٽ مووي وانگر هلي رهي آهي،انهيءَ وقت تازو گرو رجنيش ٻه چار ڏينهن اڳ ۾ ئي 58 ورهين جي عمر ۾ ڀارت ۾ ابدي ننڊ جي حوالي ٿي چڪو هو، اهو شخص جنهن کي سموري دنيا اوشو جي نالي سان سڃاڻيندي هئي، انهيءَ جي موت تي آمريڪي رياست اوريگون کان وٺي پونا تائين سندس لکين چيلن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل هئي، مون ڪامريڊ سائينداد چاچڙ کان اوشو جي موت متعلق معلوم ڪيو هو، هن چيو هو ته ڪڏهن ڪڏهن نه چاهڻ جي باوجود سموري دنيا جي ڏک ۾ شامل ٿيڻو پوندو آهي، مون کي ڪامريڊ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي ته هن پاڻ ئي مون کي ٻڌايو هو ته اوشو پنهنجي علم، فڪر، فهم ۽ روحانيت جي ڪري عالمي مڃتا ماڻي هئي، سندس ائين اوچتي وڇوڙي جي ڪري مان سموري دنيا جي ڏک کان ڌار ٿي نٿو سگهان، پر اوشو اسان جي نوجوانن جي وڏي انگ کي انهن وهمن ،وسوسن،جنسي فرسٽريشن ۾ ڦاسائي ترقي پسند ،سائنسي، سماجي، قومي ۽ طبقاتي جدوجهد کي وڏو نقصان ڏنو هو، هن انهن سامراجي ملڪن جي پيسي جي بنياد تي آمريڪي رياست اوريگون ۾ 64 هزار ايڪڙن تي مشتمل خيالي شهر رجنيش پرم جي نالي سان قائم ڪيو هو، جنهن شهر ۾ ڇڙواڳي ۽ بي راهه روي جي ڪري وڏي افراتفري ڦهلجي وئي، غير اخلاقي ۽ آمريڪي رياست جي ڀڃڪڙين جي ڪري اوشو کي سزا ڏيئي بعد ۾ نيڪالي ڏني وئي، ڪامريڊ سائينداد چاچڙ انهي وقت ٻڌايو هو ته ستر واري ڏهاڪي ۾ ڀارت ۾ ڪميونزم، سوشلزم ۽ سرخ انقلاب جي زور کي گهٽائڻ لاءِ رياست اهڙا ڪردار تيار ڪري کين هر قسم جي سهولت ڏيندي آهي، اها ڪچهري منهنجي انهي دور جي ڊائري ۾ اڄ به موجود آهي،ڪامريڊ سائينداد جي اهڙي ڪچهري اڄ جي دور جي اهم ضرورت آهي.
اڄوڪي دور ۾ سوشل ميڊيا اسان جي سرخ انقلاب جي بدران انهن ڪردارن جي پروجيڪشن ڪري رهي آهي، جيڪي هن سماج جي سڀني بڇڙاين ۽ براين جون جڙون آهن،سوشل ميڊيا تي اسان جي نوجوانن کي رنگ برنگي گليمر ۾ قيد ڪيو ويو آهي، جدوجهد جو پرچم اسان جي هٿن مان کسي موبائيل، ٽيبلٽ ۽ ليپ ٽاپ پڪڙايا ويا آهن ته جيئن اسان رڳو سڻڀي نوڪرين کي حاصل ڪري ڪروڙن جون گاڏيون، بنگلا ۽ وڏن گهراڻن مان ڇوڪريون وٺي شادي ڪيون ۽ انفرادي زندگيءَ جي انهي گليمر اسان جي نوجوان جي انقلابي سوچ کي زنگ لڳائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته ميدان تي ڪا منظم انقلابي پارٽي ۽ فڪري فورم سنجيدگي سان موجود ناهي.
ڪامريڊ سائينداد چاچڙ ستر واري ڏهاڪي کان وٺي نوي واري ڏهاڪي تائين جيڪا عملي انقلابي جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي، انهي جو اظهار سندس ڪامريڊ دوستن وٽ موجود هو، هو بنيادي طور تي واپڊا جي گرڊ سيڪشن جو ملازم رهيو، انهيءَ ناتي سان پورهيتن جي انقلابي جدوجهد ۾ هن ڀرپور ڪم ڪيو، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جهڙي انقلابي ڪردار جي ڪري اها پارٽي پنهنجي جوهر ۾ سنڌ جي حقيقي انقلابي نوجوانن کي آدرشي واٽ ڏيکاريندڙ پارٽي هئي، جنهن ۾ انهي وقت ڪامريڊ گلشير شر، جابر شر، حبيب منگي، ڪامريڊ عزيز عباسي، مظفر ڪلهوڙو، پنهل ساريو، جمن ساريو، زاهد مخدوم، اظهار مخدوم منان بروهي،هدايت سومرو ۽ ڪامريڊ سائينداد چاچڙ هزارين ڪارڪن شامل هئا، پر بعد ۾ روسي انقلاب جي ناڪامي کي ڪجهه انقلابي پارٽين انقلابي نظريي جي ناڪامي سمجهندي پارٽين کي ڀورا ڀورا ڪري نوجوانن جي خوابن کي پڻ نا اميدين جي آڪاس تي پهچائي ڇڏيو، جيڪڏهن اها انقلابي جدوجهد سنڌ جي اندر پنهنجي ساڳئي جوهر سان موجود هجي ها ته اڄ بنياد پرستي، رجعتي سوچ ۽ تنگ نظري اهڙي طرح چنبا کوڙي نه سگهي ها، ڪامريڊ سائينداد چاچڙ جهڙا ڪردار پڻ مايوسي جي پاتال ۾ نه هليا وڃن ها پر 2016 ۾ ڪامريڊ سائينداد چاچڙ پنهنجي رٽائرمينٽ بعد گهوٽڪي جي سول سوسائٽي سان هر جدوجهد ۾ عملي طرح گڏ رهيو، هن جون تقريرون ۽ چاچا خليل اي پاڪستاني جون تقريرون گهوٽڪي جي سياسي تاريخ جو حصو رهنديون،ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ سندس روهڙي گرڊ وارو سرڪاري ڪوارٽر انقلابي ڪارڪنن جو مرڪز هوندو هيو، ڪامريڊ گلشير شر جو گهر به انقلابي نوجوانن جي نرسري طور مشهور هوندو هو، لوڪو شيڊ روهڙي ۾ زاهد مخدوم ۽ اظهار مخدوم جو ڪوارٽر انقلابي مشعل جهڙي روشني ڏيندو هو، انهيءَ ڪوارٽر ۾ مون ڏٺو ته گهر جي صفائي ڪندڙ سئيپر کي ڪيئن انقلابي جنگ ۾ شامل ڪبو هو، مون کي ياد آهي ته ڪامريڊ زاهد مخدوم سئيپر کي پنهنجي استعمال جو صابڻ ڏيئي چوندو هو ته پنهنجو ڪم ڪار لاهي هٿ منهن ڌوئي صفائي سٿرائي سان اچي اسان سان گڏ ماني کائڻ ۾ شامل ٿي، اهو شاندار عمل هو، جيڪو انهي طبقي کي سبق ڏيندو هو ته اسان کي نفرت ڪرڻي آهي صرف هڪڙي طبقي کان جيڪو اسان جو استحصالي طبقو آهي ،اسان سڀني پورهيت طبقي جي ماڻهن کي پنهنجي صفن مان نفرت ختم ڪرڻي پوندي.
مون کي فخر آهي ته شعوري سوچ جا ابتدائي ڪرڻا ڪامريڊ سائينداد چاچڙ سميت انهن سڀني ڪامريڊ ساٿين کان مليا جن جو مون ذڪر ڪيو آهي ۽ بعد ۾ انهي قافلي واري فڪري ۽ انقلابي تسلسل واري ڪامريڊ ڄام ساقي واري پارٽي ۾ شامل ٿيو هيم ته ساڳي نظرياتي لائين سان عوام جو جيئڻ جنجال بڻائيندڙ طبقي خلاف ايستائين جدوجهد ۾ شامل رهيو هيم جيستائين انقلابي پارٽين پنهنجي ڪيڊر کي مايوس نه ڪيو هو، مون صحافت، سياست، سماجي کيتر ۽ ادبي کيتر ۾ پنهنجي حصي جو ڪم انهن انقلابي ڪردارن جي تربيت سبب ڪري سگهيو هيم، پر افسوس ته اهڙا انقلابي ڪردار ڪامريڊ سائينداد چاچڙ جي روپ ۾ يا اسان کان وڇڙي ويا آهن يا وري ذاتي زندگيءَ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ موجود آهن،پر اها حقيقت آهي ته سائينداد چاچڙ جهڙا ڪردار هر دور ۾جنم وٺندا رهندا، هن وقت به انقلابي هلچل موجود آهي، ڇاڪاڻ ته استحصالي طبقو موجود آهي، اها هلچل ڀلي ڪمي وانگر رڙهي رهي آهي پر اهڙو وقت ضرور ايندو جڏهن اها هلچل تيز ٿيندي، انهيءَ هلچل جو وجود سماج جي هر انهيءَ فرد ۾ موجود آهي جيڪو هن ڦورو طبقي ۽ استحصالي سماج جون اذيتون حاصل ڪري رهيو آهي، دنيا ۾ انقلاب ايندا رهيا آهن، ايندا رهندا، انهيءَ وقت ڦورو طبقي جي پيرن هيٺيان ڌرتي نڪري ويندي ۽ سوچيندا ته هي ڇا ٿي ويو، پر فرانز فينن جا لفظ انهن کي ياد ناهن هوندا ته جڏهن ماڪوڙيون متحد ٿينديون آهن ته ببر شينهن جي کل لاهي وجھنديون آهن. اهو ڪامريڊ سائينداد چاچڙ جهڙن ماڻهن جو ئي خواب آهي ۽ انهيءَ خواب جا متلاشي اڄ ڪامريڊ گلشير شر جي روپ ۾ موجود آهن، جيڪو ڪامريڊ سائينداد جي وڇوڙي تي سندس ڳوٺ پهچي سموري رات سوڳ ۾ شامل رهيو، اهو رشتو ۽ ناتو طبقاتي سوچ کي هٿي ڏيئي رهيو آهي ته ڪامريڊ سائينداد چاچڙ جو خواب هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان ۾آڻيندو.