بلاول ڀٽو زرداري – شهيدن جي امانت، نوجوانن جي اميد ۽ پاڪستان جو روشن مستقبل

ظفر ثناءَ الله چانديو

21  سيپٽمبر 1988ع جو اهو تاريخي ڏينهن جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي گهر ۾ هڪ اهڙي گل جو جنم ٿيو جنهن اڳتي هلي پاڪستان جي سياست ۾ نئين روح ڦوڪي، جڏهن اهو گل ڪو ٻيو نه پر اڄ جو اسان جو محبوب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي. بلاول ڀٽو زرداري صرف هڪ نالو ناهي پر هڪ سوچ جو نالو آهي. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏاهپ، شهيد محترم بينظير ڀٽو جي بهادري ۽ صدر آصف علي زرداري جي مفاهمت واري سياست جو حسين سنگم آهي.

تعليم و تربيت:

سندس ابتدائي تعليم دبئي ۽ لندن ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ دنيا جي عظيم درسگاهه آڪسفورد يونيورسٽي مان تاريخ و سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي. اها ساڳي يونيورسٽي آهي جتان سندس ناني شهيد ڀٽو تعليم پرائي هئي. 27 دسمبر 2007ع تي جڏهن شهيد بي بي کي اسان کان کسيو ويو ته بلاول صرف 19 سالن جو هو پر هن نهايت همت ۽ حوصلي سان پارٽي جي قيادت جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو.

بطور وزير خارجه تاريخي ڪاميابيون:

جڏهن 2022ع ۾ بلاول ڀٽو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان ننڍي عمر جو پرڏيهي وزير بڻيو ته ان وقت پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي چڪو هو. پر هن پنهنجي شاندار سفارتڪاري سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.

  1. جون 2022ع ۾ تاريخي سفارتڪاري: جڏهن سڄو سنڌ، بلوچستان ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو ته بلاول ڀٽو گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ اهڙي دل ڇهيندڙ تقرير ڪئي جو سڄي دنيا روئي پئي. سندس ئي ڪوششن سان جنيوا ڪفرنس ۾ پاڪستان لاءِ 10 ارب ڊالر کان وڌيڪ امداد جو اعلان ٿيو.
  2. ڪشمير ڪاز جو حقيقي وارث: هن هر عالمي فورم تي پاڪستان کي للڪاريو ۽ چيو ته "ڪشمير اسان جي شهه رگ آهي، ڪشميرين کي انهن جو حق ملڻ گهرجي.” هن مودي سرڪار جي ظلمن کي دنيا اڳيان بي نقاب ڪيو.
  3. پاڪستان جا پرڏيهي چڱا چالا: آمريڪا، چين، روس، برطانيه، سعودي عرب ۽ ايران سميت سڀني ملڪن سان دوستاڻا تعلقات بحال ڪيا ۽ ثابت ڪيو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ ذميوار ايٽمي ملڪ آهي.

بلاول جو وزن – عوامي پاڪستان:

چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو خواب قائد اعظم  جو اهو خواب آهي جنهن ۾ هر غريب کي "اجهو، لٽو ۽ گهر” ملي. هو چاهي ٿو ته هن ملڪ ۾ نوجوانن کي روزگار ملي، هارين کي پنهنجي فصل جو صحيح اگهه ملي ۽ مزدور کي عزت ملي. هن سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ دنيا جا بهترين اسپتالون ٺاهي اهو ثابت ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي ئي عوام جي خدمت ڪري سگهي ٿي.  اڄ 21 سيپٽمبر تي اسان سڀ ورڪر، جيالا ۽ سنڌ جا نوجوان اهو عزم ڪن ٿا ته اسان پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڪلهي سان ڪلهو ملايو بيٺا آهيون ۽ انشاءَ الله هڪ ڏينهن کيس هن ملڪ جو وزيراعظم بڻائي، شهيدن جي اڌوري مشن کي تڪميل تائين پهچائينداسين. شاهه جي اها چوڻي ياد هوندو ته جڏهن عمران خان جي حڪومت ۾ مهانگائي عروج تي هئي ۽ معيشت تباهه ٿي چڪو هئي، جڏهن ڪنهن ۾ به هن نااهل حڪومت خلاف ڳالهائڻ جي همت نه هئي.

ڪراچي کان اسلام آباد تائين تاريخي لانگ مارچ:

هن 10 ڏينهن جي لانگ مارچ ۾ لکن جيالا، نوجوان ۽ عوام شريڪ ٿيا. بلاول ڀٽو هر شهر ۾ خطاب ڪندي چيو ته "هي نااهل حڪومت عوام دشمن آهي، هن غريب کان ماني جو گراه به کسي ورتو آهي”.

اهو بلاول جي ئي لانگ مارچ جو نتيجو اهو ٿيو ته اسلام آباد پهچڻ کان پوءِ ئي جڏهن بي عدم اعتماد تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ عمران خان جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو پنهنجي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پنهنجي ماءُ شهيد محترمه بينظير ڀٽو وانگر هڪ دلير ۽ بهادر اڳواڻ آهي جيڪو ڪنهن به آمر ۽ نااهلڪوڊ کان هرگز نه ٿو ڊڄي.

اڄ جڏهن بلاول صاحب پنهنجي 37 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي ته سڄي قوم کي اهو تاريخي لانگ مارچ ياد آهي جنهن هن ملڪ کي هڪ ظالم حڪومت کان نجات ڏياري.

You might also like