اڄ سڄي دنيا ۾ ثقافتي ڏهاڙي کي مختلف عنوانن سان عيد وانگي ملهايو پيو وڃي هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ پنهنجي زميوارين جو احساس ڪرڻ آهي۔ هي ڏينهن هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي ملهائيندا آهيون هر ڪو ان ڏينهن تي عيد وانگي تيار ٿي جهمريون هڻندو سنڌي ٽوپي اجرڪ پهري ثقافت جو ڀرجهلو بڻجي اڳيان ايندو آهي۔ هڪ وڏي عرصي کان هي ڏينهن ملهائڻ باوجود سنڌي قوم انيڪ ڏکيائن جو شڪار آهي سنڌ جي زمينن تي قبضي خوري هجي درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هجي وسيلن ۽ معدنيات تي قبضو هجي ڌارين جي يلغار هجي نوڪرين جو وڪرو هجي ميرٽ جي لتاڙ هجي ڪاپي ڪلچر عام هجي نوجوانن جو قومپرستي جي نالي تي قتل عام هجي غيرملڪين جا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل ٺاهڻ وارا غيرقانوني هاربا هجن۔ اهي سڀ معاملا سنڌ جي ثقافت جي زمري ۾ نه ٿا اچن جن خلاف سنڌي قوم سراپا احتجاج آهي جيڪڏهن انهن سڀني معاملن کي سنڌي قوم سمجهي ٿي ته انهن خلاف رڳو هڪ ڏينهن يا هڪ مهينو احتجاج ڇو ٿو ڪيو وڃي۔ ان لاءِ اسان کي سڄو سال بيداري ڪري پنهنجي مستقبل کي محفوظ بنائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻي هئي۔ سنڌ اندر بدامنيء جي جيڪا فضا هلي رهي آهي ان لاءِ اسان ڪيتري ڪوشش ڪئي آهي۔ هن وقت ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ محفوظ ڪونهي، ذاتي ۽ قبيلائي جهيڙا، ڌاڙيلن جي آزار سنڌ کي معاشي ۽ معاشرتي طور تي تباهه ڪري رھيو آهي. تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته سنڌ سونهاري بنيادي طور تي هڪ امن پسند خطو رهيو آهي، پر انهن مسئلن جي ڪري اسان سنڌين ۾ اڻ سهپ ۽ تشدد جو عنصر ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. اسان جي تعليم تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. عالمي رپورٽن موجب لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ان جا غربت سميت ڪيترائي سبب بيان ڪيا ويا آهن پر اسان ان کان غافل آهيون۔ اسان وٽ صحت جون سهولتون نه هجڻ برابر آهن۔ اسان جا ماڻهو اسپتالن ۾ پهچڻ کان اڳ موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن۔ اسانجو سمورو نظام کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪو آهي اسان وٽ رشوت خوري عام ٿي وئي آهي اسان ڪرپشن جي اولين صف ۾ بيٺل آهيون اسان محنت ۽ مزدوري کان لنوائي راتورات امير بڻجڻ جي ڪوشش ۾ آهيون پر اسان ڪڏهن به اجتماعي طور تي پنهنجي ذميواري جو احساس نه ڪيو آهي ته پوءِ ثقافتي ڏهاڙي جي اهميت ۽ حيثيت ڇا هوندي؟ جيڪڏهن اسان رڳو اجرڪ ۽ ٽوپيء کي پنهنجي ثقافت ٿا سمجهون ته پوءِ اها اسان جي غلطي هوندي۔ ذميواري ڪا وڏي شيء ڪونهي احساس ذميواري ھجڻ گهرجي، جيڪڏهن فرائض جو احساس ناهي ته پوءِ اوهان جو ڪنھن ذميواري تي ھجڻ معنيٰ نٿو رکي۔
اڄ ثقافتي ڏينهن تي سمورا ويڇا ۽ دشمنيون وساري هڪ ٿي پنهنجون پنهنجيون زميواريون محسوس ڪرڻ شروع ڪريون ته والدين جون زميواريون ڪهڙيون آهن۔اولاد جون زميواريون ڪهڙيون آهن۔ استادن جون زميواريون ڪهڙيون آهن۔ شاگردن جون زميواريون ڪهڙيون آهن۔ڊاڪٽرن جون زميواريون ڪهڙيون آهن۔آفيسر جون زميواريون ڪهڙيون آهن۔ هڪ عام شهري جون زميواريون ڪهڙيون آهن۔ پاڙيسريجون زميواريون ڪهڙيون آهن۔ جيڪڏهن اهي سمورا احساس اجاگر ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهي پنهنجي تربيت پاڻ ڪرڻ شروع ڪريون ۽ گڏجي ثقافتي ريليون ڪڍون ۽ جلسا جلوس ڪريون ته سنڌ سنوارجي ويندي ۽ سنڌ جي ثقافت هميشه سلامت رهندي۔ ڇوته اسانجو ماضي روشن رهيو آهي اسانجون اوطاقون آباد رهيون آهن۔ ٻيون قومون اسانجي زير سايه رهيون آهن۔اسان محبتن جا سفير رهيا آهيون۔ اسانجي سياست سچ ۽ صداقت جي امين رهي آهي۔ اسانجي سونهاري سنڌ باب الاسلام رهي آهي
اسان جي ثقافت دنيا جي ثقافت جي سرواڻ رهي آهي ته پوءِ هاڻي وري اسانکي پنهنجي سوچ تبديل ڪري ساڳي سهپ ڌارڻي پوندي۔ پنهنجي احساس زميواري سان ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻو پوندو، قومي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندڙن جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي ۽ قبيلائي جهيڙن کان پاسيرو ٿيڻو پوندو۔ علم جي زيور سان پاڻ کي سينگارڻو پوندو۔ ڪوڙ ۽ مڪار جي سياست جو خاتمو آڻڻو پوندو۔ ذاتي رنجشون ختم ڪري رڳو سنڌ ۽ سنڌيت جي ڳالهه ڪرڻي پوندي آهي وڏن جو احترام ۽ ننڍن سان پيار ڪرڻو پوندو۔ عورتن جي عزت ۽ مردن جو مان مٿانهون رکڻو پوندو مخلب ته هر عمل ۾ زميواري جو احساس ڪرڻو پوندو تڏهن ئي اسان پنهنجي اصل ثقافت کي زنده رکي سگهنداسين ۽ پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ۽ وارثي ڪري خوشيءَ وچان جهمريون پائي جشن ملهائي سگهنداسين۔گارشيا مارڪيز جي بقول ته ”جڏهن اوهان کي پنهنجي زميواريءَ جو احساس ٿيندو ته پوءِ توهان محسوس ڪندو ته توهان جي هر لفظ ۾ اڳ کان وڌيڪ وزن آهي “