سنڌ کي نظرياتي ڀونچال مان ڪڍڻ جو واحد طريقو هي آهي ته اسين نئين نسل اڳيان انهن انسانن کي مثال طور پيش ڪيون، جيڪي بي لوث ۽ پُرخلوص هئا، جيڪي هڪ ئي وقت تي وطن دوست به هئا ته عوام دوست به هئا، جن پنهنجيون حياتيون مثالي حيثيت ۾ گذاريون ۽ جن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان اسين به مثالي، ڀلا ۽ آدرشي انسان ٿي سگهون ٿا. اسان جا هي انسان اهڙا آهن، جن جي جتيءَ ۾ پير پئجي سگهي ٿو، ڇوته هو اسان مان هئا، اسان لاءِ هئا ۽ اسان جا هئا. پوءِ هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته اسين کين پنهنجو نٿا ڪيون ۽ پنهنجو نٿا سمجهون.
دنيا جهان جي ”وڏن انسانن“ تي نظر ڦيرائبي ته اهي هڪ يا وڌ ۾ وڌ زندگيِءَ جي ٻن شعبن ۾ سرگرم عمل نظر ايندا، ليڪن سنڌ اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا ۽ جن هڪ ئي وقت تي ڪيترن شعبن ۾ پاڻ ملهايو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به انهن ۽ اهڙن ماڻهن مان هڪ هو. مرحوم هڪ ئي وقت تي ماهرِ قانون، علم دوست، سياسي شعور جو ڌڻي ۽ سماجي ڪارڪن ٿي رهيو ۽ هرهڪ شعبي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيائين.
ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جو ذڪر اسان جي نصابي ڪتابن ۾ هجي ها، پر نڌڻڪيءَ قوم جا اهڙا نصيب ڪٿي، جو ڪتابن ۽ اخبارن ۾ پنهنجي آدرشن جا احوال پڙهي سگهن. پر هيءَ ڳالهه به ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪانهي ته ڪامريڊ جي وفات کان پوءِ سندس مداح ۽ دوست مرحوم جي سوانح خواهه خدمتن تي ڪجهه نه ڪجهه لکندا اچن ٿا ۽ اهو اخبارن ۾ ڇپبو رهي ٿو.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي مون ڪڏهن به روبرو ڏٺو ٻڌو نه، پر سنڌ جي تاريخ جي عاشق هئڻ جي ناتي سان مرحوم مون لاءِ اوپرو ڪونهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته آءٌ سندس انهن ويجهن مان هڪ آهيان، جن ساڻس گڏ گذاريو هجي. جيڪڏهن مون کي سندس ڪا صحبت نصيب نه ٿي ته منهنجا بزرگ اديب ۽ شاعر ته ساڻس گڏ رهيا. محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي، شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، مقبول ڀٽيءَ، اياز قادريءَ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، انيس انصاريءَ، ڊاڪٽر سنديلي، شمشير الحيدريءَ ۽ نسيم کرل جيڪي ساڻس رهاڻيون ڪيون، انهن رهاڻين مان مون هن ريت رس ۽ چس ورتو، جو هنن مهربانن مان ڪنهن ته مون سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا حوال ڪيا هوندا. ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ هري دلگير درياڻي هن وقت هتي ڪونه آهن، نه ته هُو به هن مرحوم ڪامريڊ بابت ڪيتريون ڳالهيون ٻڌائين ها، ڇوته اهي به سندس دوست رهيا.
اديبن، شاعرن ۽ عالمن جون ڳالهيون نڪتيون آهن ته آءٌ اهو عرض ڪندو هلان ته اسان جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ”ترقي پسند ادب“ جي تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ هلي. نه فقط ايترو، پر ”سنڌي ادبي سنگت“ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ، سنڌي ثقافت کي بچائڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪو به تحرڪ ورتو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هر موڙ تي هن سنگت جو پهرين صف وارو ساٿي رهيو. ڪامريڊ ڪٿي به رهيو، هن علم ادب جي شمع کي ٻاري رکيو. لاڙڪاڻي ۾ رهيو ته ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، انيس انصاري ۽ خادم حسين شاهه سندس ادبي حلقي جا رتن رهيا. پاڻ جڏهن سکر ۾ رهيو ته شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ ۽ فتاح ملڪ ساڻس ادبي روح رهاڻيون ڪيون. جڏهن خيرپور ۾ رهيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سندس ساٿ ساٿي رهيو. ڪامريڊ جڏهن حيدرآباد ۾ آيو ته محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، رسول بخش پليجي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جهڙا دانشور سندس اڱڻ تي ادبي محفلن مچائڻ وارن مان ٿي پيا.
لاڙڪاڻي جي حوالي سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا ادبي ڪارناما کيس لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ هميشه جاودان ۽ زنده رکندا. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ٺهرائڻ ۾ سندس جستجو ۽ لگن شامل رهي، ان کان اڳ پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ”لطيف ڪانفرنس“ جو اهتمام ڪيائون ۽ ”لطيف دوستي“ جي جذبي تحت لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف لائبريري قائم ڪرايائون، جيڪا هن وقت حالتن ۽ حادثن جو شڪار ٿي چڪي آهي. نه لطيف جي وارثن جي هٿ هيٺ رهي آهي ۽ نه ڪنهن فعال ادبي تنظيم جي نگرانيءَ هيٺ آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي هن ياد کي قائم رکڻ ۽ ڪارنامي کي باقي رکڻ جي تقاضا اها آهي ته لائبريري وري فعال ٿئي ۽ اهو ادارو اهڙن هٿن ۾ اچي، جيڪي شاهه لطيف لائبريريءَ کي سنڌ جي هڪ فعال ۽ مثالي لائبريري بڻائي سگهن، ته جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي انهن مقصدن ۽ منزلن کي ماڻي سگهجي، جن کي اڳيان رکي هن مرحوم اهڙي ڪوشش ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ٻيو اهم ڪم هيءُ ڪيو ته سندس ڪوششن سان سنڌي اردو اديب ۽ شاعر هڪٻئي جي ويجهو آيا ۽ ”انجمن ترقي اردوءَ“ جي شاخ کلي.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو علم دوست انسان هئڻ سان گڏ ترقي پسند شعور جو مالڪ پڻ هو. پڙهڻ واري زماني ۾ هن مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ حصو ورتو. پاڪستان جڙڻ کان اڳ ئي هو ”انقلابي سياست“ جو قائل ۽ مبلغ بڻجي چڪو هو. شاگرد سياست کان وٺي مزدور سياست تائين، انهن جي هر تحريڪ ۾ مدد ڪيائين. هاري تحريڪ ۽ نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جون خدمتون نمايان طور نظر اينديون. ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي، هن مرحوم انهيءَ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو چوڻ آهي ته هن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تعاون سان ئي جيڪب آباد ۾ هاري تحريڪ جي شاخ کولائڻ ۾ پنهنجي سنگت جو ساٿ ڏنو هو.
تاج محمد ابڙي جي دوست سياستدانن ۽ شاگرد سياستدانن جو حلقو تمام وسيع هو. چيو ويندو آهي ته جڏهن مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو هو، ته سندس ڀاءُ سڪندر علي ڀٽي کيس ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽ آڻي، سندس ڏيٺ وائٺ ڪرائي هئي، جتي نه فقط سياسي ڪچهريون ٿيون، پر اهڙين ڪچهرين ٻنهي کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو ۽ ٻئي هڪٻئي جا دوست بڻجي ويا. ڪامريڊ ڄام ساقي، رسول بخش پليجي ۽ امان الله شيخ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽان سياست جا داؤ پيچ سکيا. مرحوم جي شاگرد سياستدانن جو تعداد گهڻو آهي، پر جيتري قدر سندس دوست سياستدانن جي حلقي جو تعلق آهي، ان لاءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جن سياستدانن سان گڏجي ڪم ڪيو، تن مان سائين جي.ايم سيد، ولي خان، ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، عطاءَ الله مينگل، غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، فاضل راهو، رسول بخش پليجو، حاڪم علي زرداري ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙي بي.ڊي نظام ۾ ميمبر ٿيڻ کان وٺي يونين ڪائونسل جي چيئرمين ٿيڻ تائين ۽ ون يونٽ ٽوڙڻ واريءَ تحريڪ کان ايوب شاهيءَ خلاف تحريڪ تائين پنهنجي دﺂر جي هر عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي زندگي قوم لاءِ ڪارائتي بڻائي ويو. هُو انهن آدرشن ۽ ڀلن انسانن مان هڪ هو، جن جي حياتي اسان لاءِ اتساهه جا انيڪ مثال ڇڏي ٿي. جيڪڏهن اسين چاهيون ته پاڻ کي انهن انسانن جهڙو بڻائي، تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي سگهون ٿا.