مهانگائي خلاف عوام جي وڌندڙ بي چيني جي خاتمي لاءِ حڪومت کي فوري قدم کڻڻا پوندا

تيل جي اگهن ۾ تازي ناقابل برداشت واڌ ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪ اندر وڌندڙ خوف ناڪ مهانگائي نه رڳو عام ماڻهن جي روزمره زندگيءَ کي شديد متاثر ڪيو آهي، پر هاڻي اها صورتحال سياسي ۽ سماجي بيچيني جي نئين لهر کي جنم ڏئي رهي آهي۔ رپورٽن موجب مختلف مزدور تنظيمن، ٽرانسپورٽرن، واپاري برادرين ۽ سياسي ڌرين طرفان احتجاجن ۽ ممڪن هڙتالن جي تياري ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به وقت ملڪ گير تحريڪ جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي۔ اهڙي پس منظر ۾ حڪومت لاءِ اهو معاملو رڳو معاشي پاليسي جو سوال نه رهيو آهي، بلڪه هڪ وڏو انتظامي ۽ سياسي چئلينج بڻجي چڪو آهي۔

تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو اثر سڌو سنئون ٽرانسپورٽ جي شعبي تي پوي ٿو، جيڪو پوءِ هر شئي جي اگهن ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو۔ جڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ٿين ٿا ته سامان جي رسد جا خرچ وڌن ٿا، جنهن جو بار آخرڪار عام صارف تي ئي پوي ٿو۔ هن وقت به ملڪ ۾ ساڳي صورتحال ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جتي سبزيون، اٽو، کنڊ، داليون ۽ ٻين ضروري شين جا اگهه روزاني بنيادن تي وڌي رهيا آهن۔ عوام اڳ ئي مهانگائي جي ٻوجهه هيٺ دٻيل آهي، ۽ هاڻي تيل جي نئين واڌ ان دٻاءَ کي وڌيڪ ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي۔

اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عوام جي برداشت جي حد پار ٿيڻ لڳي ٿي، تڏهن احتجاج فطري ردعمل بڻجي ويندو آهي۔ تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به معاشي بحران شدت اختيار ڪندا آهن، ته انهن جا اثر رڳو معيشت تائين محدود نه رهندا آهن، بلڪه سياسي استحڪام کي به متاثر ڪندا آهن۔ موجوده حالتن ۾ جيڪڏهن احتجاجن جو دائرو وڌي ٿو ۽ خاص طور تي جيڪڏهن پيٽرول پمپن جي بندش جهڙا قدم کنيا وڃن ٿا، ته ان جا نتيجا انتهائي سنگين ٿي سگهن ٿا۔

پيٽرول پمپن جي ممڪن بندش هڪ اهڙو قدم آهي، جيڪو سڄي ملڪ جي معاشي ڍانچي کي مفلوج ڪري سگهي ٿو۔ ٽرانسپورٽ جو نظام بيهي ويندو، جنهن سان نه رڳو شهري زندگي متاثر ٿيندي، پر صنعتون، ڪارخانا، اسپتالون، ۽ ٻين اهم ادارن جو ڪم به سخت متاثر ٿيندو۔ ايمرجنسي سروسز جهڙوڪ ايمبولينس ۽ فائر برگيڊ به متاثر ٿي سگهن ٿيون، جنهن سان انساني جانين کي به خطرو ٿي سگهي ٿو۔ اهڙي صورتحال ۾ حڪومت لاءِ ضروري آهي ته هو اڳواٽ ئي سنجيده قدم کڻي اهڙين حالتن کي پيدا ٿيڻ کان روڪي۔هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته حڪومت کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن نه رڳو احتجاجن کي روڪي سگهجي، پر عوام کي به حقيقي رليف ملي سگهي؟ سڀ کان پهرين ضرورت آهي ته حڪومت عوام سان سڌي ۽ شفاف ڳالهه ٻولهه ڪري۔ جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي۔ صرف بيان ڏيڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، پر عملي قدمن سان ئي عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي ٿو۔ ٻيو اهم قدم اهو آهي ته حڪومت سبسڊي جو هڪ موثر ۽ شفاف نظام متعارف ڪرائي۔ موجوده سبسڊي جا طريقا گهڻو ڪري غير موثر ۽ محدود آهن، جن مان عام ماڻهو مڪمل فائدو حاصل نٿا ڪري سگهن۔ جيڪڏهن حڪومت واقعي عوام کي رليف ڏيڻ چاهي ٿي ته ان کي اهڙو نظام ٺاهڻو پوندو، جيڪو سڌو سنئون مستحق ماڻهن تائين پهچي۔ مثال طور، ٽارگيٽڊ سبسڊي، يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي رعايتي اگهه، ۽ ٽرانسپورٽ شعبي لاءِ خاص پيڪيجز جهڙا قدم اثرائتا ثابت ٿي سگهن ٿا۔ ان کان علاوه، حڪومت کي تيل تي ٽيڪسن جي شرح تي به نظرثاني ڪرڻ گهرجي۔ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين تي لڳايل ٽيڪس ۽ ليويز وڏي حد تائين اگهن ۾ واڌ جو سبب بڻجن ٿا۔ جيڪڏهن حڪومت ڪجهه عرصي لاءِ انهن ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪري، ته عوام کي فوري رليف ملي سگهي ٿو۔ جيتوڻيڪ ان سان حڪومت جي آمدني تي اثر پوندو، پر معاشي استحڪام ۽ عوامي اطمينان لاءِ اهو هڪ ضروري قدم ٿي سگهي ٿو۔

ساڳئي وقت، حڪومت کي متبادل توانائي جي ذريعن تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي۔ ڊگهي مدي ۾ تيل تي انحصار گهٽائڻ لاءِ شمسي توانائي، هوا ۽ پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بجلي جهڙن منصوبن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي۔ جيڪڏهن ملڪ پنهنجي توانائي جون ضرورتون مقامي ذريعن مان پوري ڪرڻ شروع ڪري، ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن جي اتار چڙهاءَ جو اثر به گهٽ ٿيندو۔ احتجاجن جي حوالي سان حڪومت کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته صرف طاقت جي استعمال سان مسئلا حل نٿا ٿين۔ جيڪڏهن حڪومت احتجاج ڪندڙن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي، ته ان سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي۔ ان جي بدران، حڪومت کي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرز سان ويهي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي۔ ٽرانسپورٽرن، واپارين، مزدورن ۽ سياسي جماعتن سان مشاورت ذريعي اهڙا فيصلا ڪيا وڃن، جيڪي سڀني لاءِ قابل قبول هجن۔ هتي ميڊيا جو ڪردار به انتهائي اهم آهي۔ ميڊيا کي گهرجي ته هو ذميواري جو مظاهرو ڪندي صورتحال کي سنجيدگي سان پيش ڪري ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪري۔ سنسني خيزي يا غير تصديق ٿيل خبرون هلائڻ سان بيچيني وڌي سگهي ٿي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي مفاد ۾ ناهيسو اهو چئي سگهجي ٿو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مهانگائي هڪ اهڙو مسئلو آهي، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ ممڪن ناهي۔ جيڪڏهن حڪومت وقت سر سنجيده قدم نه کنيا، ته اهو مسئلو هڪ وڏي  سياسي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، جيڪو نه رڳو معاشي، پر سياسي ۽ سماجي استحڪام کي به خطري ۾ وجهي سگهي ٿو۔ حڪومت لاءِ هاڻي وقت آهي ته هو روايتي طريقن کان هٽي ڪري نوان ۽ موثر قدم کڻي۔ عوام کي رليف ڏيڻ، احتجاجن کي روڪڻ، ۽ ملڪ کي معاشي استحڪام ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ جرئت ڀريا فيصلا ڪرڻا پوندا۔ جيڪڏهن حڪومت هن موقعي کي سنجيدگي سان وٺي ۽ عوامي مفادن کي ترجيح ڏئي، ته نه رڳو موجوده بحران تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، پر مستقبل ۾ اهڙين حالتن کان به بچي سگهجي ٿو۔ ٻي صورت ۾، وڌندڙ بيچيني ۽ احتجاج ملڪ کي اهڙي صورتحال ڏانهن وٺي وڃي سگهن ٿا، جتان واپسي تمام ڏکيو ٿي پوندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.