ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن دستاويز تي صحيحن جو ڏينهن مقرر، تهران پاران اهم تفصيل جاري

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا سان معاهدو حتمي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي ۽ ان تي باضابطا صحيحون جمعي جي ڏينهن سوئيٽزرلينڊ ۾ ڪيون وينديون.
ايراني سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪاظم غريب آبادي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو ته ”تهران آمريڪي واعدن ۽ ذميوارين تي عملدرآمد جي ڪڙي نگراني ڪندو.“
هن چيو ته ”گذريل رات اسرائيل جي بيروت تي حملي کانپوءِ ايران طرفان اسرائيل ۽ آمريڪا کي ڏنل ڌمڪين معاهدي جي متن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ڪجهه تڪراري معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.“
نائب پرڏيهي وزير موجب، ايران کي اميد آهي ته ڳالهيون 60 ڏينهن جي عرصي ۾ مڪمل ٿي وينديون، ان عرصي دوران ايران تي مڙهيل سمورين پابندين جي خاتمي ۽ ملڪ جي ايٽمي پروگرام بابت عالمي ٺهرائن تي ڳالهه ٻول ڪئي ويندي.
ڪاظم غريب آبادي وڌيڪ چيو ته ”جنگ کانپوءِ معاشي بحالي ۽ نئين سر اڏاوت وارو معاملو به انهن 60 ڏينهن دوران ٿيندڙ ڳالهين جو اهم حصو هوندو.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.