آمريڪا واعدا نٿو پاڙي ته ڳالهيون اڳتي نه وڌنديون:باقر قاليباف

تهران(عوامي آواز نيوز)ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف آمريڪا تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو پنهنجن واعدن تي عمل ڪرڻ جي نه خواهش رکي ٿو ۽ نه ئي صلاحيت، ته پوءِ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ممڪن نه رهندو.تفصيلن موجب، ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ بيروت جي ڏاکڻين علائقي ضاحيه ۾ اسرائيلي  ڪارروائي تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي آمريڪا کي تنقيد جو نشانو بڻايو.باقر قاليباف چيو ته ضاحيه ۾ صيهوني حڪومت جي دراندازي ۽ حملن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪا يا ته پنهنجين ذميوارين ۽ واعدن کي پورو ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي، يا وري ان وٽ ائين ڪرڻ جي صلاحيت ئي موجود ناهي،هن وڌيڪ چيو ته، "صيهوني حڪومت کي گرين سگنل ڏئي ڪنهن به قسم جون رعايتون يا مراعتون حاصل نٿيون ڪري سگهجن. سٺي ۽ خراب پوليس واري پراڻي راند هاڻي پنهنجي افاديت وڃائي چڪي آهي،ايراني اسپيڪر خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان وٽ پنهنجن واعدن تي عمل ڪرڻ جي نه خواهش آهي ۽ نه ئي صلاحيت، ته پوءِ ڳالهين يا ڪنهن به عمل کي اڳتي وڌائڻ بابت ڳالهائڻ ممڪن نه رهندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.