اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي تي صحيحن واري تقريب 19 جون تي جنيوا ۾ ٿيندي، جنهن جي ميزباني پاڪستان ڪندو.
سومر جي ڏينهن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته دنيا امن جو تاريخي سنگِ ميل عبور ڪري ورتو آهي.
سندس چوڻ هوته ايران ۽ آمريڪا لبنان سميت سمورن محاذن تي فوجي ڪارروائين کي فوري ۽ مستقل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
وزيراعظم چيو ته ”هن تاريخي معاهدي جي باضابطا تقريب جمعي 19 جون تي جنيوا ۾ ٿيندي ۽ ان تقريب جي ميزباني پاڪستان ڪندو.“
هن ان کي ٻن ملڪن وچ ۾ معاهدو نه پر امن ۽ ڳالهين جي فتح، سفارتڪاري جي ڪاميابي ۽ جنگ جي تباهي کان بچاءُ قرار ڏنو.
شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي ۽ ايراني صدر کي هن امن عمل ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي، جن تدبر، ڏاهپ ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو.
وزيراعظم ڳالهين جي هن ڏکئي ۽ آزمائشي مرحلي ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان جي ڪردار کي ساراهيندي سندن شڪريو ادا ڪيو.