اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سندس حڪومت ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي جي نتيجي ۾ ايندڙ عالمي معاشي استحڪام جا فائدا هر پاڪستاني تائين پهچائيندي.
سومر ڏينهن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هن جنگ جي تباهه ڪندڙ اثرن پوري دنيا ۽ عالمي معيشت کي ڏڪائي ڇڏيو هو، جنهن جو پاڪستان جي معيشت تي به وڏو اثر پيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي.
هن قوم کي خاطري ڪرائي ته ته حڪومت هن امن معاهدي جا فائدا عام ماڻهوءَ تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي.
شهباز شريف چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان ۾ رهندڙن سميت سڄي دنيا ۾ موجود پاڪستانين لاءِ فخر جو لمحو آهي.
ڳالهين جي عمل دوران فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته جنگ جا شعلا وسائڻ ۽ امن جي قيام لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجا ڏينهن رات وقف ڪري ڇڏيا.
وزيراعظم چيو ته ڳالهين دوران ڪيترائي اهڙا موقعا آيا جڏهن لڳو ته معاملو ختم ٿي ويندو، پر فيلڊ مارشل همت نه هاري، جنهن جي نتيجي ۾ ڪالهه رات جنگ بنديءَ جو اعلان ٿيو.
You might also like