اسرائيل جو آمريڪا-ايران معاهدو مڃڻ کان انڪار، حزب الله خلاف آپريشن جاري رکڻ جو اعلان
يروشلم (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل فريم ورڪ معاهدي تي اسرائيل طرفان باضابطا ردعمل اڃا سامهون نه آيو آهي، پر اسرائيل جي قومي سلامتي واري وزير اتمار بن گوير ان معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
اتمار بن گوير ان معاهدي تي ردعمل ڏيندي چيو ته ”اسان ان معاهدي جا حصيدار ناهيون جيڪو اسان جي سلامتي کي يقيني نه ٿو بڻائي ۽ نه ئي هي معاهدو اسان کي ڪنهن به طرح پابند بڻائي ٿو.“
هن لبنان ۾ موجود هٿياربند سياسي گروپ خلاف ڪارروائين کي جاري رکڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسرائيل کي ”حزب الله جي خاتمي“ کان گهٽ ڪنهن به شيءِ تي راضي نه ٿيڻ گهرجي.
هن چتاءُ ڏيندي چيو ته لبنان مان اسرائيل ڏانهن موڪليو ويندڙ هر ڊرون، بنا پائلٽ جهاز يا ميزائل جو جواب داحيه ۾ اسرائيلي حملن جي صورت ۾ ڏنو ويندو.
ياد رهي ته اتمار بن گوير اڪثر پنهنجي ئي حڪومت تي تنقيد ڪندو رهندو آهي، جڏهن ته برطانيا سميت ڪيترن ئي ملڪن طرفان مٿس ”فلسطينين خلاف بار بار تشدد کي هٿي ڏيڻ“ جي الزامن تحت پابنديون به لاڳو ڪيل آهن.