ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال کان شاھ لطيف گيٽ تائين مارچ ڪڍيو ويو، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جسقم چيئرمين صنعان قريشي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي دشمنن جي رستا روڪ ڪنداسين، جن سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ جا ماڻهو هنن مان بيزار ٿي چُڪا آهن، سنڌ جي اسپتالن ۾ مريضن کي دوائون نٿيون ملن، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناهي، منشيات جي وڪري سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ جا روڊ رستا صرف ڪاغذن ۾ ٺهن ٿا، سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، چونڊيل نمائيندن سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ وٺي کين وساري ڇڏين ٿا، سنڌ جا ماڻهو بيروزگاري سبب پريشان آهن، سنڌ جا فنڊ هڙپ ڪيا وڃن ٿا ۽ هتي جيڪو اچي ٿو اهو صرف پنهنجو پيٽ ڀري ٿو پر هاڻ سندن رستا روڪ ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ جي عوام جي مسئلن جو حل صرف جي ايم سيد ۽ بشير خان قريشي جي نظرئي ۾ آهي، عوام پنهنجي حقن لاءِ رستن تي اچي اسان جو ساٿ ڏي، سنڌ جي وحدت خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪئي ويندي، ڪهڙي به ترميم هجي اسان ان کي ھرگز قبول نه ڪنداسين، ڪراچي سنڌ جي دل آهي، صدين کان ۽ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ به سنڌ ھئي، جنهن کي ڪير به الڳ نٿو ڪري سگهي.