اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)قومي احتساب بيورو جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نذير احمد بٽ عالمي مالياتي اداري عالمي مالياتي ادارو ۽ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي غيرجانبداري تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف منهنجي ملڪ سان مخلص ناهي ۽ نيب جي ڪارڪردگي بهتر قرار ڏيڻ باوجود ان جي رپورٽ ڪا معنيٰ نٿي رکي۔ميڊيا سان ڳالهائيندي نذير احمد بٽ چيو ته نيب 2025ع دوران رڪارڊ وصوليون ڪيون آهن۔هن چيو ته آءِ ايم ايف جي رپورٽ کي سنجيدگي سان نه ورتو وڃي، منهنجي لاءِ آءِ ايم ايف جي رپورٽ ڪا اهميت نٿي رکي، آءِ ايم ايف هميشه پاڪستان کان نوان مطالبا ڪندو رهندو۔ هن سوال ڪيو ته ڇا ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل غيرسياسي ادارو آهي؟ ان کي فنڊنگ ڪير ڪري ٿو؟ صرف ٽي ماڻهو ويهي سڄي ملڪ جو سروي ڪن ٿا۔ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نذير احمد بٽ چيو ته نيب 2019ع کان وٺي ڏوهارين کان جيڪا به رقم وصول ڪئي آهي، ان مان هڪ رپيو به پاڻ وٽ ناهي رکيو۔هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ نيب ۽ هائوسنگ واري وزارت گڏجي ملڪيت بابت سڌارا آڻي رهيا آهن، اهڙا ملڪيت سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن، جن کانپوءِ ڪنهن به شهري سان ملڪيت بابت فراڊ ڪرڻ ممڪن نه رهندو۔ نيب جي اختيارن ۾ تبديلي بابت سوال تي نذير احمد بٽ چيو ته منهنجي خيال ۾ نيب جو دائرو اختيار 50 ڪروڙ رپين بدران گهٽائي 10 کان 15 ڪروڙ رپين تائين آندو وڃي، جڏهن ته بي نامي قانون جي مڪمل وضاحت ۽ ملڪيت جي ماليت مقرر ڪرڻ جو طريقو به وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي،هن چيو ته پارليامينٽ ميمبرن خلاف اڃا به ڪيس هلي رهيا آهن پر اسان پريس رليز جاري نٿا ڪريون،اسان ڪيترائي ڪيس ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن کي موڪليا آهن،مون پنهنجي ايڪسٽينشن لاءِ ڪنهن کي به ناهي چيو