تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني گلوڪارا پرستو احمدي جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي هڪ عدالت پرستو احمدي کي ٻڌايل 74 ڪوڙن جي سزا برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب،29 ورهين جي ايراني گلوڪارا پرستو احمدي ڊسمبر 2024ع ۾ پنهنجي يوٽيوب چئنل تي لائيو نشر ڪيل هڪ ڪنسرٽ ۾ بنا ٻانهن واري لباس ۾ پرفارم ڪيو هو.
ايراني قانون موجب، عورتن جي عوامي موسيقي پروگرامن ۾ شرڪت تي بندش آهي، جڏهن ته عورتن لاءِ مٿي تي اسڪارف ۽ باحيا لباس پائڻ به لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
وڊيو وائرل ٿيڻ ۽ لکين ڀيرا ڏٺي ويئي جنهن کانپوءِ ايراني عدليه گلوڪارا خلاف ڪارروائي شروع ڪئي.
اختيارين جو چوڻ هو ته اها پرفارمنس ملڪ جي قانوني ۽ ثقافتي ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي.
رپورٽن موجب، جون ۾ قُم جي هڪ فوجداري عدالت پرستو احمدي ۽ سندس بئنڊ ۽ پروڊڪشن ٽيم جي ٻين 8 ميمبرن کي ڏوهي قرار ڏنو هو. مٿن غير اخلاقي ۽ اڻوڻندڙ مواد شايع ڪرڻ ذريعي عوامي عفت ۽ اخلاق کي مجروح ڪرڻ سميت مختلف الزام مڙهيا ويا هئا.
عدالت گلوڪارا کي 74 ڪوڙن جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ کيس ۽ ٻين جوابدارن کي ٻن سالن لاءِ آڊيو ويزول سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ ملڪ کان ٻاهر سفر ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو هو.
واضح رهي ته پرستو احمدي 11 ڊسمبر 2024ع تي ايران جي تاريخي ديرگچين ڪاروانسرا جي خالي پنڊال ۾ ”ڪاروانسرا ڪنسرٽ“ رڪارڊ ڪيو هو، جنهن کي پوءِ يوٽيوب تي جاري ڪيو ويو. احمدي ان ۾ حجاب کانسواءِ اڪيلي مختلف ايراني گيت ڳايا هئا.
جوابدارن جي وڪيلن موجب، جمعي ڏينهن هڪ اعليٰ عدالت بنا ٻڌڻي جي اپيل رد ڪري ماتحت عدالت جو فيصلو برقرار رکيو.
گلوڪارا جي هڪ وڪيل برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن خيال ۾ ڪنسرٽ ڪرڻ ڪو ڏوهه نه هو.
وڪيل موجب، ٽرائل ڪورٽ الزامن تحت سخت ترين سزائن مان هڪ ڏني، جڏهن ته ڏنڊ ۽ ان کان گهٽ سخت سزائن جا متبادل آپشن پڻ موجود هئا.
وڪيل وڌيڪ چيو ته اپيل ڪورٽ وٽ ٻڌڻي ڪرڻ جو اختيار موجود هو، پر عدالت بنا ٻڌڻي جي ئي فيصلو برقرار رکيو.
سندس چوڻ هو ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته فيصلي جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ اهڙن واقعن آڏو بند ٻڌڻ جي ڪوشش آهي.
ٻئي پاسي پرستو احمدي کي ابتدائي سزا ٻڌائڻ جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ ايراني سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل سامهون آيو.
جلاوطن مشهور ايراني گلوڪارا گوگوش انسٽاگرام تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته ” هو ته پراميد آهي ته اهي اوندانهن ڏينهن ختم ٿيندا، عورتن کي پنهنجي زندگي ۽ لباس جي چونڊ جي آزادي ٻيهر ملندي ۽ ايران ۾ آرٽ ۽ تخليقي اظهار جي ٻيهر واڌ ويجهه ٿيندي.“
مشهور موسيقار حسين عليزاده چيو هو ته” هو پرستو احمدي جي جاءِ تي 70 ڪوڙن جي سزا قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي.“
هوڏانهن انساني حقن جي ڪارڪنن به فيصلي جي مذمت ڪئي آهي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل خبردار ڪيو ته ڪوڙن جي سزا ظالماڻي، غير انساني ۽ توهين جوڳي ورتاءَ جي زمري ۾ اچي ٿي.
ياد رهي ته 2022ع ۾ مهسا اميني جي قيد دوران موت کانپوءِ ايران ۾ وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرا شروع ٿيا هئا.
ڪرد نسل سان تعلق رکندڙ مهسا اميني کي تهران ۾ اخلاقي پوليس مبينا طور تي اڻونددڙ انداز ۾ حجاب پائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو.
سندس موت کانپوءِ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ٿي، جنهن عورتن جي حقن ۽ لازمي حجاب واري قانونن تي عالمي ڌيان ڇڪايو.
ملڪ گير مظاهرن دوران ڪيئي عورتن احتجاجن حجاب لاهي ساڙي ڇڏيا يا انهن کي هوا ۾ لهرائي قدامت پسند نظام خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو، مظاهرن دوران سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا هئا.
انهن واقعن کانپوءِ ايران ۾ ڪيترين ئي عورتن ۽ ڇوڪرين لازمي لباس جي ضابطن جي کليل مخالفت ڪندي عوامي هنڌن تي مٿي ڍڪڻ مڪمل طور تي ڇڏي ڏنو.
ان جي جواب ۾ اختيارين وقت به وقت گرفتاريون، وارننگز، ڪاروباري مرڪزن جي بندش ۽ ٻيون پابنديون لاڳو ڪيون.