جوز بٽلر پاڪستان نه ايندو، انگلش ڪوچ تصديق ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جو وڪيٽ ڪيپر بيٽر جوز بٽلر هيمسٽرنگ انجري سبب پاڪستان دوري کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، سينيئر انگلش بيٽر انجري سبب ٽه ملڪي سيريز جو حصو نه هوندو.
انگلينڊ ٽيم جي هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪڪلم چيو آهي ته هن وقت اهو ٻڌائڻ مشڪل آهي ته هو ڪيتري عرصي ۾ فٽ ٿيندو.
جوز بٽلر کي سريلنڪا خلاف ٻي ون ڊي ميچ دوران بيٽنگ ڪندي هيمسٽرنگ انجري ٿي هئي.
واضح رهي ته انگلينڊ، سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز 18 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي.

You might also like