موجودا سسٽم ۾ پاڪستان نٿو هلي سگهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحدا قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته موجودا نظام تحت پاڪستان وڌيڪ نٿو هلي سگهي.
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال سان پاڪستان قبائل موومينٽ جي عهديدارن ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پيپلز پارٽي 18 سالن کان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام تي ظلم ڪري رهي آهي، جڏهن ته 18هين ترميم ملڪ کي 4 آزاد صوبن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان قبائل موومينٽ جي صدر عبدالرحمٰن چيو ته نون انتظامي يونٽن جو قيام پاڪستان جي حق ۾ آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن متحدا قومي موومينٽ پاڪستان پاران سڏ ڏنو ويو ته ڪراچي جا پشتون ساٿ ڏيندا.

You might also like