ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي گهرو وزارت جي آفيس جو دورو ڪيو، جتي گرينڊ خدمت مرڪز جي قيام بابت انتظامن جو جائزو ورتو.
محسن نقوي چيو ته گرينڊ خدمت مرڪز ۾ گهرو وزارت سان لاڳاپيل سمورن ادارن جا ڪائونٽرز موجود هوندا، جتي شهرين کي پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ، هٿيارن جا لائسنس، مختلف اين او سيز ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
وفاقي گهرو وزير موجب، خدمت مرڪز ۾ شهرين کي مختلف سرڪاري سهولتون هڪ ئي هنڌ فراهم ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويندو، جنهن سان سرڪاري خدمتن تائين رسائي آسان بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
محسن نقوي لاڳاپيل اختيارين کي 10 ڏينهن اندر خدمت مرڪز جو ماسٽر پلان تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته مرڪز جي قيام لاءِ سمورا ضروري قدم يقيني بڻائڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون.
ڪراچي ۾ گرينڊ خدمت مرڪز قائم ڪرڻ جو فيصلو، پاسپورٽ کان لائسنس تائين سهولتون هڪ ئي هنڌ ملنديون
You might also like