احسن ڀون جو ڪيپٽن (ر) صفدر کي 5 ارب رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر وڪيل احسن ڀون حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر کي 5 ارب رپين جي هرجاڻي جو قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي.
نوٽيس جي متن موجب، ڪوڙا ۽ سخت توهين جوڳا الزام لڳائڻ جي نتيجي ۾ اهو نوٽيس موڪليو ويو آهي.
نوٽيس موجب، ڪيپٽن (ر) صفدر احسن ڀون جي تعليمي قابليت ۽ وڪالت بابت الزام لڳايا آهن.
نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ڪيپٽن صفدر اهڙيون دعوائون به ڪيون، جيڪي سڌيءَ ريت احسن ڀون تي حملو آهن.
نوٽيس ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪيپٽن (ر) صفدر 7 ڏينهن اندر احسن ڀون کان غير مشروط معافي وٺي.

You might also like