قرض نه چُڪائڻ تي ايراني نجي ايئرلائن جو جهاز ترڪي ۾ روڪيو ويو

استنبول (ويب ڊيسڪ) ايراني خانگي هوائي ڪمپني ڪيسپين ايئرلائن جو مسافر جهاز ترڪي جي شهر استنبول جي هوائي اڏي تي قرض قرض ادا نه ڪرڻ سبب روڪيو ويو آهي.
ايراني خابرو اداري تسنيم موجب، روڪيل جهاز بوئنگ 737 ماڊل جو آهي.
ڪيسپين ايئرلائن طرفان جاري ڪيل بيان موجب، بوئنگ جهازن مان هڪ جي آپريشنل سرگرمي هڪ انتظامي معاملي سبب عارضي طور متاثر ٿي آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاملي جي حل لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان رابطا، قانوني ۽ انتظامي قدم شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته روڪيل جهاز اڄ (اڱاري) ايران واپس پهچندو.
رپورٽ موجب، جهاز استنبول کان تهران روانگي جي تياري ڪري رهيو هو ته عدالتي حڪم تي ان کي روڪيو ويو، جنهن کانپوءِ مسافرن کي جهاز مان لاٿو ويو.
هوابازي جون خدمتون فراهم ڪندڙ ڪمپني تمسيل گيزٽم موجب، ڪيسپين ايئرلائن ان جو اٽڪل 30 لک يورو جي قرضي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل ڪمپني جهاز ضبط ڪرڻ لاءِ عدالت کان حڪم حاصل ڪيو هو.

You might also like