موجودا گورننس ماڊل مان جان ڇڏائڻ ضروري ٿي ويو آهي: علي خورشيدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته موجودا گورننس ماڊل کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ضروري ٿي ويو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي علي خورشيدي چيو ته انتظامي يونٽن جي ڳالهه ايم ڪيو ايم پاڪستان اُٿاري آهي، جڏهن ته يونيورسٽي روڊ سان لاڳاپيل هر ماڻهو پريشان آهي.
هن چيو ته 18هين ترميم کان اڳ ڪراچي ترقي جي سفر تي هو، پر هاڻي صورتحال اها آهي جو ڪراچي بدترين شهرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.
علي خورشيدي چيو وڌيڪ چيو ته موجوده گورننس ماڊل کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ضروري ٿي ويو آهي.

You might also like