ورلڊ بئنڪ پاران توانائي اگهن ۾ غير معمولي واڌ جو خدشو

واشنگٽن (م ڊ) ورلڊ بئنڪ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب عالمي سطح تي توانائي جي اگهن ۾ غير معمولي واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. عالمي بئنڪ جي تازي رپورٽ موجب، 2026ع دوران توانائي جي اگهن ۾ 24 سيڪڙو تائين واڌ ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن خطي ۾ تڪرار مئي تائين گهٽجي به وڃي، تڏهن به قيمتن ۾  واڌ جو رجحان برقرار رهڻ جو امڪان آهي. پر جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ سپلاءِ متاثر ٿي ته توانائي وڌيڪ مهانگي ٿي سگهي ٿي. اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته 2026ع ۾ ڪچي تيل جي سراسري قيمت 86 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته 2025ع ۾ اها اوسط 69 ڊالر في بيرل هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.