بجيٽ، مهانگائي ۽ پگهاردار طبقي تي سرڪاري عنايتون!

منظور کوسو

جون جو مهينو پاڪستان ۾ رڳو گرميءَ جي شدت جو مهينو ناهي هوندو،پر اهو پارليامينٽ ۽ اسيمبلين ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ، اميدن،آسرن ۽ مايوسين جو مهينو پڻ هوندو آهي. هر سال جڏهن وفاقي ۽ صوبائي بجيٽون پيش ٿينديون آهن ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تڪليفن جي چڪي ۾ پسجندڙ ڪروڙين ماڻهو، خاص طور تي پگهاردار طبقو، اها آس لڳائي ويٺو هوندو آهي ته شايد هن ڀيري انهن جي اهنجن آزارن ۾ ڪجهه گهٽتائي ايندي، پر اڪثر ڪري انهن اميدن جو انجام مٿن پارليامينٽ جي سامهون روڊن تي ڊوڙون، لٺبازي، ذلالت، تشدد ۽ مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو آهي. هن سال جي وفاقي بجيٽ اهڙي ماحول ۾ پيش ڪئي وئي، جڏهن ملڪ اڳ ئي بلند مهانگائي، وڌندڙ قرضن، توانائي جي بحران، عالمي غير يقيني واري صورتحال ۽ معاشي عدم استحڪام سان گڏ سياسي عدم استحڪام کي به منهن ڏئي رهيو هو.بجيٽ کان اڳ پگهاردار طبقي کي اميد هئي ته سندن پگهارن ۾ ايتري قدر اضافو ڪيو ويندو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ مهانگائي جي رفتار سان هم آهنگ هوندو،پر جڏهن بجيٽ سامهون آئي ته کين مايوسي کانسواءِ ڪجهه ڪين پلئه پيو۔

حڪومت طرفان پگهارن ۾ ست سيڪڙو اضافو ۽ ٽئڪس ۾ ڪجهه رعايت کي رليف چيو وڃي ٿو، پر جيڪڏهن ان کي موجوده مهانگائي جي شرح سان ڀيٽ ڪجي ته اها واڌ عملي طور ناڪافي نظر اچي ٿي.گذريل ڪجهه سالن دوران کاڌي پيتي جي شين، بجلي، گئس، تيل، تعليم ۽ صحت جي خرچن ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي.اهڙي صورتحال ۾ معمولي پگهار واڌ سان ڪنهن خاندان جي معاشي مشڪلاتن جو حل ممڪن ناهي.بجيٽ جون ترجيحون به عجيب آهن عام ماڻهو جي روزمره زندگي سان لاڳاپيل شين جهڙوڪ گيهه، کاڄرو تيل، ٻارن جي کير ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ جڏهن ته ڪجهه غير ضروري درآمدي شين تي رعايتون ڏيڻ مان صاف ظاهر آهي ته غربت جي لڪير کان به هيٺاهين زندگي گذارڻ وارو عوام جو هڪ وڏو حصو حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ناهي، سو به انهن حالتن ۾ جڏهن بيروزگاري ۽ مهانگائي جي طوفان ۾ عام ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان هجي، پاليسين جو محور ته عام ماڻهن جي ضرورتن کي هجڻ گهرجي ها پر ائين ناهي۔ جڏهن ڪل بجيٽ 18771، ارب روپين  جو لڳ ڀڳ ٽيتاليهه سيڪڙو قرضن ۾ ويندو ۽ روزانو اربين روپين جي ٿيندڙ ڪرپشن ۽ مالي بيضابطگيون تنهن کان سواءِ ته پوءِ ماڻهن لاءِ باقي بچي ڇا ٿو؟سرڪار مهانگائي توڙي ڪرپشن ٻنهيءَ مان ڪنهن هڪ تي به ضابطو آڻي ناهي سگهي۔ قرضن جو وڌندڙ بار به حڪومتن جي معاشي پاليسين کي سخت متاثر ڪري رهيو آهي ۽ عوامي ضرورتن بدران قرض ڏيندڙ ادارن جون شرطون اهم بڻجي وڃن ٿيون.

پاڪستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بار بار آءِ ايم ايف جي پروگرامن ڏانهن رجوع ڪندو رهيو آهي. 1958ع کان وٺي ملڪ25 ڀيرا آءِ ايم ايف کان قرض حاصل ڪري چڪو آهي.هر نئين پروگرام سان گڏ ٽئڪس وڌائڻ، سبسڊيز گهٽائڻ ۽ سخت مالي قدمن جون شرطون پڻ سامهون اينديون آهن.نتيجي ۾ مالي استحڪام ته ڪجهه عرصي لاءِ حاصل ٿي سگهي ٿو، پر عام ماڻهو جي زندگي وڌيڪ مشڪل بڻجي وڃي ٿي۔66 سالن کان ڪيترائي ڀيرا آءِ ايم ايف توڙي ٻين ملڪن کان قرض  وٺڻ جي باوجود ملڪي معيشت پاڻڀرو نه ٿي سگهي آهي.ان دوران عالمي سطح تي پيدا ٿيندڙ نون بحرانن به پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ اضافي مشڪلاتون پيدا ڪيون۔ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ، خاص طور آمريڪا ۽ ايران جنگ سبب عالمي تيل مارڪيٽن ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيڻ ڪري تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو سڌو سنئون  اثر ٽرانسپورٽ، بجلي، صنعت ۽ آخرڪار هر شئي جي قيمت تي ٿئي پيو جنهن سان مهانگائي جي هڪ نئين طوفان جنم ورتو،جنهن جو سڀ کان وڏو بار وري به عام ماڻهو تي پيو ۽ بجيٽ ۾ ان ماڻهن لاءِ ڪو رليف نظر نه پيو اچي۔

ماڻهو روزگار جي ڳولا، پيٽ جي باهه وسائڻ ۽ بنيادي ضرورتن جي پورائي لاءِ مسلسل جدوجهد  باوجود مايوسين جو شڪار آهن. ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ وارو طبقو اڄ به ساڳي ڪيفيت ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. سندن زندگي روزاني ڪمائي ۽ روزاني خرچ جي وچ ۾ ڦاٿل آهي، جتي بيماري، بيروزگاري يا مهانگائي جو هڪ اضافي ڌڪ سڄي معاشي توازن کي بگاڙي ڇڏي ٿو ۽ ان طبقي جي لاءِ بجيٽ ۾ ڪو رليف ڪونه آهي۔حقيقت اها آهي ته بجيٽ جي ڪاميابي جو اندازو رڳو انگن اکرن، معاشي اصطلاحن يا عالمي ادارن جي تعريفن سان نٿو لڳائي سگهجي. اصل ڪسوٽي اها آهي ته عام ماڻهو جي زندگي ۾ ڪيتري قدر آساني پيدا ٿي، پگهاردار طبقي جو بار ڪيترو گهٽ ٿيو، روزگار جا ڪيترا موقعا پيدا ٿيا ۽ مهانگائي تي ڪيترو ضابطو آيو. جيڪڏهن بجيٽ کان پوءِ به ماڻهن جي قوت خريد گهٽجي، بنيادي شيون مهانگيون ٿين ۽ معاشي بي چيني وڌي ته پوءِ  انگن اکرن جي خوبصورتي عوام جي درد جي دوا نٿي بڻجي سگهي.ملڪ کي اڄ اهڙي معاشي حڪمت عملي جي ضرورت آهي جيڪا قرضن تي مستقل انحصار بدران پيداواري صلاحيت، برآمدات، صنعت، زراعت ۽ منصفاڻن ٽئڪس سڌارن تي ٻڌل هجي.جيستائين معيشت جي بنيادن کي مضبوط نه ڪيو ويندو ۽ ٽئڪس جو بار منصفاڻي نموني ورهايو نه ويندو، تيستائين هر سال بجيٽ اميدن کان وڌيڪ مايوسين جو پيغام بڻجي سامهون ايندي رهندي.

بجيٽ جا انگ شايد بهتر نظر اچن، پر عام ماڻهو جو خالي ٿيل کيسو ۽ پريشان حال چهرو ٻڌائي رهيو آهي ته معاشي استحڪام جو سفر اڃا گهڻو پري آهي.عوام کي انگن اکرن کان وڌيڪ پنهنجي زندگي ۾ عملي سڌارن جي ضرورت آهي، ڇو ته آخرڪار معيشت جو اصل مقصد به انسان جي زندگي کي آسان بنائڻ هوندو آهي جيڪو اسان گذريل 79 سالن ۾ حاصل نه ڪري سگهيا آهيون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.