عوام ڪا به مزاحمت نه ڪئي، اڃا پيٽرول وڌندو:سوشل ميڊيا

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) حڪومت پاران ملڪ ۾ پيٽرول 55 رپيا ۽ ڊيزل 55 رپيا مهانگو ٿيڻ کان پوءِ عوام پاران ڪا خاص مزاحمت نه ڪرڻ ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان قوم کي خطاب ڪرڻ بعد سوشلميڊيا تي واهپيدارن حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪندي عوام تي طنز ڪئي وئي ته حڪومت عوام کي آزمائي ڏٺو آهي، 55 رپين تي ڪير به ٻاهر نه نڪتو، حڪمران اڃا وڌيڪ پيٽرول جون قيمتون وڌائيندا، ڇو ته عوام برداشت ڪري رهيو آهي، پيٽرول ۾ 12 رپيا واڌ تي سڄو ملڪ نڪري پيو هو پر 55 رپين تي ڪير به ناهي نڪتو، واهپيدارن جو چوڻ هو ته پيٽرول وڌڻ سان ملڪ ۾ وڏي مهانگائي ٿي وئي آهي، ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن پر پنهنجي حقن لاءِ نڪرن نٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.