2022 کانپوءِ پهريون ڀيرو تيل قيمت 100 ڊالر في بيرل کان مٿي!

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ سبب عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون 2022 کانپوءِ پهريون ڀيرو 100 ڊالر في بيرل کان وڌي ويون، برينٽ ڪروڊ جي قيمت 24 سيڪڙو واڌ سان 114.74 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل 27 سيڪڙووڌي 115.11 ڊالر في بيرل ٿي ويو، معاشي ماهرن موجب جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ جنگ ڊگهي ٿي ته تيل جي قيمت 150 ڊالر في بيرل تائين به پهچي سگهي ٿي، پاڻيءَ جي اهم گذرگاهه آبنائي هرمز اڃا تائين بندش جو شڪار آهي، جتان دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل جي فراهمي ٿيندي آهي، پر جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ اتي تيل کڻندڙ ٽينڪر جمع ٿي رهيا آهن، توانائي جي شين جي آمد ۾ هن وڏي رڪاوٽ سبب اهو خدشو پيدا ٿي ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي جو طوفان اچي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.