ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ بسن جا ڀاڙا به وڌي ويا، تفصيلن موجب شهر ۾ بسن جو گهٽ ۾ گهٽ ڀاڙو 30 رپين مان وڌائي 50 رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بسن جو وڌ ۾ وڌ ڀاڙو 100 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، حڪومت وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 55 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ٽرانسپورٽرن ڪراين ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي، ٻئي پاسي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي ڀاڙن جو نئين سر جائزو ۽ ضرورت پوڻ جي صورت ۾ مناسب ۽ متوازن ڀاڙا مقرر ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون آھن، شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي غيرقانوني طور تي ڀاڙا وڌائڻ وارن ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي جواز بڻائي ڀاڙن ۾ پنھنجي پسند جي واڌ عوام تي بار آهي.