پاڪستان ٽيم جي سمورين ناڪامين جو ذميوار بابر اعظم آهي: عاقب جاويد

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٽيم جي سمورين ناڪامين جو ذميوار بابر اعظم آهي.
عاقب جاويد موجب، بابر اعظم موجودا ٽيم جو بهترين بيٽر ضرور آهي، پر هو پنهنجي ڪارڪردگي ۽ قيادت ذريعي ٽيم کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
هن چيو ته بابر اعظم جي قيادت ۾ ٽيم ڏکين لمحن دوران واپسي لاءِ وڙهڻ جي ڪوشش ڪندي به نظر نه آئي.
عاقب جاويد جو وڌيڪ چوڻ هو ته بابر اعظم کي ٽيم جي ناڪامين جي ذميواري قبول ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته ڪپتان کان اميد هوندي آهي ته هو فرنٽ کان ليڊ ڪري ۽ پنهنجي ڪارڪردگي سان ٽيم کي حوصلو ڏئي.

You might also like