اربيل (ويب ڊيسڪ) ايران جي هٿياربند فوجن دعويٰ ڪئي آهي ته عراق، بحرين ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي حملا ڪيا ويا آهن، جن جي نتيجي ۾ اهم فوجي ۽ ٽيڪنيڪل ٿاڪن کي نقصان پهتو آهي.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، ايراني هٿياربند فوجن عراق جي شهر اربيل ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو.
ايراني اختيارين موجب، حملن جي نتيجي ۾ هڪ مرمتي مرڪز تباهه ٿي ويو، جتي فوجي سامان جي مرمت ڪئي ويندي هئي، جڏهن ته ٽيڪنيڪل اوزارن جي گودامن کي به نقصان رسڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ايراني هٿياربند فوجن موجب، حملي دوران هڪ اهڙو نظام پڻ نقصان جو شڪار ٿيو، جيڪو مبينا طور جاسوسي ڦوڪڻن جي رهنمائي ۽ ڪنٽرول لاءِ استعمال ٿيندو هو.
ٻئي پاسي ايراني فوج بحرين ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ به آمريڪي فوجي اڏن تي ڊرون حملن جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايراني فوج موجب، فوج جي درجنين ڊرونز گڏيل عرب امارتن ۾ الظفره ۽ المنهاد اڏن تي آمريڪي فوجن جي ريڊار سسٽمز ۽ انهن هنڌن کي نشانو بڻايو، جتي اهي لڳل هئا.
ايراني فوج جو چوڻ آهي ته بحرين جي شيخ عيسى اڏي ۾ آمريڪي فوجن جي ريڊار انفراسٽرڪچر ۽ گڏجاڻي وارن مرڪزن تي پڻ آرش ڊرونز ذريعي ٻيهر حملو ڪيو ويو.
ايران جو چوڻ آهي ته اهي حملا آمريڪا جي تازن هوائي حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ پاسداران انقلاب ڪويت ۽ اردن ۾ آمريڪي اڏن تي حملن جو اطلاع به ڏنو هو.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، آمريڪي فوجي ٿاڪن کي پهتل نقصان بابت وڌيڪ تفصيل بعد ۾ سامهون اچي سگهن ٿا، جڏهن ته فوري طور اهو واضح ناهي ٿيو ته حملن ۾ آمريڪي فوجي اهلڪارن جي جاني نقصان جي حوالي سان ڪهڙي صورتحال آهي.
ايران جا عراق، بحرين ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا، اهم ٿاڪ تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
You might also like