اَجئه ديوگن وري وجئه سالگائونڪر جي روپ ۾ نظر ايندو، ”درشيم“ ٿري جي رليز تاريخ سامهون اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سُپر اسٽار اداڪار اَجئه ديوگن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مقبول ڪردار وجئه سالگائونڪر جي روپ ۾ واپسي لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ”دريشم“ فرنچائز جي ٽِين ۽ نئين فلم”دريشم: دي ڪنڪلوزن“ هلندڙ سال 2 آڪٽوبر تي سئنما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
فلمسازن ويجهڙ ۾ فلم جو نئون پوسٽر جاري ڪندي رليز جي تاريخ جي تصديق ڪئي آهي.
پوسٽر تي وجئه سالگائونڪر جي ڪردار بابت لکيل آهي ته ”صحيح هجي يا غلط، ڇا به ٿئي، مان پنهنجي ڪٽنب لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهان ٿو.“
فلم جي اها لائين هڪ ڀيرو ٻيهر وجئه سالگائونڪر جي ان ڪردار کي اجاگر ڪري ٿي، جيڪو پنهنجي خاندان کي بچائڻ لاءِ هر حد پار ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
”اسٽار اسٽوڊيو 18“ جي بئنر هيٺ ٺهندڙ ”دريشم: دي ڪنڪلوزن“ ”پينوراما اسٽوڊيوز“ جي پروڊڪشن آهي، جڏهن ته فلم جو هدايتڪار اڀيشڪ پاٺڪ آهي.
فلم جو اسڪرين پلي ۽ ڪهاڻي اڀيشڪ پاٺڪ، عامِل ڪيان خان ۽ پرويز شيخ لِکي آهي ، جڏهن ته پروڊيوسرز ۾ آلوڪ جين، اجيت انڌاري، ڪمار منگت پاٺڪ ۽ اڀيشڪ پاٺڪ آهن.
”دريشم“ فرنچائز ڏوهن، سسپنس، خانداني ڊرامي ۽ نفسياتي ٻڏتر واري ميلاپ سبب شوقينن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي.
اَجئه ديوگن جون”دريشم“ فلمون مليالم فلم فرنچائز جو هندي ٻوليءَ ۾ ٺاهيل ريميڪ آهن، جنهن ۾ مليالم اداڪار موهن لال مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like