تل ابيب/غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو غزا ۾ اسرائيلي فوج جي موجوده پوزيشن تان پوئتي هٽڻ کان انڪار ڪندي فوجي موجودگي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، نيتن ياهو اربع ڏينهن غزا پٽي ۾ اسرائيلي فوجي پوزيشنن جي دوري دوران ”ييلو لائين“ ڀرسان ڳالهائيندي چيو ته اسان هن علائقي کي ڪنٽرول ڪريون ٿا، اسان پوئتي نه هٽنداسين ۽ ساڳئي لائن تي موجود رهنداسين.“
واضح رهي ته ييلو لائين انهن علائقن جي وچ ۾ حدبندي ڪري ٿي، جيڪي حماس ۽ اسرائيلي فوج جي انتظام هيٺ آهن.
نيتن ياهو جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪا غزا ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪندي ٻنهي ڌرين تي زور ڏنو آهي ته دشمني ختم ڪري ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو وڃي.
آمريڪي اختيارين موجب، آمريڪا جي حمايت يافته جنگبندي تجويز جو مقصد شهرين جي فوتگين ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ غزا تائين انساني امداد جي رسائي آسان بڻائڻ آهي.
”اسان علائقي کي ڪنٽرول ڪريون ٿا، پوئتي نه هٽنداسين“ نيتن ياهو غزا جنگبندي بابت آمريڪي تجويز رد ڪري ڇڏي
You might also like