ملڪ جي خالق سنڌ آهي، سنڌ کي ٽوڙيو ويو ته پاڪستان نه رهندو: پيپلز پارٽي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ٻئي ڏينهن به انتظامي يونٽن جي معاملي تي بحث جاري رهيو. پيپلز پارٽي جي ميمبرن چيو آهي ته سنڌ کي ورهايو ويو ته پاڪستان نه رهندو. اڱاري تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. تحريڪ التوا تي بحث ۾ حصو وٺندي پيپلز پارٽي جي ميمبر سمعنا افضال چيو ته سنڌ اسان جي ريڊ لائن آهي، مان ڪراچي جي نمائندگي ڪندي آهيان ۽ سنڌ جي ڌيءَ آهيان. سمعنا افضال چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪوبه سنڌ جي ورهاست نٿو چاهي. سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن. ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته اهي وزيراعليٰ بڻجي وڃن.  پيپلز پارٽي جي ميمبر حسن علي شاهه چيو ته هي ايوان سموري سنڌ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، صوبو ٺاهڻ جي لاءِ اسيمبلي ۾ ٻه هڪ جي اڪثريت گهرجي، اسان کي سنڌ جي ورهاست قبول نه آهي. هن چيو ته سنڌ جيڪو روينيو ڏئي ٿو اهو پورو وفاق کڻي ويندو آهي. پيپلز پارٽي هميشه انهي ڳالهه جو انتظار ڪندي آهي، هن ايوان پاڪستان کي ٺاهڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي، هي ايوان ڪڏهن به صوبا  ٺاهڻ نه ڏيندو. پيپلز پارٽي جي ميمبر فاروق اعواڻ چيو ته صوبن جي مسئلي تي تفرقو پيدا ٿيندو. سنڌ جي ورهاست مسئلي جو حل نه آهي. اسان کي سنڌ جي ورهاست نه سنڌ جي تعليم گهرجي، اسان سنڌ جون سرحدون تبديل ڪرڻ نٿا چاهيون. فاروق اعواڻ چيو ته مان پنجابي ڳالهائيندڙ سنڌي آهيان، مون سان گڏ پشتو، بلوچي، اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ايوان ۾ موجود آهن. سنڌ پاڪستان جي ضرورت آهي، سنڌ نه هجي ها ته پاڪستان جو وجود به نه هجي ها، سنڌ ۾ رهڻو آهي ته سنڌ چوڻو آهي. سنڌ نه رهي ته پاڪستان به نه رهندو. پيپلز پارٽي جي نثار کهڙو چيو ته نئون صوبو صرف هڪ نئون سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو نالو ناهي، نئون صوبو هڪ آئيني ادارو، قانونساز اسيمبلي، انتظامي بيورو ڪريسي ۽ مالي ڍانچي تي ٻڌل آهي. نوان صوبا ٺاهڻ سان سياسي نمائندگي، اثاثن، رهتن ۽ وسيلن بابت نوان سوال پيدا ٿيندا. صوبن جي بحث کي نعرن جي بجاءِ آئيني ذميواري ۽ سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو. نثار کهڙو چيو ته عوام تائين حڪومت پهچائڻ جو جواب آئين ۾ اڳ ئي موجود آهي. آئين جو آرٽيڪل 140 اي سياسي، انتظامي ۽ مالي اختيار چونڊيل مڪاني نمائندن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو پابند ڪري ٿو. عوامي مسئلن جي حل لاءِ مقامي حڪومت جو نظام اڳ ئي موجود آهي.  سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جڏهن پنجاب جي نون صوبن ۾ کير جون دريون وهن ٿيون ته پوءِ اسان کي ٻڌايو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي صوبائي مڪاني ادارن واري وزير چيو ته جيڪڏهن پنجاب جا ماڻهو صوبو ٺاهڻ چاهين ٿا ته پوءِ انهن کي اهو ٺاهڻ ڏيو.هن چيو ته نثار کهڙو آئيني طريقيڪار مطابق رستو اختيار ڪيو آهي. اچو ته گڏجي پيغام ڏيون ته سنڌ ورهائجي نه ويندي. صوبائي مڪاني ادارن واري وزير چيو ته هو اردو ڳالهائيندڙ ساٿين جو شڪرگذار آهي جو اهي سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف آهن. ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جي ورهاڱي ۽ سنڌو ديش جي خلاف گڏيل طور قرارداد منظور ڪئي وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌو ديش جي ڳالهه ڪندڙن خلاف به ايوان گڏ ٿي واضح پيغام ڏئي. هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف سڀ گڏجي قرارداد منظور ڪن ۽ سنڌ جي ورهاست ۽ سنڌو ديش ٻنهي خلاف واضح موقف اختيار ڪرڻو پوندو. ناصر حسين شاهه چيو ته اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ ۽ ڊيووليوشن بابت به گڏجي قرارداد آندي وڃي. هن چيو ته اچو ته گڏجي پيغام ڏيون ته سنڌ جي معاملي تي اسان سڀ هڪ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وحدت، پاڪستان ۽ ڀائيچاري لاءِ ايوان کي متحد ٿي واضح پيغام ڏيڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي جي پي پي ميمبر ندا کهڙو چيو آهي ته سنڌ جي آئيني سڃاڻپ ڪنهن انتظامي فائل تائين محدود ناهي.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ندا کهڙو چيو ته سنڌ پاڪستان جي خلاف ناهي، پر پاڪستان جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پهريون صوبو آهي. هن چيو ته 1943ع جي تاريخي سنڌ اسيمبلي جي قرارداد پاڪستان جي قيام جي بنيادي تاريخ جو هڪ اهم حصو آهي، سنڌ هميشه پنهنجي آئيني سڃاڻپ ۽ صوبائي خودمختياري جو دفاع ڪندي.هن چيو ته نقشا ڪاغذ تي ٺاهي سگهجن ٿا، سياسي بيان ۽ پريس ڪانفرنسون ڪري سگهجن ٿيون، پر سنڌ جي ماڻهن جي دلين کي ان سڀ ڪجهه ورهائي نٿو سگهجي. ندا کهڙو اهو به چيو ته سنڌ جي سڃاڻپ ۽ اتحاد کي انتظامي فيصلن تائين محدود نٿو ڪري سگهجي، سنڌ هميشه پنهنجي صوبائي خودمختياري ۽ آئيني سڃاڻپ جو دفاع ڪندي. پ پ اڳواڻ جميل سومري چيو آهي ته چڱا ڀلا آمر سنڌ ٽوڙي نه سگهيا، هاڻي هي بڪ بڪ بند ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ خطاب ڪندي پ پ ايم پي اي جميل سومري چيو ته انتظامي يونٽن تي ڪو اعتراض ناهي، ڀلي ٺاهيو، ڪراچي ۾ هڪ ميئر بدران 4 ميئر هجڻ گهرجن.هن وڌيڪ چيو ته قومپرست آئيني ۽ جمهوري دائري ۾ جدوجهد ڪري رهيا آهن، جي ايم سيد کي بغاوت تي مجبور ڪرڻ وارا ڪير هئا؟ سنڌ اسيمبلي ۾ ٻئي ڏينهن به انتظامي يونٽن جي معاملي تي بحث جاري رهيو. پيپلز پارٽي جي ميمبرن چيو آهي ته سنڌ کي ورهايو ويو ته پاڪستان نه رهندو.    پ پ  ايم پي اي اعجاز سواتي چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي تي ڪا ڳالهه نه ٿيندي، جڏهن ته روزگار، وسيلن جي ورڇ، اختيارن ۽ بلدياتي نظام بابت ضرور ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي اعجاز سواتي چيو ته سنڌ جي ڌرتي تي رهندڙ هر ماڻهو، چاهي پختون هجي، پنجابي، ڪشميري، سنڌي، بلوچ يا اردو ڳالهائيندڙ، سڀ سنڌي آهن. هن چيو ته جيڪڏهن لاهور ۾ ويٺل ڪو ماڻهو سنڌ جي ورهاڱي جو راڳ الاپيندو ۽ هتي ويٺل ڪجهه ماڻهو ان تي ناچ ڪندا ته سنڌ جا پٽ خاموش نه ويهي تماشو نه ڏسندا. هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي سازش ڪندڙن کي نسيم حجازي جي ناولن مان نڪري اچڻ گهرجي، سنڌ جا پٽ پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا، اسان قلم به کڻنداسين ۽ تلوار به کڻنداسين، پر سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين. اعجاز سواتي چيو ته هو پاڻ سوات سان واسطو رکندڙ يوسفزئي پختون آهي، پر ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ سنڌ جي مٽيءَ جو قرضدار آهي، ان ڪري پاڻ کي سنڌي سڏي ٿو.

You might also like