ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي اهم سفارتي دوري تي پنهنجي حمايتي ملڪن ڏانهن نڪتل آهي ايران جي پرڏيهي وزير جي هن دورن جو بنيادي مقصد آبنائي هرمز تي ڪنٽرول، عالمي جهازن تي ٽول ٽيڪس جي وصولي ۽ يورينيم جي ذخيرن بابت اهم مشاورت ڪرڻ آهي. ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان اچڻ کانپوءِ عمان ويو ڇاڪاڻ ته ايران ۽ عمان جون سامونڊي سرحدون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون، ان ڪري ايران چاهي ٿو ته عمان سان گڏجي اهڙي رٿابندي ڪئي وڃي. جنهن سان آمريڪي دٻاءُ جو مقابلو ڪري سگهجي. آمريڪا جو مطالبو آهي ته ايران هن رستي کي مڪمل طور کولي ڇڏي، پر ايران پنهنجي دفاعي ۽ معاشي مفادن جي تحفظ لاءِ عمان کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهي ٿو. ايران جي تجويز آهي ته آبنائي هرمز تان گذرندڙ جهازن کان ٽول ٽيڪس وصول ڪيو وڃي، جنهن لاءِ عمان جي مدد ۽ اتفاق تمام ضروري آهي ته جيئن هي معاملو قانوني ۽ سفارتي طور مضبوط ٿي سگهي.
عمان جو دورو پورو ڪرڻ کانپوءِ عباس عراقچي پاڪستان پهتو۔ پاڪستان کانپوءِ ايراني پرڏيهي وزير ماسڪو (روس) روانو ٿي ويو. هن دوري جو سڀ کان حساس نڪتو يورينيم جي ذخيرن جي منتقلي آهي. آمريڪا مطالبو ڪري رهيو آهي ته ايران پنهنجو يورينيم ڪنهن ٻئي ملڪ جي حوالي ڪري. ايران ان حوالي سان روس سان مشاورت ڪندو ته جيئن يورينيم کي روس ۾ بطور امانت محفوظ رکيو وڃي يا ٻيو ڪو طريقو اختيار ڪجي. هن قدم جو مقصد هڪ طرف يورينيم کي محفوظ بڻائڻ آهي ته ٻئي طرف آمريڪا کي ڳالهين جي ميز تي آڻي مٿس لڳايل معاشي پابنديون ختم ڪرائڻ آهي. ايران هن وقت ڳالهين جي ذريعي معاملا حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، جنهن ۾ سندس وڏو معاشي فائدو پڻ آهي.تجزئي نگارن جو خيال آهي ته هڪ ئي وقت ايران ۽ آمريڪا جي سفارتي حرڪتن جو اسلام آباد تي مرڪوز ٿيڻ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ نون سفارتي امڪانن جي عڪاسي ڪري ٿو. بهرحال، ايران-آمريڪا سڌي ڳالهين بابت اڃا تائين واضح حڪمت عملي يا شيڊيول سامهون ناهي آيو، جنهن سبب صورتحال ۾ ابهام برقرار آهي.ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا ڊگهي عرصي کان ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا آهن، خاص طور تي ايٽمي پروگرام ۽ علائقائي اثر رسوخ جي معاملن تي.
اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جو ڪردار هڪ امڪاني سفارتي پل طور ڏٺو پئي ويو پر گذريل ڏينهن ايران کي عالمي ايٽمي عدم پکيڙ معاهدي جي عمل درآمد تي جاري ڪانفرنس جو نائب صدر چونڊيو ويو، جنهن کانپوءِ هڪ نئون سفارتي تڪرار پيدا ٿي ويو آهي. آمريڪا ۽ ايران گڏيل قومن ۾ هڪ اهم ايٽمي هٿيارن جي ڪانفرنس جي شروعات ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن جي ڪري چئن هفتن جي اجلاس دوران وڌيڪ تڪرار جو امڪان وڌي ويو. الجزيره جي مطابق، تڪرار تڏهن تيز ٿي ويو جڏهن ايران کي ڪانفرنس جي 34 نائب صدرن ۾ شامل ڪيو ويو. ايران کي غير وابسته تحريڪ پاران نامزد ڪيو ويو هو، جنهن ۾ 121 ترقي پذير ملڪ شامل آهن.اقوام متحده ايٽمي عدم پکيڙ معاهدي تي اهم ڪانفرنس منعقد ڪئي۔ اقوام متحده جي هن ڪانفرنس ۾، سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دنيا کي نئين ايٽمي خطرن کان خبردار ڪيو، چيو ته هٿيارن جي ڪنٽرول سسٽم ڪمزور ٿي چڪو آهي.ڪانفرنس جي صدر ۽ ويٽنامي سفير خبردار ڪيو ته اجلاس جي ناڪامي دنيا کي هڪ نئين ايٽمي ڊوڙ ڏانهن ڌڪيندي.فرانسيسي پرڏيهي وزير ايران، اتر ڪوريا جي ايٽمي پروگرام ۽ چين جي تيز فوجي ترقي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. جنهن کانپوءِ آمريڪا فيصلي تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو، ان کي حيران ڪندڙ فيصلو قرار ڏيندي چيو ته ايران جي چونڊ نامناسب آهي، ڇاڪاڻ ته واشنگٽن کي ايران جي ايٽمي پروگرام بابت سخت خدشا آهن.
گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير جو چوڻ هو ته واشنگٽن جو موقف آهي ته هڪ ملڪ جيڪو ايٽمي عدم پکيڙ جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، ان کي اهڙي فورم تي قيادت نه ڏني وڃي. ٻئي طرف، ايراني وفد چونڊ کي سفارتي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته هي فيصلو ميمبر ملڪن جي اعتماد جو اظهار آهي ۽ ايران بين الاقوامي معاهدن تحت پنهنجي حقن جو دفاع ڪندو رهندو. آمريڪي نمائندي چيو ته هن فيصلي سان سندس ملڪ کي تمام گهڻو صدمو پهتو آهي ته هڪ اهڙو ملڪ جيڪو کليل طور تي ايٽمي عدم پکيڙ معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ بي عزتي ڪري چڪو آهي، ان کي ڪانفرنس جو نائب صدر چونڊيو ويو آهي. آمريڪي موقف جي آسٽريليا ۽ گڏيل عرب امارات پڻ حمايت ڪئي، جڏهن ته برطانيه، فرانس ۽ جرمني پڻ هن مسئلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.ٻئي طرف، روس ايران تي تنقيد ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ ان کي غير ضروري قرار ڏنو. ايراني نمائندي آمريڪي الزامن کي سختي سان رد ڪيو، انهن کي بي بنياد ۽ سياسي طور تي متاثر ڪندڙ قرار ڏنو. هن چيو ته اهي الزام حقيقتن جي برعڪس هئا ۽ اهي الزام صرف ايران کي بدنام ڪرڻ لاءِ هئا.ماهرن موجب، هن معاملي تي جاري اختلاف ايندڙ ڏينهن ۾ تيز ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ايٽمي پروگرام جي حوالي سان اڳ ۾ ئي سنگين بي اعتمادي آهي، ۽ هي ڪانفرنس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ٽڪراءَ جو هڪ ٻيو ميدان بڻجي سگهي ٿي.ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ اڪثر ملڪن جو چوڻ آهي ته هن تڪرار جي باوجود،ايران امريڪا ڳالهين جو عمل جاري رهندو، پر آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ سفارتي ڇڪتاڻ ڪانفرنس جي ماحول کي متاثر ڪري سگهي ٿي.