ايندڙ ربيع جي مند ۾ ملڪ کي لڳ ڀڳ 20 کان 25 سيڪڙو تائين پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ جو اشارو ڏنو پيو وڃي، جنهن جو سڀ کان پهريون اثر ڪڻڪ جي فصل تي پوڻ جو امڪان آهي. عام طور تي هن انگ اکر کي ايئن پيش ڪيو وڃي پيو ڄڻ هي رڳو درياھن جي وهڪرن جي گهٽتائيءَ جو ئي نتيجو هجي، پر حقيقت ۾ پوري صورتحال رڳو قدرتي وهڪرن جي ڪري ناھي، پر ان ۾ ڊيمن جي هلائڻ واري طريقيڪار (آپريشنل نظام) جون ڪجھ ڪوتاھون پڻ شامل رهيون آهن.
اخبار ’ڊان‘ جي رپورٽ ۽ سامھون آيل انگ اکرن موجب ملڪ هن ڀيري تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ 9.5 ملين ايڪڙ فٽ کان به گهٽ ذخيري سان ربيع جي مند ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جيڪو 2021ع کان پوءِ جي شروعاتي ذخيري جو سڀ کان گهٽ ترين انگ آهي.ان جي معني جڏھن پھرين آڪٽوبر تي ربيع شروع ٿيندو ته ڊئمن ۾ ذخيرو 9.5 ملين ايڪڙ فٽ کان به گهٽ ھوندو۔ جڏهن ته گذريل ربيع 13 ملين ايڪڙ فٽ جي ذخيري سان شروع ٿي هئي. ساڳي ليک ۾ اھا ڳالهه به سامھون آئي آھي ته خريف جي پڇاڙي ۾ ۾ 10 لک يعني ھڪ ملين ايڪڙ فٽ کان وڌيڪ پاڻي انتظامي ضرورت کانسواءِ وھايو ويو. ان ڳالهه کي چڱي ريت پرورڻ جي ضرورت آهي.
اسان کي خبر آھي ته ارسا ۽ سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي پاران روزانو پاڻي جون ماپون جاري ٿينديون آھن۔ سيپٽمبر 2026ع جي جاري ڪيل روزاني ڊسچارج بليٽنز مان صورتحال بلڪل چٽي ٿي وڃي ٿي. تربيلا ڊيم جڏهن پنهنجي مڪمل ڀرجڻ واري سطح( 1550 فوٽَ) کان هيٺ لهڻ لڳو، تڏهن به اتان صوبن جي گهرج کان وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پئي ويو. سمجھڻ گھرجي ته 1550 واري سطح کان وڌيڪ ته پاڻي تربيلا ۾ گڏ نه ٿو ڪري سگھجي پر جيڪڏھن ان کان ھيٺ سطح آھي ته پوءِ ضرورت کي ڏسي پاڻي ڇڏڻ گھرجي۔ پنجاب سنڌو درياهه مان پنهنجي حصي جو پاڻي چشما ۽ تونسا وٽان نڪرندڙ ڪئنالن توڙي سي-جي ۽ ٽي-پي لنڪ ڪئنالن ذريعي اڳ ئي کڻي چڪو هو؛ سيپٽمبر ۾ انھن لنڪ ڪئنالن کي وھائيندو رھيو۔ ان کڻت کان پوءِ به درياھ جي هيٺئين پاسي واڌو پاڻي لڳاتار وهندو رهيو. اهو پاڻي درياھ جو پنهنجو قدرتي رواني وارو پاڻي نه هو جنهن کي مجبوريءَ تحت لنگهڻ ڏنو وڃي، بلڪه اهو ذخيري مان ڪڍيل پاڻي هو.
سيپٽمبر جي شروعات تائين تربيلا 1,550 فوٽن جي وڌ کان وڌ سطح تي رهيو، تڏهن ٻوڏ واري صورتحال سبب اضافي وهڪري کي روڪڻ فني طور ممڪن نه هو. اصل آپريشنل معاملو ان کان پوءِ سامهون آيو. سيپٽمبر جي اڌ کان پوءِ تربيلا جي سطح گهٽجي رهي هئي ۽ مٿان ايندڙ وھڪرو به گهٽ ٿيندو ويو، پر هيٺ وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پي ويو۔ سنڌ جي پاڻيءَ جي طلب (انڊينٽ)، سيپٽمبر جي ھر ايندڙ هفتي ۾ گهٽجي رهي هئي، پر تربيلا ۽ چشما مان پاڻي جو ڇوڙ ان حساب سان ڪين گھٽايو ويو۔
مثال طور: 13 سيپٽمبر تي تربيلا ۾ ايندڙ وھڪرو 131,500 ڪيوسڪ ۽ اتان 155,000 ڪيوسڪ ڇوڙ ڪيو پئي ويو. ان وقت سنڌ جي گهرج 135,000 ڪيوسڪ هئي، پر سنڌ تائين پهچندڙ پاڻي وري به گهرج کان وڌيڪ هو. 21 سيپٽمبر تي سنڌ جي طلب گهٽجي 115,000 ڪيوسڪ ٿي وئي، پر تربيلا مان وھڪرو 125,000 ڪيوسڪ ئي رکيو ويو. ان ڏينهن سنڌ وٽ پهچندڙ واڌو پاڻي 27,000 ڪيوسڪ کان به مٿي هو. 22 سيپٽمبر تي تربيلا ۾ ايندڙ وھڪرو 72,000 ڪيوسڪ هئي پر نڪتل پاڻي وري به 125,000 ڪيوسڪ رکيو ويو. ان مان پڌرو آهي ته ڊئمن کي ايندڙ موسم لاءِ پاڻي بچائڻ جي صحيح حڪمت عمليءَ تحت نٿي هلايو ويو.
هن سڄي عرصي ۾ پنجاب پاران سنڌو درياھ مان کڄندڙ پاڻي پڻ ضرورتن مطابق کڻندو رهيو. پنجاب پاران اهو حصو وٺڻ کان پوءِ جيڪو پاڻي بچڻ گهربو هو، ان کي صوبن جي طلب مطابق باقاعدي منظم ڪيو وڃي ها، پر ائين نه ٿيو. 13 کان 27 سيپٽمبر تائين لڳ ڀڳ هر سرڪاري بليٽن مان ظاهر آهي ته سنڌ وٽ گهرج کان وڌيڪ پاڻي پهچندو رهيو. اڀرندي دريائن مان به ان فرق کي پورو نه پئي ڪيو ويو؛ پنجند جي هيٺين پاسي رڳو ڪجهه هزار ڪيوسڪ پاڻي هو ۽ 26 توڙي 27 سيپٽمبر تي اهو وهڪرو ٻُڙي (زيرو) ٿي ويو هو. تنهن ڪري سنڌ وٽ پهچندڙ سمورو واڌو پاڻي سڌوسنئون سنڌو درياھ مان تربيلا ۽ چشما جي ذخيرن مان ڪڍيو پئي ويو.
منگلا ڊيم مان ھيل 2009 واري وڌايل سطح 1242فوٽن کان ويھ فوٽ گھٽ ڀريو ھو۔ ھونءَ بہ نئين سطح کانپوءِ منگلا ھر سال ڪونه ڀربو آھي ۔ تنھن ھوندي بہ اھا ڀرائي بہ ڪا گھٽ ڪونھي . پوءِ بہ خريف جي آخري پندرنهن ڏينهن ۾ منگلا ڊئم مان پنجاب جي ضرورتن کان وڌيڪ پاڻي ڪڍيو ويو۔ ان پوري مامري کي ڀلي ڀت ڏسڻ جي ضرورت آھي۔
هن آپريشنل خاميءَ کي ان مان به سمجهي سگهجي ٿو جڏهن گهرج وڌي ته پاڻي جو ڇوڙ (تربيلا مان) ساڳيو رهيو، ۽ جڏهن گهرج گهٽجي وئي ته به اخراج اھو ئي رکيو ويو. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ڊيمن کي روزاني فني ۽ صوبائي انڊينٽ بدران ڪنھن ٻي منطق مطابق سرسري انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
پڪ سان نه ٿو چئي سگھجي؛ پر ان جو هڪ امڪاني انتظامي سبب تربيلا جي پنجين توسيعي منصوبي (ٽي-5) جو اڏاواتي ڪم به ٿي سگهي ٿو. ان پراجيڪٽ جو مٿانهون ان-ٽيڪ ڍانچو رڳو پاڻيءَ جي گهٽ سطح وارن مهينن (آڪٽوبر کان مئي) دوران تعمير ٿي سگهي ٿو، جڏهن تربيلا واري ڍنڍ جي سطح ڪوفر ڊيم کان هيٺ لهي ويندي آهي. (ڪوفر ڊيم هڪ عارضي بند آهي جيڪو درياھ يا ٻين پاڻين ۾ اڏيو ويندو آهي، ته جيئن ان اندر پاڻي ڪڍي خشڪ جاءِ تي تعمير يا مرمت ٿي سگهي۔) گذريل سال نومبر جي پڇاڙيءَ تائين اڏاوت واري کڏ کي سڪائي نه سگهيو ويو هو. ممڪن آهي ته تعميراتي ضرورتن سبب تربيلا ڍنڍ کي تڪڙو خالي ڪرڻ جو دٻاءُ هجي، جيئن پوئين سال ھئو؛ يا شايد اهو سبب نه به هجي ڇو ته اهڙي ڪا باضابطا هدايت سامهون ناهي آئي. پر سببن کي ھڪ پاسي رکندي، سرڪاري بليٽن جي اها حقيقت نه ٿي تبديل ٿئي ته ٻنهي صوبن ( سنڌ۔ پنجاب) جي کڻت ۽ گهرج کان پوءِ به ڊيمن مان ضرورت نه ھوندي بہ واڌو پاڻي ڇڏيو ويو۔
ان سڀ جي باوجود، ربيع جي مند لاءِ 20 کان 25 سيڪڙو جي وچ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندڙ ڪيل کوٽ کي ھمت سان سنڀاري سگھجي ٿو۔ ايئن ناھي جو شديد مايوسيءَ يا لاچاريءَ واري ڳالهه آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڻيءَ جي طبعي مقداري گھٽتائي موجود آهي، پر بهتر انتظام ڪاري ۽ ادارتي رٿابنديءَ ذريعي ان صورتحال کي پوري سمجھھ سان ۽ نتيجا خيز انداز سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.
جيڪڏهن آبپاشي کاتو پنهنجي اندروني نظام جي سخت ۽ باضابطا ريگيوليشن ڪري، واهن ۽ شاخن مان پاڻيءَ جي ورهاست جي اثرائتي نگراني (مانيٽرنگ) يقيني بڻائي، ۽ خاص ڪري ٽيمپرٿيل/ ٽٽل ماڊولن کي توڙي پاڻي چوريءَ تي سختيءَ سان ڪنٽرول قائم ڪري، ته ربيع ۾ پاڻيءَ جي ان کوٽ کي منظم ڪري سگهجي ٿو. ان قسم جي ادارتي چستيءَ سان پاڻي گهٽ هجڻ باوجود پڇڙين تائين برابر پهچائي سگهبو، جنهن سان ايندڙ ربيع ۽ ڪڻڪ جي فصل تي پوڻ واري امڪاني دٻاءُ ۽ نقصان کي گهٽ کان گهٽ سطح تائين محدود رکڻ ممڪن آهي.
هن مهل جڏهن ارسا جي فني ۽ صلاحڪاري ڪميٽين جا اجلاس هلندڙ يا ٿيڻ وارا آهن، ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايندڙ مند جي انگن اکرن کي رڳو نصيب جو فيصلو چئي اڳيان آڻڻ بدران زميني حقيقتن جي بنياد تي پاليسي جوڙي وڃي. روزاني بليٽنز تي صوبن جون کڻتون، گهرجون ۽ ذخيري مان ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي جا انگ اکر چٽيءَ ريت موجود رهيا آهن. هاڻي جيڪڏهن ڊيمن مان پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۾ فني ذميواري اختيار ڪئي وڃي ۽ آبپاشي نيٽورڪ جي شفاف نظام ذريعي پاڻيءَ کي بچايو وڃي، ته هاري، آبادگار ۽ زراعت ڪنهن وڏي ڌڪ کان محفوظ رهي سگهن ٿا.