پي ايس ايل: حيدرآباد ملتان کي شڪست ڏئي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي پهرئين ايليمينيٽر ۾ حيدرآباد ڪنگزمين ملتان سلطانز کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ملتان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون.
شان مسعود 69 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، محمد نواز 18، صاحبزادا فرحان 15، اسٽيو سمٿ 13 رنسون ٺاهي سگهيو.
حيدرآباد طرفان محمد علي، حنين شاهه ۽ عاڪف جاويد 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ حيدرآباد گهربل هدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي 16هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو.
معاذ صداقت 64 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، عثمان خان 64 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته صائم ايوب ناقابل شڪست 15 رنسون ٺاهيون.
حيدرآباد ڪنگزمين جو جمعي ڏينهن ايليمينيٽر 2 ۾ اسلام آباد سان مقابلو ٿيندو ۽ فاتح ٽيم فائنل ۾ پشاور زلمي سان مهاڏو اٽڪائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.