اونهارو ۽ وڌندڙ گرمي: رٿابندي کان عمل تائين

محمد احسان لغاري

اپريل 2026ع جي پڄاڻي واري هن مرحلي تي سنڌ جي موسمي سڀاءُ ۾ ايندڙ غير معمولي تبديليون رڳو وقتي تيزي نه پر هڪ وسيع تر عالمي ماحولياتي منجھيل صورتحال جو نتيجو آهن. سنڌ جي ضلعن ۽ شهرن ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ جي سطح کي ٽپي چڪو آهي، جڏهن ته شهيد بينظير آباد جي خاص علائقن ۾ پارو 48 ڊگريءَ جي چوٽ کي ڇهي رهيو آهي، جيڪو اپريل جي مهيني لاءِ هڪ نئون رڪارڊ آهي. پاڪستان موسميات کاتي (PMD) جي رڪارڊ مطابق موهن جو دوڙ، دادو، جيڪب آباد، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ لڳاتار 43 ڊگريءَ کان وڌيڪ گرمي پد پهچڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي.

هي انگ اکر ثابت ڪن ٿا ته اونهاري جي باقاعدي شروعات کان اڳ ئي وچٿري گرميءَ ۾ 5 کان 7 ڊگريءَ تائين جو هي واڌارو رڳو مقامي واقعو ناهي پر ايل نينو (El Niño) جي ان اثر جو تسلسل آهي جنهن کي عالمي ماهرن "سپر ايل نينو” سڏيو آهي. ايل نينو هڪ اهڙو قدرتي عمل آهي جنهن ۾ سمنڊ جي وچ واري حصي يعني بحرالڪاهل جي مٿاڇري جو پاڻي غير معمولي طور گرم ٿي ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي دنيا جي هوائن جو رخ ۽ مينهن جا نمونا بدلجي ويندا آهن، جنهن جو سڌو اثر ڏکڻ ايشيا ۾ گرميءَ جي وڌڻ ۽ برساتن جي گهٽجڻ جي صورت ۾ نڪرندو آهي. آفتن جي انتظام جي قومي اداري (اين ڊي ايم اي) پاران جاري ڪيل خبرداريءَ مطابق هاڻوڪي گرمي جي لهر گهٽ ۾ گهٽ 5 مئي تائين سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ قائم رهندي، جنهن جي ڪري ڏينهن ۽ رات جو گرمي پد پنهنجي سراسري کان وڌيڪ رهندو. ان صورتحال سبب ماحولياتي سرشتي ۽ انساني صحت تي دٻاءُ وڌڻ جا پڪا امڪان موجود آهن، جيڪي ماهرن موجب جديد تاريخ جي سخت ترين موسمن جي شروعات ٿي سگهن ٿا.

سائنسي رخ کان 2026ع جي هن صورتحال کي 1877–78ع جي تاريخي سپر ايل نينو سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جنهن دوران عالمي سطح تي ننڍي کنڊ، چين، برازيل ۽ آفريڪا ۾ سخت ڏڪار ۽ بک ڪاهي پيا هئا ۽ ڪروڙين ماڻهن حياتيون وڃايون هيون. اڄ جي صورتحال ان ڪري وڌيڪ منجهيل آهي جو ايل نينو جو هي مرحلو هڪ اهڙي دور ۾ آيو آهي جتي ڌرتيءَ جو تپڻ يعني گلوبل وارمنگ، جيڪو اصل ۾ انسان ذات پاران ڪارخانن ۽ گاڏين جي دونهي ذريعي هوا ۾ گرم گئسون ڇڏڻ سبب ڌرتيءَ جي سراسري گرمي پد ۾ لڳاتار واڌ جو نالو آهي، تنهن جي سطح صنعتي دور کان اڳ واري مقابلي ۾ 1.5 ڊگري وڌي چڪي آهي.

آمريڪا جي سامونڊي ۽ فضائي تحقيق جي قومي اداري (NOAA) جي اپريل 2026ع جي جائزي مطابق مئي کان جولاءِ تائين ايل نينو جي پيدا ٿيڻ جا امڪان 61 سيڪڙو آهن ۽ يورپي ماڊل 80 سيڪڙو تائين ان جي مضبوط هجڻ جي پڪ ڪن ٿا. ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي موسمياتي کاتن موجب 2026ع ۾ برساتون ڊگهي مدي جي سراسري جو صرف 92 سيڪڙو ٿي سگهن ٿيون. سنڌ جهڙي اڳ ئي گرم علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ تپش ۾ واڌ جو نتيجو خوراڪ جي گهٽتائي، اگهن ۾ واڌ ۽ معاشي نقصان جي صورت ۾ نڪرندو، جنهن جو چٽو مثال 2015-16ع جي ايل نينو دوران سنڌ ۾ ٿيل 2000 کان وڌيڪ فوتگيون آهن.

اعليٰ سطح تي، رابطي جي بنيادي ذميواري آفتن جي انتظام وارن قومي ۽ صوبائي ادارن تي آهي، جن کي "اونهاري لاءِ هنگامي رٿا 2026” کي رڳو هڪ دستاويز بدران عملي ميدان تي لاهڻو پوندو. هن رٿا ۾ واضح طور تي سمورن ڀاڱي ڀائيوارن يا اسٽيڪ هولڊرز، يعني اهي سرڪاري ۽ خانگي ادارا جن جو عوامي مفاد ۽ انتظاميا سان واسطو آهي، تن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي ضلعي جا انتظام ترت فعال ڪن. ان سان گڏوگڏ خطرن واري جاين جي تپاس (ولنريبلٽي ميپنگ)، جيڪو هڪ اهڙو سائنسي طريقو آهي جنهن ذريعي اهي خاص علائقا يا آباديون نروار ڪيون وينديون آهن جن کي گرميءَ جي لهر (يا ڪنهن به آفت) مان ٻين کان وڌيڪ نقصان رسڻ جو انديشو هوندو آهي، تنهن کي بنا دير مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن گرمي جي ور چڙهندڙ ٻهراڙين ، شهرن جي تپش وارن مرڪزن ۽ وڌيڪ خطري هيٺ آيل ماڻهن جهڙوڪ ٻڍڙن، پورهيتن، ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن تائين مدد پهچائي سگهجي. موبائل ايس ايم ايس، ريڊيو، ٽيليويزن، مسجدن جي لائوڊ اسپيڪرن ۽ اسڪولن جي اعلانن ذريعي اها ڄاڻ هر ماڻهوءَ تائين پهچڻ گهرجي. صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته اها اسڪولن، ڪميونٽي هالز ۽ مارڪيٽن ۾ عوامي ٿڌڪار مرڪز قائم ڪري جتي بجليءَ جو متبادل رستو يعني سولر سسٽم موجود هجي. اسپتالن لاءِ لازمي آهي ته اهي گرمي جي سٽ سهائيندڙ مرڪز (هيٽ سٽروڪ اسٽيبلائزيشن يونٽس)، يعني اهي خاص طبي وارڊ جتي تيز گرميءَ سبب بيمار ٿيندڙن جي جسماني تپش کي برف ۽ خاص دوائن ذريعي ترت گهٽ ڪري، کين تڪڙي طبي امداد ڏني ويندي آهي، تنهن کي فعال ڪن ۽ او آر ايس جو ضروري ذخيرو رکن.

ٻهراڙي واري سنڌ جي حوالي سان لچڪ پيدا ڪرڻ لاءِ زراعت ۽ مالوندن جي تحفظ لاءِ فني قدمن جي ضرورت آهي، ڇو ته ٻهراڙي ۾ پورهيو مڪمل طور تي انهن شعبن تي دارومدار رکي ٿو. زراعت کاتي کي گهرجي ته هو گهٽ ملهه تي اهڙا ٻج فراهم ڪري جيڪي سخت گرمي ۽ سوڪهڙو سهڻ جي سگهه رکندا هجن. برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ، يعني وسڪاري جي پاڻي کي خاص تلائن يا زيرِ زمين ذخيرو ڪرڻ، وقت جي وڏي گهرج آهي. مالوندن لاءِ ڳوٺاڻي سطح تي گاهه پٺي جا ذخيرا (فاڊر بينڪس) قائم ڪرڻ سان جانورن کي بچائي سگهجي ٿو. ان سان گڏوگڏ، روايتي مٽيءَ جي گهرن جي ڇتن تي تپش موٽائيندڙ پڙا (ريفليڪٽو شيٽس) يا اڇي رنگ جو استعمال اندريون گرمي پد 3 کان 5 ڊگريءَ تائين گهٽ ڪري سگهي ٿو. ضلعي ادارن کي گهرجي ته اهي عورتن جي سربراهي ۾ هلندڙ گهرن کي خاص سهڪار ڏين. ڳوٺن جي اسڪولن ۽ مسجدن ۾ ٿڌڪار واريون پناهه گاهون قائم ڪيون وڃن جتي پکا، پاڻي ۽ ترت علاج جي فرسٽ ايڊ ڪٽس موجود هجن. جانورن جي صحت لاءِ موبائل ٽيمون ۽ ڇانوري وارا انتظام اڳواٽ تيار هجڻ گهرجن.

شهري مرڪزن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ سکر کي "شهرن ۾ گرميءَ جا ٻيٽ” (اربن هيٽ آئلينڊز) جڙڻ سبب وڌيڪ خطرو آهي. شهري گرمي جي ٻيٽن مان مراد اهي پڪا ڍانچا يا سيمينٽ جون اڏاوتون، پڪا رستا ۽ وڏيون عمارتون آهن؛ جيڪي ڏينهن جو سج جي گرمي جذب ڪري وٺنديون آهن، جنهن ڪري شهر جو گرمي پد ڀرپاسي واري کليل وسندين يا وڻڪاري واري ٻهراڙي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو وڌي ويندو آهي ۽ رات جو به گهٽ ناهي ٿيندو. ميونسپل اختيارين کي گهرجي ته اهي بس اسٽاپن ۽ پورهيتن جي وسندين ۾ پاڻي جون سبيلون ۽ ڇانورا قائم ڪن. ليبر ڊپارٽمينٽ کي گهرجي ته هو منجهند 12 کان 4 وڳي تائين ڪم جي وقفي ۽ پاڻيءَ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اوچتا ڇاپا هڻن. ياد رهي ته گرميءَ جي هر هڪ ڊگريءَ جي واڌ سان مزدورن جي ڪم ڪرڻ جي سگهه 40 سيڪڙو تائين گهٽجي سگهي ٿي، جنهن سان هو بي حال، بيمار ۽ موت جو شڪار ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري پاڻي جون سبيلون، ڦوهارا ۽ ڇنڪار جهڙا ڪم حياتيون بچائي سگهن ٿا. هر وزير، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر کي "الله جي ڏني مان” پنهنجن حلقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ سؤ سؤ سبيلون، ٿڌا ڇانورا ۽ بي زبان جانورن لاءِ پاڻي جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.

ڊگهي عرصي واري شهري رٿابنديءَ ۾ وسيع وڻڪاري، ٿڌا فرش، ڇت تي باغيچا ۽ گرين بيلٽس جو واڌارو ڪراچي، حيدرآباد، دادو، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص جهڙن شهرن ۾ تيز ڪيو وڃي، ڇو ته وڻڪاري گرمي پد کي 8 کان 12 ڊگريءَ تائين گهٽ ڪرڻ جي سائنسي سگهه رکي ٿي. ساحلي ٻيلن يعني تمر/مينگرووز جي بحالي پڻ هن موسم ۾ لازمي آهي.

بچاءُ ۽ حفاظت جو عمل گهر ۽ پاڙي جي سطح کان شروع ٿئي ٿو، جتي هر فرد کي گهرجي ته هو پنهنجي عادتن ۾ تبديلي آڻي. ماڻهن کي گهرجي ته اهي سرڪاري خبردارين ذريعي موسم جي حال کان باخبر رهن ۽ منجهند جو ٻاهر نڪرڻ کان پرهيز ڪن. پاڻي جو وڌيڪ استعمال، هلڪي رنگ جو سوٽي لباس، ٻاهر نڪرڻ مهل ٽوپي يا مٿي کي ڍڪيندڙ ڪپڙي جو استعمال ۽ گهرن کي هوا جي گذر لاءِ کليل رکڻ اهڙيون عادتون آهن جيڪي زندگي بچائي سگهن ٿيون. سماجي سطح تي پاڙيسري هڪ ٻئي جو خيال رکن، خاص طور تي ٻڍڙن، لاچار ۽ ڳورهاري عورتن جي خبر چار وٺن. ان سان گڏوگڏ پورهيتن، چوڪيدارن، گاڏي وارن ۽ رڪشا هلائيندڙن کي ٿڌو پاڻي پيارڻ سان انساني همدرديءَ سان گڏ هيٽ اسٽروڪ جا ڪيس به گهٽجي سگهن ٿا. نوابشاهه کان ملتان تائين تپش جو هي رڪارڊ ٽوڙيندڙ سلسلو رڳو هڪ موسمي واقعو ناهي پر اسان جي انتظامي نظام ۽ سماجي شعور لاءِ هڪ وڏو امتحان آهي. هن وقت گڏيل انتظامي ڪوششون ۽ سائنسي بنيادن تي کنيل قدم ئي 2026ع جي هن اونهاري کي هڪ تباهيءَ بدران انتظامي سگهه ۽ تياريءَ جو مثال بڻائي سگهن ٿا. عمل جو وقت هاڻي آهي، ڇو ته ايل نينو ۽ ڌرتيءَ جو تپڻ گڏجي هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن جنهن جو مقابلو رڳو رٿابندي، عملي قدم ۽ لچڪ سان ئي ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.