گهڻا ماڻهو نيراني انڊا کائڻ پسند ڪندا آهن. انڊن مان پروٽين، منرلز، وٽامنز ۽ ٻيا ڪيترائي غذائي جزا حاصل ٿين ٿا، جڏهن ته اهو سستو ۽ آساني سان دستياب پروٽين جو ذريعو پڻ سمجهيو ويندو آهي.
مدافعتي نظام مضبوط ٿئي ٿو
تحقيق موجب هڪ انڊي ۾ سيلينيم جي مناسب مقدار موجود هوندي آهي، جيڪا مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائڻ سان گڏ ٿائرائيڊ هارمونز کي منظم ڪرڻ ۾ به مدد ڏئي ٿي. روزانو هڪ انڊو کائڻ سان مختلف بيمارين کان بچاءَ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
ڪوليسٽرول جي سطح تي منفي اثر نٿو پوي
جيتوڻيڪ انڊن ۾ غذائي ڪوليسٽرول موجود هوندو آهي، پر تحقيقن مان ڄاڻ ملي آهي ته انڊا جسم ۾ نقصانڪار ڪوليسٽرول وڌائڻ بدران فائديمند ڪوليسٽرول (HDL) جي سطح بهتر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
دل جي بيمارين کان بچاءُ
جرنل نيوٽريشنز۾ ڇپيل هڪ تحقيق موجب هفتي ۾ پنج يا وڌيڪ انڊا کائڻ سان دل جي بيمارين جو خطرو گهٽجي سگهي ٿو. اهڙن ماڻهن ۾ بلڊ پريشر به نسبتاً گهٽ ڏٺو ويو آهي.
جسماني توانائي ۾ واڌ
انڊن ۾ وٽامن بي-2 (ريبوفليوين) موجود هوندو آهي، جيڪو خوراڪ کي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان ڪري انڊا جسم کي سڄو ڏينهن سرگرم رکڻ لاءِ بهترين خوراڪ ۾ شمار ٿين ٿا.
چمڙي ۽ وارن لاءِ فائديمند
انڊا وٽامن بي، بي-5 ۽ بي-12 سان ڀرپور هوندا آهن، جيڪي چمڙي، وارن، اکين ۽ جگر جي صحت لاءِ اهم آهن. اهي اعصابي نظام کي به بهتر نموني ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
دماغي صحت بهتر بڻائين ٿا
انڊن ۾ موجود ”ڪولين“ نالي جز دماغي صحت لاءِ انتهائي اهم آهي. ماهرن موجب ڪولين جي کوٽ يادگيري ۽ دماغي ڪارڪردگي تي منفي اثر وجهي سگهي ٿي.
ذهني دٻاءُ گهٽائڻ ۾ مدد
انڊن ۾ ضروري امينو ايسڊز موجود هوندا آهن، جيڪي ذهني صحت لاءِ فائديمند آهن. ڪجهه تحقيقن موجب انڊن جو استعمال ذهني دٻاءُ گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.
هڏا ۽ ڏند مضبوط ٿين ٿا
انڊا وٽامن ڊي جا بهترين قدرتي ذريعا آهن. وٽامن ڊي جسم ۾ ڪيلشيم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جنهن سان هڏا ۽ ڏند مضبوط ٿين ٿا.
گهڻي دير تائين پيٽ ڀريل رهڻ جو احساس
انڊن ۾ پروٽين جي مقدار وڌيڪ هوندي آهي، جنهن سبب پيٽ گهڻي دير تائين ڀريل محسوس ٿيندو آهي. نتيجي ۾ غير ضروري کاڌو کائڻ جي خواهش گهٽجي ويندي آهي.
وزن گهٽائڻ ۾ مددگار
تحقيقن موجب انڊن جو استعمال وزن گهٽائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. وڌيڪ پروٽين هجڻ سبب اهي ميٽابولزم کي بهتر بڻائين ٿا ۽ خاص طور تي پيٽ جي چرٻي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
نوٽ: هي معلومات مختلف طبي تحقيقن ۽ مطالعي تي ٻڌل آهي. ڪنهن به طبي مسئلي يا مخصوص غذا بابت پنهنجي ڊاڪٽر يا ماهرِ غذائيت سان صلاح ڪرڻ ضروري آهي.