تعليم ڪنهن به سماج جي ترقي جو بنيادي ذريعو آهي، پر تعليم جي ڪاميابي رڳو نصاب تي دارومدار نه ٿي رکي. بلڪه ان ڳالهه تي منحصر هوندي آهي ته شاگردن کي ڪيئن پڙهايو وڃجي ٿو. انهن جي سکيا جي جاچ ڪيئن ڪجي ٿي ۽ سکڻ دوران ڪيترو سهڪار فراهم ڪيو وڃي ٿو. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مختلف تعليمي ۽ امتحاني نظام رائج آهن، جن مان هر هڪ جون پنهنجون خوبيون ۽ طريقا آهن. سنڌ ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن نظامن جو جائزو وٺجي ۽ انهن مان اهڙا عنصر اختيار ڪجن جيڪي اسان جي ضرورتن ۽ ماحول مطابق هجن.
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ بورڊ آف انٽرميڊيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن (BISE) جو نظام سيڪنڊري تعليم لاءِ رائج آهي، هي نظام لکين شاگردن لاءِ هڪجهڙي امتحاني ڍانچو فراهم ڪري ٿو. هن نظام ذريعي رڳو امتحانن وٺڻ تي وڌيڪ زور رهيو آهي هڪ ته عالمي بورڊن جي ڀيٽ ۾ BISE جو تعليمي سکيا سان ڳانڍاپو نه آهي. ۽ ٻيو هر سال امتحاني موسم ۾ ساڳيا مسئلا جيئن ڪاپي تي ڪو ڪنٽرول نه هجڻ، موبائل جو استعمال، سوال پيپر جو وقت کان اڳ منظر تي اچڻ ۽ هن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ شاگردن کي سلپ ۽ سينٽرن لاءِ غير يقيني هجڻ اچرج جي ڳالهه آهي. اهڙن سببن باعث اسان جي بورڊن جو تعليمي نظام جمود جو شڪار آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تدريس جو وڏو حصو نصاب مڪمل ڪرڻ ۽ سالياني امتحانن جي تياري تي مرڪوز هوندو آهي. جيتوڻيڪ هڪٻن سالن کان تنقيدي سوچ ۽ تصوراتي سکيا کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪجهه قدم کنيا ويا آهن پر اڃا تائين امتحانن ۾ سوالي پيپر يادگيري تي ٻڌل نظر اچي رهيا آهن.
هن نظام جو هڪ ٻيو اهم مسئلو اهو آهي ته BISE جو تدريسي بهتري سان سڌو سنئون تعلق گهٽ نظر اچي ٿو. استادن جي پيشه ورانه تربيت کي بورڊن سان وابستگي طور نٿو ڏٺو وڃي. انهيءَ لاءِ نصاب، تدريس ۽ امتحان جي وچ ۾ گهري هم آهنگي جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي. امتحاني بي ضابطگيون، پيپر ليڪ ٿيڻ، ۽ نتيجن جي هير ڦار تي تعليمي سڌارن جي کوٽ اهڙا مسئلا آهن جيڪي وڌيڪ ڌيان طلب آهن. هاڻي اچو ته ڪجهه عالمي امتحاني Exam Bodies جو مختصر جائزو وٺون انٽرنيشنل بيڪالورئيٽ (IB) جي نظام تحت شاگردن کي سکڻ جي مرڪز ۾ رکيو ويندو آهي، هن نظام تحت رڳو امتحانن تي ڀاڙڻ بدران شاگردن کي تحقيق، سوال ڪرڻ، تجزيو ڪرڻ ۽ انهن کي خودمختيار سوچ جي هٿي ڏني وڃي ٿي. شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ٿي ته جيئن هو پنهنجي زندگي ۽ ماحول ۾ موجود مسئلن کي سمجهڻ ۽ سکيل علم کي عملي زندگي سان جوڙين. هن نظام تحت منصوبن جو جائزو وٺڻ، پورٽ فوليو Port Folio ۽ خارجي امتحانن جو گڏيل استعمال ڪيو ويندو آهي. نتيجي طور شاگردن ۾ اعتماد، تخليقيت ۽ عالمي شعور پيدا ٿئي ٿو.
امريڪي نصاب جو هڪ ٻيو پهلو پيش ڪجي ٿو ته هن نظام تحت منصوبن تي ٻڌل سکيا، لچڪدار تدريس ۽ تنقيدي جائزي کي اهميت حاصل آهي. شاگردن جي ڪارڪردگي جو جائزو، اسائنمينٽس، منصوبا، ڪلاس ۾ شرڪت جو وهنوار ۽ معياري امتحانن ذريعي ورتو ويندو آهي. GPA جو نظام شاگردن کي سڄي تعليم جي سال دوران مسلسل محنت ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. ۽ هڪ امتحان تي دارومدار گهٽائي ٿو. انهيءَ سڄي عمل کي Formative Assessment چئبو آهي. جيڪا اسان جي سيڪنڊري تعليمي نظام مان خارج ٿيل آهي.
ساڳيءَ طرح ڪيمبرج، پيئرسن ۽ ايڊيڪسل جا IGCSE يا Alevel ۽ O پروگرام، علم ۽ مهارتن جي وچ ۾ توازن پيدا ڪن ٿا. انهيءَ ذريعي تصورن جي گهري سمجهه، سائنسي جاچ، مسئلا حل ڪرڻ ۽ عملي سکيا تي زور ڏنو ويو آهي. امتحانن دوران عملي ڪم ۽ ڪورس ورڪ کي اهميت ڏني ويندي آهي. اهڙيءَ ريت شاگرد رڳو معلومات ياد ڪرڻ بدران ان کي سمجهڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪن ٿا.
دنيا جي ڪيترن ئي ڪامياب تعليمي نظامن ۾ انسپيڪشن جو نظام موجود آهي. مثال طور متحده عرب امارات ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو جائزو صرف امتحانن نتيجن جي بنياد تي نه ورتو ويندو آهي.
پر تدريس جي معيار، شاگردن جي دلچسپي، تنقيدي سوچ، جدت، تشخيص جي طريقن سان گڏ تعليمي ترقي کي ڏٺو ويندو آهي. اهڙي طرح تشخيص عملن مان حاصل ٿيندڙ معلومات کي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي بهتري لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
هاڻي سوال اهو آهي ته سنڌ لاءِ ڪهڙو نظام بهتر آهي؟ حقيقت ۾ ڪنهن هڪ عالمي نظام کي مڪمل طور اختيار ڪرڻ واحد حل نه آهي. هر ملڪ جون پنهنجون سماجي، ثقافتي ۽ معاشي حالتون هونديون آهن. تنهن ڪري سنڌ لاءِ وڌيڪ مناسب رستو اهو ٿي سگهي ٿو، ته مختلف نظامن جي بهترين خاصيتن کي گڏ ڪري هڪ متوازن ماڊل تيار ڪيو وڃي. هڪ ممڪن تجويز اها به ٿي سگهي ٿي شاگردن کي اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي اهڙا تدريسي ۽ جائزي جا طريقا فراهم ڪيا وڃن جيڪي IGCSE ۽ IB جهڙن نظامن جي تنقيدي سوچ، تحقيق منصوبه سازي، مسلسل تشخيص ۽ جائزي واري فلسفي تي ٻڌل هجن. يعني BISEs جي امتحانن ۾ 9 کان 12 ڪلاس وارن لاءِ معياري بورڊ امتحان ورتا وڃن. اهڙي ماڊل ذريعي شاگردن کي جديد سکيا جا فائدا حاصل ٿيندا ۽ قومي سطح تي هڪجهڙو نظام به قائم رهندو ساڳئي وقت موجوده BISEs ۾ به سڌارن جي ضرورت آهي بورڊ طرفان استادن جي پيشه ورانه تربيت کي لازمي بڻائڻ گهرجي. فارميٽو اسيمنٽ Formative Assessment لاڳو ڪئي وڃي. موٽي ملندڙ معلومات Feed Back ۽ سکيا جي نتيجن ذريعي تعليمي اوڻاين کي سڌاري سگهجي ٿو. امتحاني سوالن کي يادگيري بدران فهم، تجزئي ۽ عملي استعمال کي اهميت ملڻ گهرجي.
نصاب ٺاهيندڙن، تدريسي ادارن ۽ امتحاني بورڊن جي وچ ۾ بهتر رابطو هجڻ ضروري آهي.
تعليم جو مستقبل صرف ان ڳالهه تي منحصر ناهي ته شاگرد ڇا ۽ ڪيئن سکن ٿا. امتحان جو مقصد رڳو نتيجا ڏيڻ نه پر سکيا کي بهتر بڻائڻ به آهي. جيڪڏهن سنڌ عالمي تجربن مان سکندي ۽ انهن جي نظام منجهان ڪجهه پنهنجي ضرورتن مطابق اختيار ڪندي ته هڪ اهڙو تعليمي نظام قائم ڪري سگهجي ٿو. جيڪو شاگردن ۾ علم، تخليقيت، ذميواري ۽ اعتماد پيدا ڪري سگهي ۽ انهن کي جديد چئلينجن لاءِ تيار ڪري سگهجي.