ڪيمرا زوم ڪري شيون نه ڏيکاريو: ڪرشما جي فوٽو گرافرن کي ڇنڊ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرشما ڪپور تازو ڊانس شو ”انڊياز بيسٽ ڊانسر“ جي سيٽ تي نظر آئي، جتي هوءَ فوٽوگرافرن تي ڪاوڙجي پئي.
هن کلندي چيو ته ”گهڻو زوم نه ڪيو، شيون غلط انداز ۾ نه ڏيکاريو، جنهن تي اتي موجود ماڻهو کلڻ لڳا.
ڪرشما ڪپور جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدارن طرفان مختلف تبصرا سامهون آيا.
ڪجهه واهپيدارن چيو ته سيليبريٽيز جي ذاتي حدن جو احترام ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ان کي عام ڳالهه قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.