اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ پاسپورٽ سروسز عارضي طور تي معطل ٿي ويون آهن.
سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان موجب، فني سببن جي ڪري سفارتخاني ۾ پاسپورٽ جون سهولتون معطل رهنديون.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سفارتخاني ۾ پاسپورٽ سهولتون 29 ۽ 30 اپريل تي معطل رهنديون.
ابوظهبي جي پاڪستاني سفارتخاني موجب، امارات ۾ پاڪستانين لاءِ سفارتخاني ۾ پاسپورٽ سروس بند آهي، سروس بحال ٿيندي ئي ڪميونٽي کي آگاهه ڪيو ويندو.