اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ خيرپور سان واسطو رکندڙ تعليم يافتا نوجوان اظهر ميمڻ سان ملاقات ڪئي ۽ کيس نوڪري فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
عطا تارڙ ايڪس تي ملاقات جي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن اظهر ميمن کي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو، ان موقعي تي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا ۽ نوجوان پنهنجي احساسن تي قابو نه رکي سگهيو، وڊيو ۾ هو جذباتي ٿيندي چوي ٿو ته اهي لمحا سندس لاءِ انتهائي خاص آهن.
پنهنجي پيغام ۾ عطا تارڙ لکيو ته اظهر ميمڻ سان ملاقات هڪ انتهائي جذباتي ۽ متاثر ڪندڙ لمحو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ اظهر ميمڻ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگي جي ڏکين حالتن ۽ جدوجهد جو احوال بيان ڪيو هو، اظهر ميمن ڪراچي يونيورسٽي مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.
وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته هن اظهر ميمڻ کي اسلام آباد گهرايو، سندس حوصلا افزائي ڪئي ۽ کيس روزگار جي مناسب بندوبست جي خاطري ڪرائي آهي.
سوشل ميڊيا تي واهپيدارن طرفان عطا تارڙ جي ان قدم کي ساراهيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن افسوس جو اظهار پڻ ڪيو آهي ته 2003 ۾ آءِ بي اي ڪراچي مان ايم بي اي ڪرڻ باوجود اظهر ميمڻ سخت حالتن کي منهن ڏنو، جڏهن ته ڪيترين واهپيدارن سوال به اٿاريو ته ڇا سنڌ حڪومت اهڙن قابل ۽ لائق نوجوانن جو قدر نٿي ڪري.
You might also like