ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان تيل اگهن ۾ واڌ جي فيصلي تي جتي عوام سخت تنقيد ڪري رهيو آهي، اتي ئي اداڪارا مايا علي به خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
اداڪارا انسٽاگرام سوال اٿاريو ته جيڪڏهن حڪومت چئي ٿي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا ذخيرا رڳو ڪجهه ڏينهن جا بچيا آهن ته پوءِ اگهن ۾ واڌ اهو مسئلو ڪيئن ٿي حل ڪري سگهي؟
هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن پيٽرول جي کوٽ آهي ته ڇا اگهه وڌائڻ سان اوچتو فراهمي به وڌي ويندي؟
مايا علي چيو ته عوام اڳ ئي مهانگائي سبب پريشان آهي ۽ هن ڀلاري مهيني ۾ ڪجهه رليف جي اميد رکي ٿو، نيٺ ڪيستائين عوام تي بار وڌايو ويندو؟
You might also like