ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر گيري ڪرسٽن کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جي پڌرائيءَ موجب گيري ڪرسٽن 15 اپريل کان ذميواريون نڀائيندو، ساڻس 14 اپريل 2028 تائين ٻن سالن جو معاهدو ڪيو ويو آهي.
گيري ڪرسٽن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ نميبيا جو ڪنسلٽنٽ هو، جڏهن ته هن 2024 ۾ پاڪستان جي وائيٽ بال هيٽ ڪوچ جون ذميواريون به سنڀاليون هيون.
You might also like