پھرِين ناري يا خاتونِ اول

تحرير: ياسر قاضي

پھرين ناري“ يا ”خاتونِ اوّل“ (فرسٽ ليڊي) جو لقب ڪجهه ملڪن، خاص طور تي صدارتي جمھوري ملڪن ۾، اڪثر رياست جي سربراهه جي زال لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو اصطلاح ميئر يا گورنر وغيره جي گهر واريُن لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. هي اصطلاح انگريزي ڳالھائيندڙ ملڪن، خاص طور امريڪا ۾ عام آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن پاڪستان سميت دؤلتِ مشترڪه (ڪامن ويلٿ) سان سلھاڙيل ڪجهه ملڪن ۾ به حڪومت جي سربراهه جي جيون ساٿياڻيءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڪيترن ئي حوالن سان خاتونِ اوّل جون روايتي ذميواريون ۽ سماجي ڪردار انھن ملڪن جي راڻين جي ڪردار وانگر آهي، جتي بادشاهت موجود آهي. امريڪا کانپوءِ پھرين ناريءَ جو گهڻو ڪردار اسانکي لاطيني امريڪا جي ملڪن ۾ نظر اچي ٿو. ”خاتُونِ اوّل“ جو اصطلاح علامتي طور انھن عورتن لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي پنھنجن پنھنجن شعبن يا فن ۾ نمايان ۽ مٿانھون مقام رکنديون آهن. هي لقب ڪڏهن ڪڏهن امريڪا جي ڪجهه عيسائي گِرجا گهرن ۾ پادرين جي ونيُن لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.

”پھرين ناري“ يا ”خاتونِ اوّل“ (فرسٽ ليڊي) جو اصطلاح ڪڏهن کان ۽ ڪٿان شروع ٿيو، ان بابت ڪا حتمي اتفاقِ راءِ موجود ناهي، پر عام طور تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته اهو لقب 19ھين صديءَ جي وچ ڌاري استعمال ٿيڻ شروع ٿيو ۽ 20ھين صديءَ جي شروعات تائين مقبوليت ماڻي چڪو هو. ان کان اڳ صدر جي زال کي ”ليڊي“، ”پريزيڊنٽس ليڊي“ يا  ”مسز پريزيڊنٽ“ سڏيو ويندو هو. هن لقب جو ابتدائي استعمال، امريڪا جي چوٿين صدر ’جيمس ميڊيسن‘ جي زال ’ڊولي ميڊيسن‘ (اٽڪل 1849ع ڌاري) ۽ امريڪا جي 15هين صدر ’جيمس بيوڪينن‘ جي ڀائيٽِيءَ ’ھيريئٽ لين‘ (1860ع ڌاري) سان سلھاڙيل آهي. (’بيوڪينن‘ ڪنوارو ھو. جنھنڪري سندس ڀائيٽيءَ کي اهو لقب مليو.) هي اصطلاح 19هين صديءَ جي آخر ۾ عام ٿيو ۽ 1911ع ۾ رليز ٿيل ڊرامي ”دي فرسٽ ليڊي ان دي لينڊ“ ذريعي باقاعدي عام ماڻھن کي ان بابت معلوم ٿيو ته ”خاتونِ اوّل“ ڪنھن کي چيو ويندو آهي. بعد ۾ هن لقب کي امريڪا جي 32هين صدر ’فرينڪلن ڊي. رُوزويلٽ‘ جي زال ’ايلينار روزويلٽ‘ سان منسوب ٿيڻ کانپوءِ گهڻي شھرت ملي ۽ هي لقب سڄيءَ دنيا ۾ مشھور ٿيو.

هونئن ته ’خاتونِ اوّل‘ جو لقب عام طور تي رياست جي سربراهه (صدر يا وزيرِاعظم) جي زال لاءِ ئي استعمال ٿيندو آهي، پر اهو ڪو سخت قاعدو ناهي. جيڪڏهن صدر جي شادي ٿيل نه هجي يا ان جي زال لاڏاڻو ڪري وئي هجي، ته سندس ٻئي ڪنھن قريبي عورت، مائٽياڻيءَ يا ويجهي ساٿياڻيءَ کي پڻ اهو لقب ڏئي سگهجي ٿو ۽ تاريخ ۾ اهڙا مثال موجود آهن جو اهو لقب سربراهه جي ونيءَ کان علاوه ٻئي ڪنھن عورت کي ڏنو ويو هجي. مثال طور: ’ايملي ڊونلسن‘ (امريڪا جي ستين صدر ’انڊريُو جيڪسن‘ جي ڀائيٽي، جيڪا سندس زال رچل جي لاڏاڻي کانپوءِ ’قائم مقام خاتونِ اوّل‘ بڻي)، ’سارا يارڪ جيڪسن‘ (جيڪا ساڳئي ’انڊريُو جيڪسن‘ جي نُنھن/ سندس پاليلَ پٽ جي زال هئي ۽ سندس ڀائيٽِي ’رِچل‘ جي وفات کانپوءِ ’قائم مقام خاتونِ اوّل‘ بڻي) ۽ ’هيريئٽ لين‘ (امريڪا جي 15هين صدر ۽ امريڪي تاريخ جي بدترين صدر ’جيمز بيوڪينن‘ جي ڀائيٽِي) رياست جي سربراھن سان ٻين رشتن ۾ سلھاڙيل ناريون هيون، جيڪي خواتينِ اوّل بڻيون. يا جيئن اڄڪلھه اسانجي ملڪ ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جي نياڻي، آصفه ڀٽو زرداري هن وقت ملڪ جي ’خاتونِ اوّل‘ آهي. ڪڏهن ڪڏهن، صدر جي زال ان روايتي ڪردار لاءِ مناسب ناهي هوندي تڏھن به ساڻس سلھاڙيلَ ڪا ٻي عورت بنا رسمي حيثيت جي ’خاتونِ اوّل‘ جا فرض ادا ڪندي آهي.

’خاتونِ اوّل‘ فقط هڪ لقب ناهي ته بس رياست جي سربراهه سان ويجهي رشتي ۾ سلھاڙيل هجڻ وارِي اها لقب والاريون ويٺي هجي، پر ’پھرين نارِي‘ بڻجڻ سان مٿس ڪجهه سماجي ذميواريون به عائد ٿينديون آهن. پنھنجي حيثيت جي بنياد تي، خواتينِ اوّل، سماجي ۽ سياسي ميدان ۾ اهم اثر رکڻ جي سگهه رکنديون آهن. صدر جي عھدي جي مقابلي ۾، ’خاتونِ اوّل‘ جو آئين ۾ ڪو به رسمي يا قانوني ڪردار مقرر يا طئي ته ناهي هوندو، پر پوءِ به انھن جو مختلف سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ اڻ اعلانيل طور ضروري سمجهيو ويندو آهي. ’خواتينِ اوّل‘ چونڊيل ناهن هونديون ۽ نه ئي کين ان ڪردار يا لقب جو ڪو پگهار ملندو آهي، تنھنڪري هر ’پھرين نارِي‘ پاڻ فيصلو ڪندي آهي ته هوءَ پنھنجي روايتي ڪردار کي ڪيتريءَ حد تائين قبول ڪري ٿي يا ان ۾ ڪيترو سرگرم رھي ٿي. اهي فيصلا صدر جي خيالن، زال ۽ مڙس جي لاڳاپن، عملي ۽ بجيٽ ۾ انھن ڪمن جي گنجائش ۽ سماجي صنفي روايتن کي نظر ۾ رکندي ڪيا ويندا آهن. تاريخ ۾ ڪيترين ئي خواتينِ اوّل، سماجي ميزبانيءَ، سياسي ڀائيواريءَ، سماجي سببن جي حمايت ۽ چونڊ مھمن ۾ سرگرم شرڪت رستي پنھنجو جهجهو اثر رسوخ قائم ڪيو آهي ۽ پنھنجو سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ’ايلنر روزويلٽ‘ (جنھن جو ذڪر اسان مٿي ڪري آياسين) کي تاريخ جي سڀ کان سرگرم ۽ بااثر خاتونِ اوّل طور ياد ڪيو وڃي ٿو. جنھن پھرين ناريءَ واري ڪردار جي نئين سر وصف بيان ڪئي ۽ پنھنجي حيثيت کي شھري حقن، عورتن جي حقن ۽ سماجي انصاف لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ استعمال ڪيو. هن انساني حقن جي حمايت، برابريءَ کي هٿي ڏيڻ، عوام سان مستقل رابطي ۾ رهڻ ۽ پنھنجي مڙسَ جي ايجنڊا جي حمايت ڪرڻ جھڙن ڪمن ۾ انتھائي سرگرم ڪردار ادا ڪيو.

کوڙ ماڻھو اهو دلچسپ سوال ڪندا آهن ته جيئن رياست جي سربراهه جي زال ”پھرين ناري“ ٿي چورائجي، تيئن ڪنھن راڻيءَ يا ناري صدر يا وزيرِاعظم جو مڙس به ”مردِ اوّل“ چورائي سگهي ٿو؟ ته ان جو سادو جواب نھڪر ۾ آهي. جيڪڏھن ڪنھن ملڪ يا رياست تي ڪا راڻي راڄ ڪندي هجي يا عورت وزيرِاعظم حڪومت ڪندي هجي ۽ اها پرڻيل هجي ته سندس مڙس کي عام طور تي ”پرنس ڪنسورٽ“ سڏيو ويندو آهي. (جيئن برطانيه جي تازو لاڏاڻو ڪري ويل ملڪه اليزبٿ جي مڙس کي سڏيو ويندو هو) ساڳئيءَ ريت جيڪڏهن ڪا ناري وزيراعظم هجي، ته سندس مڙس لاءِ ”پرائيم منسٽرس ڪنسرٽ“ (وزيراعظم جو ساٿي) جو لفظ استعمال ڪري سگهبو آهي يا رڳو سندس نالي سان سندس ذڪر ڪيو ويندو آهي. ڪن ملڪن ۾ ان کي ”فرسٽ جينٽل مين“ به چيو ويندو آهي، پر مردن لاءِ اهو لقب ايترو مقبول ۽ عام ناهي، جيترو ”خاتونِ اوّل“ جو.

دنيا ۾ اهڙو ڪو واضح مثال موجود ڪونھي ته هڪ رياستي سربراھه جون هڪ ئي وقت ٻه زالون هجن ۽ ٻنھي کي ”خاتُونِ اوّل“ جو درجو حاصل رھيو هجي، البته تاريخ ۾ هڪ اهڙو انوکو مثال ضرور موجود آهي، جو هڪ ئي مائي ٻن ڌار ڌار ملڪن جي الڳ الڳ وقتن تي ”خاتونِ اوّل“ رهي آهي. اها ناري آهي: ’گراسا ميشيل‘ (جيڪا اڄ به حيات آهي)، جيڪا 1975ع کان 1986ع تائين ساندَهِه 11 سالَ موزمبيق (ملڪ) جِي ’خاتونِ اوّل‘ رهي، جڏهن هوءَ صدر ’سامورا ميشيل‘ سان پرڻيل هئي ۽ بعد ۾ 1998ع کان 1999ع تائين، هڪ سال، هوءَ ڏکڻ افريڪا جي ’خاتونِ اوّل‘ پڻ رھي، جڏهن هوءَ صدر نيلسن منڊيلا جي زال هئي. هوءَ ويجهي تاريخ جي واحد عورت آهي، جنھن کي اهو منفرد اعزاز حاصل ٿيو آهي، جو هوءَ ٻه ڀيرا ٻن ڌار ڌار ملڪن جي ’خاتونِ اوّل‘ رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.