غلام حسين رنگريز، رنگن جي حسناڪين جهڙو ماڻهو

سامي ميمڻ

غلام حسين رنگريز جي پنجين ورسي سنڌ ڪلچرل فورم جي اڻ ورچ سريال صادق لاکي طرفان اڄ 2 سيپٽمبر، اربع ڏينهن شام ٽي وڳي عوامي پريس ڪلب ملير (ر) ۾ ملهائڻ جو اعلان پڙهيم ته اوچتو ڪيترائي سال اکين اڳيان اچي بيٺا. ڪجهه ماڻهو وقت جي ڪئلينڊر مان نڪري ويندا آهن، پر دل جي ڪئلينڊر تي سندن تاريخ ڪڏهن ختم ناهي ٿيندي. غلام حسين رنگريز به اهڙن ئي ماڻهن مان هو.

اعلان پڙهي مون کي سائين رنگريز سان گهاريل اهي سال، ڊگهيون ڪچهريون، ادبي بحث، کل ڀوڳ، سنجيده گفتگو ۽ سندس مخصوص انداز ۾ ڳالهائڻ جون ڪيتريون ئي گهڙيون ياد اچي ويون. لڳو ڄڻ هو اڃا سامهون ويٺو هجي، پنهنجي مخصوص مرڪ سان ڪنهن ڳالهه کي ٻڌي رهيو هجي ۽ پوءِ اوچتو اهڙو جملو چوي، جيڪو ڪچهريءَ جو رخ ئي بدلائي ڇڏي. اسان ٻنهي جو جنم به ساڳئي ڌرتيءَ جي آس پاس ٿيو. مان دڙي لڳ سومار ميمڻ ڳوٺ ۾ ۽ سائين غلام حسين رنگريز دڙي لڳ ميرپور بٺوري ۾ پيدا ٿيو. پر اسان جي ويجهڙائيءَ جي اصل ڪهاڻي گلشن حديد، ملير ڪراچيءَ ۾ شروع ٿي. اتي مون کي لڳ ڀڳ روز ساڻس ملڻ ۽ رهاڻ ڪرڻ جو موقعو ملندو هو. هو ادبي سرگرمين ۾ نظر ايندو هو ۽ نوجوانن جي وچ ۾ ويهي ڪچهري ڪرڻ کيس خاص وڻندي هئي.

صحافي هجڻ جي ناتي مون کي سائين رنگريز ۾ شروع کان ئي خاص دلچسپي رهي. هو ڄاڻو ماڻهو هو، تجربيڪار هو، ٻوليءَ جو ماهر هو، سنڌ دوست هو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته يارويس انسان هو. سندس شخصيت ۾ علم ۽ انسانيت گڏ هلندا هئا. هو ڪتابن جو ماڻهو ضرور هو، پر ڪتابن جي دنيا ۾ بند ماڻهو نه هو. هو ماڻهن سان ملندو هو، انهن کي ٻڌندو هو، اختلاف ڪندو هو، دليل ڏيندو هو ۽ پوءِ به دل ۾ ڪدورت نه رکندو هو. رنگريز بٺوري مان نڪري دنيا جا ڪيترائي شهر ۽ ادارا ڏٺا، پر بٺورو سندس دل مان ڪڏهن نه نڪتو. گهڻو ڪري جڏهن به خبر پوندي هئي ته سائين بٺوري ويل آهن، ته دل چوندي هئي ته هي ماڻهو پنهنجي مٽيءَ کان ڪيئن پري رهي سگهي ٿو؟ انسان ڪيترو به وڏو ٿي وڃي، ڪيتريون ئي منزلون ماڻي، پر پنهنجي جنم ڀوميءَ جي مٽيءَ جو قرض لاهي نٿو سگهي. رنگريز به پنهنجي مٽيءَ جو ماڻهو هو.

غلام حسين رنگريز 18 اپريل 1945ع تي شفيع محمد کٽيءَ جي گهر ۾ ميرپور بٺوري ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين ۽ اعليٰ تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين، جتي تعليم ۽ قانون جون ڊگريون پڻ ورتائين. عملي زندگيءَ جي شروعات تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪيائين. پوءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ ماسٽر ٽرينر ۽ پرنسپال جي حيثيت سان ذميواريون نڀايائين هو استاد جي نوڪري کي رڳو روزگار نه، پر هڪ قومي ۽ انساني ذميواري سمجهندو هو. سندس ڪيترائي شاگرد اڳتي هلي ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، شاعر، ليکڪ ۽ مختلف اهم عهدن تي پهتا. ڪنهن استاد لاءِ ان کان وڏي ڪاميابي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سندس پڙهايل نسلون پاڻ معاشري جي اونداهين ۾ ڏيئا ٻارين؟

رنگريز سڌو ۽ سچو ماڻهو هو. سچ ڳالهائڻ جي قيمت به هن ادا ڪئي. نوڪريءَ دوران سختيون به ڏٺائين، پر پنهنجي اصولن تان پوئتي نه هٽيو. سندس شخصيت جو اهو پاسو مون کي هميشه متاثر ڪندو رهيو ته هو حالتن سان ٺاهه ڪرڻ بدران پنهنجي ضمير سان ٺاهه ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو هو سندس ادبي سفر به سندس زندگيءَ جيان وسيع هو. شاعر، ڪالم نگار، ليکڪ، دانشور، محقق ۽ تعليمي ماهر جي حيثيت سان هن سنڌي ادب ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام پيدا ڪيو. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي ۽ عام ماڻهن تائين پهچائي. اکين اڃ اپار سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي، جڏهن ته روح جو آبشار پڻ سندس تخليقي سفر جو اهم حصو آهي سندس ٻين ڪتابن ۾ سرمد ڇا ٿو سوچي؟، وکر سو وهاءُ، غلام جا ٽهڪڙا، سونهن، سهائي، سوچ، مقبرن جي پٿرن تي اڪريل تاريخ ۽ فن تحرير جي تاريخ شامل آهن. سندس آتم ڪٿا جا ٻه جلد خانه بدوش روح جي ڪٿا ۽ رهيو روح رباب نه رڳو ذاتي زندگيءَ جا احوال آهن، پر هڪ دور، هڪ سماج ۽ هڪ فڪري سفر جا دستاويز پڻ آهن. سندس اڻڇپيل ڪم به سندس تخليقي وسعت جو ثبوت آهي، جن ۾ خاڪا، هٿن مان ڪريل دعا، ڀنڀور کي باهه، هڪ آرزو جو انت ۽ ٻيا مسودا شامل آهن.

هو سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو. ادبي تنظيمون، ڪچهريون، ڪتاب، نوجوان اديب ۽ سنڌ جي فڪري سوالن سان سندس لاڳاپو زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين قائم رهيو. پر اڄ جڏهن سندس پنجين ورسي آهي ته ڪتابن، عهدن ۽ اعزازن کان وڌيڪ ماڻهو غلام حسين رنگريز ياد اچي ٿو دنيا ۾ وڏا اديب ڪيترائي آيا ۽ ويا. ٽالسٽاءِ، دوستو وسڪي، ناظم حڪمت، پابلو نيرودا، گارشيا مارڪيز، غالب، شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري، ابراهيم منشي، محمدخان مجيدي سرويچ سجاولي ۽ ٻيا ڪيترائي نالا ادب جي تاريخ ۾ زنده آهن. انهن سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ هئي: اهي پنهنجي دور کان وڏا ماڻهو هئا، پنهنجي سماج جا سوال پنهنجي اندر کڻي هلندا هئا ۽ پنهنجي لکڻيءَ وسيلي ايندڙ نسلن سان گفتگو ڪندا رهيا.

غلام حسين رنگريز به پنهنجي ننڍڙي دائري ۾ اهڙي ئي فڪري روايت جو ماڻهو هو. هن لکيو، سوچيو، پڙهايو، بحث ڪيو ۽ پنهنجي سماج جي ڏکن، خوابن ۽ سوالن سان پاڻ کي ڳنڍي رکيو. اصل ۾ وڏو ليکڪ اهو ناهي، جنهن جا ڪتاب رڳو لائبريرين ۾ رکيل هجن؛ وڏو ليکڪ اهو آهي، جنهن جي غيرموجودگيءَ ۾ به سندس ڳالهه ياد اچي. جنهن سان ڪيل ڪچهري سالن کان پوءِ به اندر ۾ گونجي. جنهن جو هڪ جملو وقت گذرڻ کان پوءِ به سوچڻ تي مجبور ڪري. رنگريز سان منهنجيون ڪچهريون به اهڙيون ئي آهن. اڄ هو سامهون ناهي، پر ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته گلشن حديد جي ڪنهن گهٽيءَ مان سندس آواز اچي رهيو آهي. نوجوانن جي ٽولي ۾ ويٺل سندس چهرو نظر اچي ٿو. بٺوري وڃڻ جي خبر ٻڌي دل وري ساڳيو سوال ڪري ٿي: هي ماڻهو پنهنجي مٽيءَ ڏانهن وري هليو ويو!  2 سيپٽمبر 2021ع تي سندس جسماني سفر ختم ٿيو، پر سندس فڪري سفر ختم نه ٿيو.

اڙي شهر  بي مهر!  تنهنجي  ڳلين  کي ڇڏيوسين،

۽ روئندڙ اکين ساڻ  کلندڙ  دلين  کي  ڇڏيوسين.

گنهگار   رنگريز   هڪڙو   هُئو   سو   هليو   ويو،

اڙي شهر! تو وٽ ته تنهنجي وَلين کي ڇڏيوسين.

موت ماڻهوءَ کي اسان کان کسي سگهي ٿو، سندس آواز نه؛ جسم کڻي سگهي ٿو، سندس لفظ نه؛ ڪچهري ختم ڪري سگهي ٿو، پر ڪچهريءَ مان پيدا ٿيل سوچ کي ختم نٿو ڪري سگهي پنج سال گذري ويا آهن، پر ڪجهه وڇوڙا وقت سان پراڻا ناهن ٿيندا. اهي رڳو خاموش ٿيندا آهن. پوءِ ڪنهن ورسيءَ جو اعلان، ڪنهن ڪتاب جو نالو، ڪنهن پراڻي تصوير يا ڪنهن دوست جي ڳالهه انهن کي وري جاڳائي ڇڏيندي آهي. غلام حسين رنگريز جي کوٽ به اهڙي ئي کوٽ آهي سنڌ کي اڄ به اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي علم کي غرور نه، خدمت سمجهن؛ ادب کي شهرت نه، ذميواري سمجهن؛ اختلاف کي دشمني نه، فڪري واٽ سمجهن؛ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت کي نعرو نه، زندگيءَ جو حصو بڻائين سائين غلام حسين رنگريز اهڙو ئي ماڻهو هو.

اڄ سندس پنجين ورسيءَ تي کيس ياد ڪندي دل مان رڳو ايترو نڪري ٿو سائين! اوهان هليا ويا آهيو، پر اوهان سان ڪيل ڪچهري اڃا ختم ناهي ٿي. اوهان جا ڪتاب اڃا ڳالهائين ٿا، اوهان جا شاگرد اڃا هلن ٿا، اوهان جا لفظ اڃا سوچ پيدا ڪن ٿا ۽ اوهان سان محبت ڪندڙ دلين ۾ اوهان اڃا به زنده آهيو ماڻهو مرندا آهن، پر جيڪي ماڻهو پنهنجي حصي جي روشني ٻين ۾ ورهائي وڃن اهي ڪڏهن ناهن مرندا. غلام حسين رنگريز به انهن ئي ماڻهن مان هڪ هو.

You might also like