ملڪي تاريخ ۾ آڪٽوبر مهيني کي ڳرو سمجهيو ويندو آهي جو هن ئي مهيني ۾ ايوب خان توڙي پرويز مشرف سخت مارشل لائون لڳائي ملڪ کي آمريت طرف ڌڪيو هو. يحيٰ خان ۽ ضياءَ الحق به تباهي آندي هئي جن ملڪ جي ترقي ۽ آزادي کي پوئتي ڪري ڇڏيو هو. ملڪ ۾ جيڪي به انقلاب آيا تن ۾ وقت جي آمرن کي وقت جي سياسي سردارن وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ئي حمايت حاصل رهي جيئن هن وقت به سياستدان ۽ حڪومتون سگهارن قوتن پويان آهن ۽ ملڪ کي معاشي قانوني توڙي آئيني لحاظ کان ڪمزور ڪري چڪا آهن خبر نٿي پوي ته ڪهڙي سياسي ڌر ملڪ جي خيرخواه آهي. 30 سيپٽمبر ملڪي سطح تي اهم سمجهيو وڃي ٿو جو اڄ نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل ملڪ عاصم واڳون سنڀاليندو .هي اهو جنرل آهي جنهن جي والد جنرل غلام محمد نوي واري ڏهاڪي ۾ وقت جي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کان استعفيٰ ورتي هئي ۽ اقتدار مان الڳ ڪيو هو. سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته ميان نواز شريف نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي دلي طور خوش ناهي ۽ هن پنهنجي ڀاءُ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف سان اهڙي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪو آهي ۽ ڪجهه عرصي لاءِ لنڊن وڃڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون اٿس پر شايد ئي واپس وري جو کيس ملڪ جو سياسي مستقبل گهٽ ڏسڻ ۾ پيو اچي ڪنهن وقت به ڪجهه ٿي سگهي ٿو ۽ ن ليگ مخالف انقلاب اچي سگهي ٿو.
اهي به امڪان آهن ته جيئن وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف آمريڪا ياترا تان واپس ورندو ته ملڪي سياست ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر انقلابي هلچل شروع ٿي ويندي. 30 سيپٽمبر جو ڏهاڙو انهي ڪري به اهم ڏهاڙو آهي جو سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ٻڌڻي ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن ۾ چيف جسٽس جي مرضي جا جج شامل آهن. جيتوڻيڪ بئنچ ۾ سينئر جج جسٽس منيب اختر کي به شامل ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ اهي امڪان آهن ته هو بئنچ کان الڳ تي ويندو ۽ بئنچ ٽٽي سگهي ٿي پر چيف جسٽس بئنچ ۾ نئون جج شامل ڪري نئين بئنچ جوڙي فوري طور ان ڪيس جو فيصلو ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو. جنهن سان پارليامينٽ جا ميمبر ڪنهن به سياسي ڌر کي پنهنجو ووٽ ڏئي سگهندا. هن ترميم جو مقصد پي ٽي آءِ جي ميمبر خريد ڪرڻ ۽ ان کي ٽوڙڻ ۽ پارليمينٽ اندر ڪمزور ڪرڻ آهي جنهن جو سڌو سنئون فائدو چيف جسٽس جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي پهچندو جيڪو مدت ملازمت جي واڌ ۽ امڪاني آئيني عدالت جو سربراهه ٿيڻ جي انتظار ۾ آهي.
جيتوڻيڪ سندس رٽائرمينٽ کي وڃي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن پر نئين چيف جسٽس جي مقرري جي نوٽيفڪيشن اڃا ناهي نڪتي جنهن مان حڪومت جي به بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي. در حقيقت چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تڪراري بڻجي چڪو آهي ۽ جهڙيون حالتون آهن ته عدليه اندر ڪو به اهڙو ڏڦير پئدا ٿي سگهي ٿو جنهن سان عدليه جو ڪم متاثر ٿي سگهي ٿو جنهن جو سڌو سنئون منفي اثر ملڪ جي سياسي توڙي معاشي حالتن کي به متاثر ڪري سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ سميت هاءِ ڪورٽن جا اڪثر جج عدليه اندر پئدا ٿيل بحران تي گهري نظر رکن ٿا.
ملڪ اندر جاري سياسي و عدليه بحران جا اهي نتيجا نڪتا آهن جو سگهارن ڌرين جو وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف تان هاڻ اعتماد کڄي چڪو آهي ۽ آئيني عدالت جي قيام بابت وقت سر فيصلو نه ٿيڻ وزيراعظم جي ڪمزوري سمجهن ٿا. ياد هجڻ گهرجي ته سگهارن قوتن جي حمايت يافته سينيٽر فيصل واڍا اهڙي آئيني ترميم جي نه ٿيڻ وقت حڪومت خلاف جنهن انداز ۾ سخت موقف جو اظهار ڪيو هو ۽ سخت بيان ڏنو هو جنهن کي سياسي ۽ عوامي حلقن ۾ وڏي اهميت ملي هئي. سينيٽر فيصل واڍا جي بيان بعد اهي ڳالهيون سامهون آيون آهن ته آڪٽوبر جو مهينو اهم آهي جنهن ۾ شهباز شريف جي جاءِ تي ڪو نئون وزرراعظم ان هائوس تبديلي وسيلي آندو ويندو جنهن لاءِ آصف خواجا ۽ بلاول ڀٽو جا نالا گردش پيا ڪن.
جيڪڏهن اهڙي ڪا تبديلي آئي ته خواجا آصف کي ترجيح ملي سگهي ٿي جو ن ليگ هن وقت اڪثريت ۾ آهي ۽ بلاول جا آثار انهي ڪري به گهٽ آهن جو پ پ پ جو آصف علي زرداري اڳ ۾ ئي ايوان صدر ۾ موجود آهي. اهي به چئوٻول آهن ته جي يو آءِ جو سربراهه ان هائوس تبديلي ۾ پ پ پ جي بلاول ڀٽو جي حق ۾ آهي جنهن کي هو وزيراعظم طور قبولي سگهي ٿو جيڪڏهن بلاول وزيراعظم جو منصب سنڀالي ٿو ته ان جي عيوض مولانا فضل الرحمان کي وفاق ۾ اهم عهدو ۽ وزارتون ملنديون اهڙي طرح پ پ پ جي من پسند آئيني عدالت به وجود ۾ ايندي جنهن لاءِ بلاول ڀٽو سرگرم آهي ۽ آئيني ڊرافٽ تيار ڪري ويٺو آهي جيڪو پڻ آڪٽوبر ۾ ئي پارليامينٽ مان پاس ڪرايو ويندو. آڪٽوبر مهينو انهي ڪري به امڪاني تبديلين جو مهينو سڏيو وڃي ٿو جو پي ٽي آءِ پنهنجي جدوجهد جو محور جلسن مان تبديل ڪري احتجاجن طرف رخ ڪيو آهي. وڪيل به عدليه جي آزادي ۽ آئين جي تحفظ لاءِ روڊن تي نڪري چڪا آهن جن لاهور ۽ اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ آڏو حڪومت ۽ چيف جسٽس مخالف مظاهرا ڪيا آهن. جيتوڻيڪ وڪيل به سياسي طور ورهايل آهن پوءِ به حڪومت ۽ سگهارن قوتن لاءِ مٿي جو سور پئدا ڪري سگهن ٿا. پي ٽي آءِ ڇنڇر ڏهاڙي پنڊي ۾ پنهجو پهريون احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي جيڪو سڄو ڏينهن جاري رهيو ڪارڪن گرفتار ٿيا پر ڪو وڏو عهديدار يا اسيمبلي ميمبر گرفتار ٿي نه سگهيو جن کي باني پي ٽي آءِ اڳ ۾ ئي پاسيرو رهڻ جو چئي ڇڏيو هو.
ڪي پي ڪي جو وڏو وزير امين گنڊاپور دير سان ڪارڪنن جو هجوم وٺي پنڊي طرف روانو ٿيو پر پنڊي پهچڻ کان اڳ ئي هجوم کي هلڪو سلڪو خطاب ڪري واپس روانو ٿي ويو جنهن تي پنڊي ۾ موجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن گنڊاپور تي ڇوهه ڇنڊيا. امين گنڊاپور بعد ۾ چئن منٽن جو هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو جيڪا پنجاب حڪومت ۽ پنجاب پوليس کي نه صرف خوفناڪ ڌمڪي چئجي پر گهرو ويڙهه جو اشارو پڻ ڪيو آهي جنهن ۾ هن پنجاب پوليس کي گولين هلائڻ جي سخت منع ڪئي آهي. پنڊي احتجاج جيتوڻيڪ خاص ڪامياب نه ويو جو ان ۾ پي ٽي آءِ قيادت شامل نه هئي تنهن هوندي ماڻهن جا جٿا سڄو ڏهاڙو روڊن تي نظر آيا ۽ لياقت باغ وٽ پهچڻ ۾ ڪامياب ويا. پنڊي شهر بند نظر آيو، ڪارڪنن مٿان تشدد ٿيو سندن گرفتاريون ٿيون ۽ سڄو ڏينهن ڪاروبار ۽ ٽرئفڪ به بند رهي، هن وقت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي آمهون سامهون آهن گهرو ويڙهه ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي ٻنهي وڏن وزيرن کي صبر ۽ تحمل سان ڪم وٺڻ گهرجي. پنڊي عمران خان جو ڳڙهه آهي جتان هو ڪامياب ٿيندو رهيو آهي.
جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا اهي احتجاج جاري رهن ٿا ته نائين مئي جهڙا واقعا ٻيهر دهرائجي سگهن ٿا جيڪي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز ڪري نه سگهبا ۽ سگهاريون قوتون ڪي به انقلابي قدم کڻي سگهن ٿيون ۽ ملڪ ۾ ٻيهر پي سي او جج ۽ پي سي او عدالتون منظرعام تي اچي سگهن ٿيون. هڪ اهو به سوال آهي ته ڇا وقت جو صدر ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙ اهڙي ڪنهن هنگامي حالتن جي نفاذ واري احڪامات تي صحيح ڪندو ؟ هرگز نه ڪندو جو پ پ پ جو مستقبل جمهوريت ۽ آئين جي بقا ۾ آهي.
ملڪ جي اعلي عدالت، پارليامينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ جهڙي قسم جون دوريون ۽ اختلاف آهن ۽ هڪٻئي جا فيصلا نه مڃڻ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ ۽ آئيني ترميمن وسيلي عدالتن کي ڪمزور ڪرڻ پنهنجي سگهه ڏيکارڻ به هڪ قسم جو آئين سان مذاق ٿيندو جنهن سان عدالتون ۽ جج ڪمزور ٿيندا. جيڪڏهن ڪا آئيني عدالت وجود ۾ اچي ٿي ججن جي عمر ۽ تقرري جا اصول قانون قائدا بدلجن ٿا جن جو آڪٽوبر ۾ امڪان آهي سموريون سازشون ۽ تياريون مڪمل آهن ڪنهن ايمرجنسي کان گهٽ نه هونديون جج مستعفي ٿي سگهن ٿا ۽ پي سي او طرز جهڙا نوان جج سينئر ججن جي جاءِ والاري سگهن ٿا جنهن سان به ملڪ ۾ هنگامي صورتحال پئدا ٿي سگهي ٿي جنهن سان فارم 47 واري حڪومت کي عارضي طور مستحڪم ته ڪري سگهبو پر معاشي ۽ سياسي طور نه ٿيندو جو عوام اهڙين حرڪتن کي نه مڃيندو. جهڙا امڪان آهن ته ن ليگ وزارت اعظمي واري سيٽ وڃائي سگهي ٿي ڪنهن وچ واري کي چونڊرايو ويندو جنهن لاءِ به ڪجهه اميدوار سرگرم آهن. بلاول ڀٽو زرداري به اهڙن اميدوارن ۾ سگهارو سمجهيو وڃي ٿو پر ان لاءِ سندس والد ايوان صدر ۾ ويٺل جناب آصف علي زرداري کي پنهنجي موڀي فرزند لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن فارم 47 جا ڪامياب ٿيل اڳواڻ هڪ پئج تي نٿا اچن ته آڪٽوبر انقلاب لاءِ ٻيا به ڪجهه آپشن موجود آهن.