عالمي امن لاءِ خطرو بڻيل اسرائيل

تحرير: وفا گولو

اسرائيلي رياست جي قيام کان وٺي هن خطي جو امن خطري ۾ پيل آهي. 1967ع واري ڇهن ڏينهن جي جنگ سڄي عرب دُنيا جي طاقت کي وائکو ڪري ڇڏيو ۽ اسرائيل وسيع علائقي تي قبضو ڪري ورتو هو، جن علائقن ۾ اردن نديءَ جو اُلهندو ڪنارو ۽ غزا جي پٽي شامل هئي. هاڻي ته ان جي توسيع پسنديءَ جي هٻڇ جو ڪو ڇيهه نظر نٿو اچي. هُن سڄي وچ اوڀر کي تشدد ۽ غير جٽاداري ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو آهي ۽ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هُو خطي جو حقيقي معنيٰ ۾ ”خون خوار جانور“ آهي.

اسرائيل طرفان فلسطين ۾ تباھي مچائڻ بعد لبنان تي حملا ڪرڻ  وچ اوڀر کي جنگ ڏانھن ڌڪڻ آھي، افسوس ته انھن حملن ۾ ڳتيل آبادين کي نشانو بڻائي عام شھرين جو قتلام ڪيو پيو وڃي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي، لبنان ۾ تازن حملن ۽ 27 مئي تي ايران ۾ اسماعيل ھنيه کي مارڻ بعد اسرائيل بدمست ھاٿي جيان ھاڻ ايران تي به جلد حملو ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسماعيل ھنيه جي پلاند سميت ايراني قيادت ٻين ڪيترن ئي اعلانن تي عمل بدران دفاعي پوزيشن اختيار ڪئي آھي جڏھن ته حسن نصرالله جي شھادت  کان ترت پوءِ اھا خبر به اھم آھي ته ايران جي روحاني رھبر کي محفوظ ھنڌ منتقل   ڪيو ويو آھي، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته ايران نئين صدر ۽ اھم مزاحمتي وِيڙھاڪن جي شھادت سبب  ڪجهه وقت خاموشي اختيار ڪري نئين حڪمت عملي جوڙڻ چاھي ٿو.

اسرائيل نه صرف وچ اوڀر پر سڄي دُنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. سڄي دُنيا هڪڙي پاسي آهي پر اسرائيل آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي هُشيءَ سان سڄي دُنيا کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي. ايتري قدر جو ان جي اڳيان گڏيل قوم جي ٺهرائن جي ڪا به حيثيت نه آهي. هُن وچ اوڀر کي باهه جي شعلن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. خطي ۾ هُو آمريڪي مفادن جي چوڪيدار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جتي هُن غزا ۾ هزارين فلسطينين کي شهيد ڪيو آهي، اُتي شام، لبنان ۽ عراق تي پڻ حملن ذريعي هزارين ماڻهو قتل ڪيا آهن. هُو اهو سڀ ڪجهه جيئن ته آمريڪي هُشيءَ تي ڪري رهيو آهي ۽ جڏهن به اهڙو ڪو معاملو ٿيندو آهي ته، آمريڪا پهرين ان واقعي کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندو آهي ۽ پوءِ ان کي عراق جي دفاع جو حق قرار ڏئي، ان جي حمايت ڪندو آهي.

اسرائيل جي تازي حملي ۾ ان لبناني تنظيم حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله کي شهيد ڪيو ويو آهي. اسرائيل جي هن جنگي جنون سڄي دنيا جي لاءِ خطرا ۽ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن آمريڪا ۽ ان جي اتحادين اسرائيل کي پَٽو نه وڌو ته سڄو خطو جنگ جي شعلن ۾ وڪوڙجي ويندو..

تازو پرڏيهي ميڊيا مطابق ۽ حزب الله جي تصديق موجب لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آھي، جنھن جي جاءِ تي سينيئر اڳواڻ نعيم قاسم کي حزب الله جو  عبوري سربراهه مقرر مقرر ڪيو ويو آهي. ان ۾ ڪنھن به شڪ جي گنجائش ناھي ته 7 آڪٽوبر  2023 ۾ حماس طرفان ڪيل حملن کانپوءِ  اسرائيل، فلسطين ۾ جاري مزاحمتي سگهه چٿڻ ۾ گھڻي ڀاڱي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، اھا  ڳالهه ڪرڻ جو اھو مقصد ناھي ته فلسطينين جو مزاحمتي زور مڪمل طور ختم ٿي ويو، پر اھا حقيقت مڃڻي پوندي ته ھن ٻن مزاحمتي تنظيمن حماس ۽ حزب الله جي سربراھن کي نشانو بڻائي مستقبل ۾ اسرائيل لاءِ تيار ٿيندڙ حڪمت عملين جي رستا روڪ ڪري ڇڏي آھي، جنھن ڪري ھاڻ حزب الله توڙي حماس کي پنھنجي ويڙهه لاءِ نئين رٿابندي ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته حماس سربراھ اسماعيل ھنيه جي شھادت کانپوِءِ اھو محسوس ڪيو ويو آھي ته ايران ۽ ٻنھي تنظيمن ۾ اسرائيل طرفان گھڻن ئي ماڻھن کي خريد ڪيو ويو آھي، جيڪي پنھنجن جا راز وڪرو ڪري رھيا آھن، اسماعيل ھنيه جي شھادت واري واقعي مان ان جي تصديق ٿي، اھو انڪري جو جنھن طريقي سان ھيڏي وڏي ماڻھو کي نشانو بڻايو ويو، اھا مستقبل ۾ رڳو حماس يا حزب  الله نه پر ايران لاءِ پڻ ڳڻتي ۾ وجھڻ واري  ڳالهه آھي. ڇاڪاڻ ته ھڪ سال دوران انھن واقعن سميت ٻنھي مزاحمتي تنظيمن جي اھم ڪمانڊرن جي شھادت پڻ ٿي آهي، جيڪي تسلسل سان اسرائيل  طرفان ماريا ويا آھن، جن ۾ ابراھيم قديسي، محمد صعيف، صالح العروري، ابراھيم عقيل، فواد شڪر، محمد ناصر، طالب عبدالله ۽ ٻيا شامل آھن، اھي  جن کي جنوري 2024 کان ھلندڙ  مھيني سيمپٽمبر تائين نشانو  بڻايو ويو، انھن ۾ ھڪ اڌ کانسواءِ ٻين کي لبنان ۾ ٽارگيٽ ڪيو ويو، جيڪي ٻنھي تنظيمن  لاءِ اھم ڪمانڊر تصور ڪيا ويندا ھئا. اڳواڻن کي مارڻ جي واقعن ۾ اسماعيل ھنيه جي مارجڻ واري واقعي بعد تيزي ڏٺي وئي آھي،

اسرائيل طرفان فلسطين ۾ تباھي مچائڻ بعد لبنان تي حملا ڪرڻ  وچ اوڀر کي جنگ ڏانھن ڌڪڻ آھي، افسوس ته انھن حملن ۾ ڳتيل آبادين کي نشانو بڻائي عام شھرين جو قتلام ڪيو پيو وڃي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي، لبنان ۾ تازن حملن ۽ 27 مئي تي ايران ۾ اسماعيل ھنيه کي مارڻ بعد اسرائيل بدمست ھاٿي جيان ھاڻ ايران تي به جلد حملو ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسماعيل ھنيه جي پلاند سميت ايراني قيادت ٻين ڪيترن ئي اعلانن تي عمل بدران دفاعي پوزيشن اختيار ڪئي آھي جڏھن ته حسن نصرالله جي شھادت  کان ترت پوءِ اھا خبر به اھم آھي ته ايران جي روحاني رھبر کي محفوظ ھنڌ منتقل   ڪيو ويو آھي، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته ايران نئين صدر ۽ اھم مزاحمتي وِيڙھاڪن جي شھادت سبب  ڪجهه وقت خاموشي اختيار ڪري نئين حڪمت عمل جوڙڻ  چاھي ٿو.

اسرائيل جي ڪارروائين کي روڪڻ بجاءِ آمريڪا سندس پٺڀرائي ڪري رهيو آهي جيڪا  ڳالهه سموري دنيا ڏسي رهي آهي انڪري جيڪڏهن آمريڪا اسرائيل کي نه روڪيو ته اها باھ جيڪا اسرائيل آمريڪا جي هُشي تي لڳائي آهي اها پوري دنيا ۾ ڦهلجي ويندي جنهن کي ڪو به روڪي نه سگهندو بهتر آهي ته جلد جنگ بند ڪري ڳالهيون ڪري دنيا کي امن طرف وٺي وڃجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.