12 ربيع الاول مسلمانن لاءِ رڳو هڪ تاريخ نه، پر محبت، عقيدت، هدايت ۽ پنهنجي زندگيءَ جو جائزو وٺڻ جو ڏينهن آهي۔ هي اهو ڏينهن آهي جنهن سان مسلمانن جي دلين ۾ حضور اڪرم حضرت محمد مصطفيٰ ﷺجي ولادت باسعادت جي ياد تازو ٿئي ٿي۔ دنيا ۾ انسانيت کي اخلاق، عدل، رحم، محبت، رواداري ۽ مساوات جو عملي درس ڏيندڙ عظيم هستيءَ جي آمد جو ذڪر ٿئي ٿو۔ اسان هر سال وڏي عقيدت سان هي ڏينهن ملهائيندا آهيون، محفلون منعقد ڪندا آهيون، درود و سلام پڙهندا آهيون ۽ نبي ڪريم ﷺسان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا آهيون، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ به سندن سنت، اخلاق ۽ طريقي کي اختيار ڪريون ٿا؟
جيڪڏهن دنيا جا مسلمان صرف حضور ﷺجي تعليمات کي پنهنجي زندگيءَ جو عملي اصول بڻائي وٺن، ته يقينن سماج ۾ امن، محبت، انصاف ۽ ڀائيچاري جو اهڙو ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو، جيڪو هن دنيا کي جنت جهڙو بڻائي سگهي ٿو۔ رسول الله ﷺجي زندگي رڳو عبادتن جو نمونو نه هئي، پر اها مڪمل انساني اخلاق جو عملي نمونو هئي۔ پاڻ ﷺدوستن سان محبت، دشمنن سان به انصاف، ڪمزورن سان رحم، يتيم سان شفقت، پاڙيسري سان حسنِ سلوڪ ۽ هر انسان سان عزت جو ورتاءُ سيکاريو۔
قرآن پاڪ پاڻ نبي ڪريم ﷺجي اخلاق کي بلند ترين درجو ڏيندي فرمائي ٿو ته بيشڪ اوهان اخلاق جي وڏي مرتبي تي آهيو۔ اهو ئي سبب آهي جو حضور ﷺجي شخصيت جو سڀ کان وڏو اثر تلوار يا طاقت سان نه، پر اخلاق سان ٿيو۔ پاڻ ﷺماڻهن کي فتح ڪرڻ کان اڳ سندن دلين کي فتح ڪيو۔ جيڪي ماڻهو پاڻ ﷺجا مخالف هئا، اهي به سندن صداقت، امانت، رحم ۽ انصاف جا قائل هئا۔
اسان جي موجوده معاشري جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان دين کي گهڻو ڪري عبادتن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسلام انسان جي مڪمل زندگيءَ لاءِ اخلاق ۽ اصول مُهيا ڪري ٿو۔ نماز پڙهڻ سان گڏ ڪوڙ کان بچڻ، روزو رکڻ سان گڏ ڪنهن جي حق تي قبضو نه ڪرڻ، زڪوات ڏيڻ سان گڏ غريب جي عزت ڪرڻ، حج ڪرڻ سان گڏ انسانن سان برابريءَ جو سلوڪ ڪرڻ به دين جو حصو آهي۔ جيڪڏهن عبادت انسان جي اخلاق ۾ تبديلي پيدا نه ڪري ته اسان کي پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي۔
رسول الله ﷺجي سنت جو بنيادي پيغام انسانيت سان ڀلائي آهي۔ پاڻ ﷺپاڙيسري جي حقن تي زور ڏنو۔ اڄ اسان جي معاشري ۾ پاڙيسري جو خيال رکڻ ته پري جي ڳالهه آهي، ڪيترائي ماڻهو پنهنجي پاڙيسري کي تڪليف ڏيڻ کي به معمولي ڳالهه سمجهن ٿا۔ رستن تي بي ترتيبي، گاڏين هلائڻ ۾ بدتميزي، بازارن ۾ دوکو، واپار ۾ ملاوٽ، ملازمن سان ناانصافي، ڪمزور سان بدسلوڪي ۽ اختلاف راءِ تي دشمني، اهي سڀ رويا اسان جي اجتماعي اخلاق جي ڪمزوريءَ جا نشان آهن۔ حضور ﷺواپار ۾ به سچائي ۽ امانت کي بنيادي حيثيت ڏني۔ پر اڄ اسان جي معاشي زندگيءَ ۾ ڪوڙ، دوکو، ملاوٽ، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعو عام شڪايتون آهن۔ جيڪڏهن واپاري رسول الله ﷺجي سنت کي حقيقي معنيٰ ۾ اختيار ڪن ته بازارن ۾ اعتماد پيدا ٿي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن سرڪاري آفيسر امانت ۽ انصاف کي پنهنجو اصول بڻائين ته رشوت ۽ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن سياستدان سچائي ۽ عوامي خدمت کي پنهنجي سياست جو مقصد بڻائين ته سياسي نفرتن ۾ وڏي گهٽتائي اچي سگهي ٿي۔
رسول الله ﷺجي زندگيءَ ۾ عدل جو تصور به انتهائي وسيع هو۔ انصاف صرف پنهنجي دوستن يا پنهنجي گروهه لاءِ نه، پر هر انسان لاءِ هو۔ اڄ اسان جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته اسان انصاف کي به پنهنجي مفاد سان ڳنڍي ڇڏيو آهي۔ پنهنجي ماڻهوءَ جي غلطي کي معاف ڪرڻ ۽ مخالف جي معمولي غلطي کي وڏو جرم بڻائڻ اسان جي اجتماعي روين جو حصو بڻجي چڪو آهي۔ جيڪڏهن اسان حضور ﷺجي عدل کي پنهنجو اصول بڻايون ته معاشري ۾ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ انصاف جو فرق ختم ٿي سگهي ٿو۔ حضور ﷺدشمنن سان به اهڙو اخلاق رکيو، جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ تمام گهٽ ملي ٿو۔ پاڻ ﷺبدلي جي جاءِ تي معافي، نفرت جي جاءِ تي رحم ۽ انتقام جي جاءِ تي درگذر کي ترجيح ڏني۔ اڄ اسان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت انهيءَ اخلاق جي آهي۔ سياسي اختلاف ذاتي دشمني بڻجي وڃن ٿا، مذهبي اختلاف نفرت ۾ تبديل ٿين ٿا، سماجي اختلاف رشتا ٽوڙي ڇڏين ٿا۔ جيڪڏهن اسان اختلاف جي باوجود هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ سکون ته معاشري ۾ نفرت جو وڏو حصو پاڻمرادو ختم ٿي سگهي ٿو۔
اسان کي اهو به سمجههڻ گهرجي ته رسول الله ﷺجي سنت صرف ظاهري شڪل يا ڪجهه مخصوص رسمن جو نالو ناهي۔ سنت هڪ مڪمل طرزِ زندگي آهي۔ ڳالهائڻ جو انداز، واعدي جي پابندي، امانت جي حفاظت، ڪمزور سان رحم، والدين جي عزت، ٻارن سان شفقت، عورتن سان حسنِ سلوڪ، غلامن ۽ محتاجن سان انسانيت وارو ورتاءُ، پاڙيسرين جا حق، يتيم ۽ مسڪين جي مدد ۽ هر انسان سان عزت وارو رويو، اهي سڀ سنت جي عملي صورتون آهن۔
اڄ 12 ربيع الاول جي موقعي تي جيڪڏهن اسان واقعي حضور ﷺسان پنهنجي محبت جو ثبوت ڏيڻ چاهيون ٿا ته صرف نعرا ۽ محفلون ڪافي نه آهن۔ اسان کي پنهنجي ذات کان تبديلي شروع ڪرڻي پوندي۔ اسان اهو عزم ڪريون ته ڪوڙ نه ڳالهائينداسين، ڪنهن جو حق نه مارينداسين، رشوت نه وٺنداسين، ڪنهن کي دوکو نه ڏينداسين، ڪمزور تي ظلم نه ڪنداسين، اختلاف رکڻ باوجود ٻئي انسان جي عزت ڪنداسين ۽ پنهنجي ذميواري ايمانداري سان ادا ڪنداسين۔
12 ربيع الاول جي حقيقي پيغام کي جيڪڏهن هڪ جملي ۾ بيان ڪجي ته اهو آهي: محبتِ رسول ﷺکي اخلاقِ رسول ﷺ۾ تبديل ڪيو وڃي۔ جيڪڏهن مسلمان سچائي، امانت، انصاف، رحم، برداشت، عاجزي، وفاداري ۽ انسان دوستيءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائين، ته مسلمانن جي ذاتي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو۔