سنڌ جي ضلعي دادو جي ڪاڇي واري علائقي جي عوام لاءِ روڊن جي سهولت اڄ به هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي. ترقيءَ جي هن جديد دور ۾ به ڪاڇي جا ڪيترائي ڳوٺ، وسنديون ۽ ننڍا شهر بهتر روڊن جي سهولت کان محروم هجڻ جون شڪايتون ڪن ٿا. برساتن دوران رستا خراب ٿيڻ، سفر ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ، مريضن کي اسپتالن تائين پهچائڻ ۾ دير ۽ شاگردن کي تعليمي ادارن تائين پهچڻ ۾ تڪليفون ڪاڇي جي ماڻهن لاءِ روزمره جي زندگيءَ جو حصو بڻيل آهن.هڪ طرف حڪومت طرفان ترقياتي منصوبن، نون روڊن جي تعمير ۽ پراڻن رستن جي مرمت لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، ته ٻئي طرف علائقي جي عوام پاران روڊن جي اڻپوري تعمير ۽ ترقياتي اسڪيمن ۾ دير جون شڪايتون سامهون اچن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ دادو جي روڊس کاتي جي ڪارڪردگيءَ بابت سوال اٿڻ فطري ڳالهه آهي ته آخر ترقياتي منصوبن لاءِ رکيل رقم ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي ۽ ڪاڇي جي عوام کي انهن منصوبن جو فائدو ڇو نٿو ملي؟
ڪنهن به علائقي جي ترقيءَ ۾ روڊن جو اهم ڪردار هوندو آهي. روڊ رڳو پٿر، بجري، مٽي ۽ اسفالٽ جو نالو ناهن، پر اهي تعليم، صحت، واپار ۽ روزگار تائين پهچڻ جو ذريعو آهن. جڏهن روڊ تعمير ٿين ٿا ته آبادين جو رابطو شهرن سان مضبوط ٿئي ٿو، هارين کي پنهنجي زرعي پيداوار مارڪيٽ تائين پهچائڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ۽ ماڻهن جي سفر جا مسئلا گهٽجن ٿا.پر جيڪڏهن روڊن جي تعمير لاءِ ڪروڙين رپيا مختص ٿيڻ باوجود منصوبا مڪمل نه ٿين، ته پوءِ انهن منصوبن جي افاديت تي سوال ضرور اٿندا. ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ روڊن جي اڻپوري تعمير بابت مقامي ماڻهن جي شڪايتن جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن منصوبي لاءِ فنڊ جاري ٿيا آهن، ڪم جي شروعات ٿي آهي، پر مقرر مدي اندر منصوبو مڪمل نه ٿيو آهي، ته ان جا سبب عوام آڏو پڌرا ٿيڻ گهرجن.هتي اهم سوال اهو آهي ته ڇا منصوبن جي نگرانيءَ جو مناسب نظام موجود آهي؟ ڇا ٺيڪيدارن کان ڪم مقرر معيار موجب ورتو وڃي ٿو؟ ڇا لاڳاپيل انجنيئر ۽ آفيسر تعميراتي ڪم جي باقاعده چڪاس ڪن ٿا؟ ۽ جيڪڏهن ڪنهن اسڪيم ۾ بي ضابطگي ٿي آهي، ته ذميوارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي؟
ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن جا الزام ڪنهن به سماج لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته سرڪاري فنڊ عوام جي ٽيڪسن ۽ قومي وسيلن مان فراهم ٿيندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن روڊ جي تعمير لاءِ مقرر ڪيل رقم جو غلط استعمال ٿئي، ناقص مٽيريل استعمال ڪيو وڃي يا ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاريو وڃي، ته ان جو نقصان سڌو سنئون عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو.دادو جي روڊس کاتي ۽ ڪاڇي جي اڻپوري روڊ اسڪيمن بابت جيڪڏهن ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جا الزام سامهون اچي رهيا آهن، ته انهن کي نظرانداز ڪرڻ بدران لاڳاپيل اختيارين کي شفاف جاچ ڪرائڻ گهرجي. هر اسڪيم جي منظور ٿيل لاڳت، جاري ڪيل رقم، ٺيڪيدار، ڪم جي شروعات ۽ مڪمل ٿيڻ جي تاريخ، تعميراتي معيار ۽ موجوده صورتحال بابت تفصيل عوام آڏو آندا وڃن.ساڳئي وقت اهو به ضروري آهي ته جاچ کان اڳ ڪنهن به آفيسر، انجنيئر يا ٺيڪيدار کي ڏوهاري قرار نه ڏنو وڃي. الزام ۽ ثابت ٿيل ڪرپشن ۾ فرق آهي. جيڪڏهن جاچ دوران مالي بي ضابطگيون ثابت ٿين، ته پوءِ قانون موجب ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سرڪاري رقم جي نقصان جي وصوليءَ لاءِ به قدم کنيا وڃن
ڪاڇي جي ماڻهن جو ڏوهه آخر ڪهڙو آهي، جو کين اڄ به بنيادي سهولتن لاءِ پريشان ٿيڻو پوي ٿو؟ هڪ پاسي ماڻهو محنت ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالين ٿا، ٻئي پاسي خراب رستن سبب کين سفر ۾ اضافي خرچ، وقت جو زيان ۽ ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.برساتن جي موسم ۾ جيڪڏهن رستا بند يا خراب ٿي وڃن، ته مريضن کي اسپتال پهچائڻ هڪ وڏو مسئلو بڻجي وڃي ٿو. اسڪولن ڏانهن ويندڙ ٻارن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي. هارين کي پنهنجي فصلن جي منتقليءَ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي ۽ واپارين کي به نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته دادو روڊس کاتي لاءِ سوني جهرڪي مثل بڻيل ڪاڇي جي روڊ اسڪيمون ڪڏهن مڪمل ٿينديون ؟