سال جي سمورن وڏن ڏينهن مان سڀ کان عظيم ۽ مبارڪ ڏينهن اهو آهي جنهن ڏينهن رحمتِ اللعالمين نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم هن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا۔ ان مبڍرڪ ڏينهن کي "ميلاد النبي صَلَّي اللّٰه عَلَيهِ وَ آلِه وَسَلَّم” چئبو آهي۔ ميلاد جو مطلب آهي "پيدائش جي خوشي”۔ الله تعاليٰ قرآن مجيد جي سوره يونس 58 ۾ ارشاد فرمائي ٿو ته "الله جي فضل ۽ سندس رحمت سان، ته ان تي کين خوش ٿيڻ گهرجي” مفسرين لکن ٿا ته هتي "فضل” مان مراد علم ۽ "رحمت” مان مراد حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ذات مقدس آهي۔ پوءِ جڏهن الله پاڻ حڪم ڏئي رهيو آهي ته "رحمت” جي اچڻ تي خوشي ملهايو، ته پوءِ اسان لاءِ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت جي خوشي ملهائڻ عين قرآن جي حڪم تي عمل آهي۔
قرآن مجيد جي سوره آل عمران(164) ۾ الله سائين فرمائي ٿو ته”بيشڪ الله مسلمانن تي وڏو احسان ڪيو جڏهن انهن ۾ سندن مان هڪ رسول موڪليو”
سڀ کان وڏو احسان، سڀ کان وڏي نعمت جي ملڻ تي شڪر ۽ خوشي ملهائڻ ايمان جو تقاضو آهي۔
حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن کان پڇيو ويو ته يارسول الله صه توهان سومر جو روزو ڇو ٿا رکو؟ تنهن تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: "اهو اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ آئون پيدا ٿيس”۔
هن حديث مان ثابت ٿيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم پاڻ پنهنجي ولادت جي ڏينهن جي تعظيم فرمائيندا هئا۔ جيڪڏهن سومر جي ڏينهن روزو رکي شڪر ادا ڪرڻ سنت آهي، ته پوءِ ربيع الاول جي مهيني ۾ محفلون ۽ جلسون ڪري، درود پڙهي، سيرت بيان ڪري شڪر ادا ڪرڻ ڪيئن بدعت ٿي سگهي ٿو؟ ميلاد ملهائڻ، درود وسلام پڙهڻ، سيرت ٻڌڻ، غريبن کي کارائڻ وغيره اهي سڀ چڱا ڪم آهن۔ انهن کي جاري ڪرڻ تي اجر ملندو۔ صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين جي زندگي ميلاد جي محبت سان ڀريل هئي۔ حضرت حسان بن ثابت رضي الله عنه مسجد نبوي ۾ بيهي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي مدح ڪندا هئا۔ توهان صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: "حسان! مدح ڪر، جبرائيل تنهنجي مدد ڪري رهيو آهي”۔
ڇا هي ميلاد نه آهي؟ سيرت جو بيان، مدح، خوشي جو اظهار ڪرڻ اهو ئي ته ميلاد آهي۔ تاريخي حوالن مان به واضح آهي ته نبي ڪريم صَلَّي اللّٰه عَلَيهِ وَ آلِه وَسَلَّم جي ولادت جي خوشي ملهائڻ، سال جي سڀني ڏينهن ۾ خاص ڪري مهيني ربيع الاول ۾ اجر و ثواب جي نيت سان پاڻ سڳورن صَلَّي اللّٰه عَلَيهِ وَ آلِه وَسَلَّم جا فضائل بيان ڪرڻ ۽ نذرانا عقيدت پيش ڪرڻ اهلِ اسلام جو طريقو رهيو آهي۔ اها ڳالهه آفتاب جيان روشن آهي ته ميلاد ملهائڻ هڪ ڪارِ خير ۽ باعثِ اجر و ثواب آهي۔ انهيءَڪري ئي جمهور محدثين، مفسرين، مورخين رحمهم الله ميلاد النبي صَلَّي اللّٰه عَلَيهِ وَ آلِه وَسَلَّم کي هڪ امرِ خير سمجههن ٿا ۽ ان کي ملهائيندڙن لاءِ الله عزّوجل جي طرفان اجرِ عظيم جي اميد رکن ٿا۔
نبي ڪريم صَلَّي اللّٰه عَلَيهِ وَ آلِه وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو ته جيڪو شخص اسلام ۾ ڪنهن چڱي طريقي کي رائج ڪندو، ته ان کي ان جو ثواب ملندو، ۽ انهن ماڻهن کي عمل جو به ثواب ملندو جيڪي ان جي ايجاد ڪيل فعل تي عمل ڪندا رهندا ۽ عمل ڪندڙن جي اجر ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿيندي۔ اهلِ بدعت يعني غير مقلدين جن عقيدن ۾ مختلف بدعتون ڪڍيون آهن۔ ۽ دين جي هر مسئلي ۾ انهن جو پوري امت کان الڳ رهڻ جو عزم آهي۔ اهي ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلّم کي "بدعت بدعت” ڪري رٽ لڳائيندا رهن ٿا پر انهن وٽ ان جي حرمت جو ڪو دليل ناهي،
امام شافعي رحمه الله فرمائن ٿا ته جيڪا نئين ڳالهه ڪتاب، سنت، اجماع ۽ اثر جي مخالف هجي اها بدعتِ ضلاله آهي ۽ جيڪا نئين ڳالهه خير مان پيدا ٿئي ۽ انهن جي مخالف نه هجي اها بدعتِ محموده آهي۔
حڪيم الامت ديوبند جناب اشرف علي ٿانوي ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم کي "عيد ميلاد” لکن ٿا ۽ لکن ٿا اسان ان کي باعثِ برڪت سمجههون ٿا ۽ جنهن گهر ۾ عيد ميلاد ملهائي وڃي ان ۾ برڪت ٿئي ٿي۔ ڇوته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جو وجود سڀ کان وڏي نعمت آهي ۽ ذڪرِ ولادتِ مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ٻين اذڪارِ خير جيان ثواب ۽ افضل آهي۔
مفتي رشيد احمد لديانوي ديوبندي لکي ٿو ته جڏهن ابو لهب جهڙي ڪافر لاءِ ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي خوشي جي ڪري عذاب ۾ تخفيف ٿي وئي، ته جيڪو به امتي توهان صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت جي خوشي ڪري ۽ پنهنجي وساعت مطابق توهان صلي الله عليه وآله وسلم جي محبت ۾ خرچ ڪري ته هو اعليٰ مرتبا ڇو نه حاصل ڪندو۔ ائين مفتي محمد فريد ديوبندي جو فتويٰ آهي ته جلوسِ ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جائز آهي بشرطيڪه منڪرات کان پاڪ هجي۔ حاجي امداد الله مهاجر مڪي فرمائن ٿا ته فقير جو مشرب اهو آهي ته محفلِ مولود ۾ شريڪ ٿيان ٿو، بلڪه برڪتن جو ذريعو سمجههي هر سال منعقد ڪريان ٿو ۽ قيام ۾ لطف ۽ لذت پايان ٿو۔ ٻئي هنڌ چون ٿا ته مولود شريف تمام اهلِ حرمين ڪن ٿا، انهيءَقدر اسان لاءِ حجت ڪافي آهي۔
مٿين سڀني اقتباسن مان واضح ٿئي ٿو ته علماءِ ديوبند جي وڏن امامن ۽ علماء جي نزديڪ ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم ملهائڻ جائز ۽ مستحب عمل آهي۔
الله پاڪ اسان سڀني کي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم سان سچي محبت ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمين.